ماٺيڻو محقق: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ماٺيڻو محقق: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

    تحرير : عطاءُ الله شاهه بخاري

    [JUSTIFY]سرزمين سنڌ تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڪيئي اَملهه موتي پيدا ڪيا آهن، جن جي هڪ وڏي فهرست آهي. هتي آئون صرف پنهنجي دور جي مڃيل محقق، استاد، شاعر، نقاد ۽ پنهنجي مٽيءَ سان پيار ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو مختصر ذڪر ڪندس.

    هونئن ته ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق جي شعبي ۾ مڃتا پوري سنڌ اندر آهي، پر ملڪي سطح تي سندس نالو مانوارن محققن جي فهرست ۾ نمايان آهي. پر گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته ڊاڪٽر عبدالجبار موسيقيءَ ۾ پڻ وڏي مهارت رکي ٿو. اسان لاڙ وارن لاءِ ته ڊاڪٽر صاحب وڏي وٿ آهي. نوجوانن لاءِ ڇپر ڇانءَ، استادن اديبن لاءِ رهبر ۽ وڏي ڄمارَ وارن لاءِ مثالي انسان آهي. مون جڏهن سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ”ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو“ پڙهيو ته دنگ رهجي ويس. ان هڪ ڪتاب جي ترتيب لاءِ جوڻيجي صاحب سوين ڪتاب، مضمون ۽ مقالا پڙهيا ۽ مصنف سان روبرو ملي مستند ڄاڻ حاصل ڪئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊاڪٽر جوڻيجي جو اهو هڪ نئون لاڙو هو، ان کان اڳ اهڙي جامع ڪوشش ڪنهن ڪانه ڪئي هئي. ان ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي مڪمل سوانح، علمي پورهيو ۽ جستجو جي تفصيلي تاريخ سمايل آهي. ان ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪمن ۽ ڪارنامن کان بخوبي آگاهه ٿي سگهي ٿو. ان نئين ادبي روايت کي ڊاڪٽر صاحب اڃا به اڳتي وڌايو ۽ ’شيخ اياز: هڪ مطالعو‘، ’ڊاڪٽر سنديلو: هڪ مطالعو‘، ’محمد سومار شيخ: هڪ مطالعو‘، ’سرائيڪي شاعري: هڪ مطالعو‘ لکي، ان روايت کي پڪو پختو ڪيو. ان جي تقليد ۾ پوءِ ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ اديبن ۽ خاص طور ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ مختلف عالمن، اديبن ۽ شاعرن تي ساڳي انداز ۾ ڪتاب تيار ڪرايا آهن، جيڪي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهم سرمايو ثابت ٿيا آهن.

    آئون سنڌ جي نون ليکڪن ۽ خاص طور تحقيق جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙن کي صلاح ڏيندس ته هو ڊاڪٽر صاحب جا ترتيب ڏنل ان طرز جا ڪتاب ضرور پڙهن. ان سان نه صرف مٿين شخصيتن بابت کين مڪمل ڄاڻ حاصل ٿيندي، پر ان سان کين جديد تحقيق جا نوان گُر ۽ گس پڻ معلوم ٿيندا.

    ڊاڪٽر صاحب 1952ع کان شاعري شروع ڪئي هئي ۽ ”شام“ تخلص سان دوها، بيت، وايون ۽ نظم چيائين. سندس شاعري جو هڪ مجموعو ”مرگهه ترشنا“ جي نالي سان 1976ع ۾ ڇپيو، جنهن کيس سٺن شاعرن جي صف ۾ بيهاري ڇڏيو، پر اڄڪلهه نه ته هو شاعري ڪري ٿو ۽ نه وري پنهنجي نالي سان تخلص ”شام“ جو استعمال ڪري ٿو. شايد ان جو هڪ سبب اهو به هجي ته ”عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان جيءَ جو جانان نه رهيو....“

    ڊاڪٽر صاحب لسانيات جو وڏو ماهر آهي، هن سلسلي ۾ پاڻ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون اٿس. پاڻ سنڌي، انگريزي، اردو، سرائيڪي، پنجابي ۽ چيني ٻولين جو ماهر آهي. عربي ۽ فارسي ٻولين جي به سٺي ڄاڻ رکي ٿو. سندس تعلق جيئن ته لاڙ واري علائقي سان آهي، ان ڪري هن ”لاڙ جي لغات“ ترتيب ڏني آهي، جنهن ۾ نج لاڙ جا ڪيترائي لفظ شامل آهن، پر ڪيترائي لفظ اهڙا به شامل آهن، جيڪي اتر توڙي وچولي سنڌ ۾ پڻ رائج آهن. هن ”سنڌي ادب جي تاريخ“ لکي آهي، جيڪو نهايت ڪارآمد ڪتاب آهي ۽ ادب جي شاگردن جي سٺي رهنمائي پڻ ڪري ٿو. علي نواز جتوئي مرحوم سان گڏجي ترتيب ڏنل سندس هڪ ٻيو ڪتاب ”غزلن جو غنچو“ بي- اي جي ڪورس لاءِ منظور ٿيل آهي. ان کان علاوه سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب مختلف موضوعن تي ڇپيل آهن، جن مان ڪجه هن ريت آهن:

    ”سوکڙي“ (بيتن ۽ ڪهاڻين جو مجموعو 1956ع)،
    ”اباڻو گهر“ (ڪهاڻين جو مجموعو 1958ع)،
    ”دانشمندي“ (ايڊٽ ڪيل 1958ع)،
    ”ڪنز اللطيف“ (شاهه جي رسالي بابت 1961ع)،
    ”سوري آ سينگار“ (ناول 1963)،
    ”غزلن جو غنچو“ (ايڊٽ ڪيل 1963ع)،
    ”سنڌيون“ (مذهبي شعر بابت 1970ع)،
    ”سڄڻ نت سوجهرو“ (حضور صه بابت نظم جو ترجمو 1971ع)،
    ”سنڌي ٻيو ڪتاب“ (نصاب 1973ع)
    ”مائوءَ جي ملڪ ۾“ (سفرنامو 1973ع)،
    ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (ٽي ايڊيشن 93-83-1973ع)،
    ”اڪيلي“ (ناول ترجمو 1974ع)،
    ”لاڙ جي لغات“ (1975ع)،
    ”مرگهه ترشنا“ (شعرن جو مجموعو 1976ع)،
    ”لطيفيات“ (ببليو گرافي 1977ع)،
    ”لطيف ڪوئيز“ (شاهه لطيف بابت چٽاڀيٽيءَ جا سوال 1978ع)،
    ”سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر“ (ٿيسز 1980ع)،
    ”نه ڪر هار سينگار سکي“ (ڪهاڻين جو مجموعو 1981ع)،
    ”سچل نامو“ (ببليو گرافي 1981ع)،
    ”ديپڪ ملهار“ (آتم ڪهاڻي 1984ع)،
    ”سنڌي لوڪ گيت“ (1985ع)،
    ”سليس سنڌي“ (نصاب 1989ع)،
    ”سنڌي ڪوئيز“ (معلومات 1989ع)،
    ”ونڊ سر محل جو مسافر“ (سفرنامو 1989ع)،
    ”لاڙ جو مطالعو“ (مرتب ڪيل 1991ع)،
    ”ٿر جي ٻولي“ (هدايت پريم سان گڏ 1994ع)،
    ”مقالا“ (بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس لاءِ تربيت ڏنل 1988ع)،
    ”نرتي تند نيازسين“ (مرتب 1988ع)،
    ”ڪٺمال“ (تنقيدي مضمون 2003ع)،
    ”سنڌي لوڪ گيت“،
    ”سليس سنڌي“،
    ”سرائيڪي شاعري: ايڪ مطالعه“ ۽
    ”ميرا عشق ڀي تو“.

    جيئن مٿي عرض ڪري آيو آهيان ته ڊاڪٽر جبار جو اهم ڪم مختلف شخصيتن بابت مطالعا لکڻ آهي. اهڙي طرح ”سنڌي ادب جي تاريخ“ به سندس لازوال ڪم آهي. ان ڏس ۾ پهريون قدم محمد صديق مسافر کنيو هو، هن ٻن جلدن ۾ ادبي تاريخ لکي، جنهن ۾ وڏو ڀاڱو انگريزن جي دور بابت آهي. ان کان پوءِ ٻين عالمن ۽ اديبن خاص طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تحقيقي ڪم ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ اهم آهن، پر ڊاڪٽر عبدالجبار نهايت تحقيق ۽ باريڪ بينيءَ سان اهم ڪم ڪيو آهي. سندس پهريون ڇاپو زيب ادبي مرڪز پاران 1973ع ۾ شايع ٿيو، جيئن ته اهو ڪتاب نصاب تي رکيو ويو هيو، ان ڪري جلد ناپيد ٿيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو ساڳئي اداري پاران 1983ع ۾ پڌرو ڪيو ويو.

    ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ جي ٻئي جلد لاءِ اٿارٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته: ”ان ڪتاب جو ادبي تاريخ جي ڪتابن ۾ هڪ جدا ۽ منفرد مقام آهي، ڇاڪاڻ جو ڊاڪٽر عبدالجبار سلسليوار سڀني اهم ۽ غير اهم اديبن شاعرن جو ذڪر ڪرڻ بدران هر دور جي صرف نمائنده ليکڪن جي باري ۾ لکيو آهي، پر اهو صرف ذڪر نه پر باقاعده تنقيدي انداز ۾ لکيل آهي. ادبي تنقيدي تحقيق جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب جي مضمونن ۽ مقالن جو ڪتاب ”ڪٺمال“ به اهم تصنيف آهي. هن ۾ سندس مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل ادبي مضمون آهن، جن ۾ شاهه، سچل، سنڌي ٻولي، سنڌي شاعري ۽ شخصي مضمون وغيره شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ جي عنوان سان جامع ادبي تاريخ لکي رهيو آهي، جنهن جو پهريون جلد شايع ٿي چڪو آهي. اهو ڪتاب سڀني ادبي تاريخن کان منفرد ۽ مستند آهي.“

    ڊاڪٽر صاحب جي تنقيد ۽ تحقيق جي خاص ڳالهه اها به آهي ته هن سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن ۽ قديم سنڌي شاعرن جي ارتقا ۽ اوسر تي به گهڻو ڪم ڪيو آهي. خاص طور شاهه لطيف جي فن، فڪر ۽ سوانح تي ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿائين. جيڪي ”لطيفيات ۾ نهايت اهم جڳهه والارين ٿا. لطيفيات بابت ببليو گرافي جي ابتدا به هن ڪئي. اهڙي طرح سچل سرمست تي به سندن مطالعو گهرو ۽ وسيع آهي. شاعري جي مختلف صنفن جي هيئت ۽ اوسر تي به ڪيترائي مقالا لکيا اٿائين.

    attuallahshahbukhari@yahoo.com[/JUSTIFY]

    روزانه عبرت تان ورتل
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ماٺيڻو محقق: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

    ادا بهترين مضمون آهي ۔ ڪافي جانڪاري ملي سائين عبدالجبار جوڻيجو جي باري ۾ ۔ لک ٿورا
     
  3. محمد سليم مگسي

    محمد سليم مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 مارچ 2011
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ماٺيڻو محقق: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

    جنهن محنت جو اجورو دنيا ۾ ڪوب دولتمند ڏئي نٿو سگهي تنهن محنت جو ڦل پڙهندڙ جي هٿن جي مير ۽ اکين جي اوجاڳي ۽ ذهن جي سجاڳي مان جيسين قلم ڪاتي تي وهندو رهندو تيسين حيات جاويدان جي رائج الوقت صورت ۾ ملندو رهندو۔ اسان جون هي پياريون هستيون ساري دنيا ۾ مهان هستيون آهن۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ماٺيڻو محقق: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

    سائين مگسي صاحب مهرباني

    سنڌ جي سپوتن کي سلام آهي ، سندن ڪيل هي قلمي پورهيو تا قيامت قائم رهندو ۽ اڻ کُٽ انسان ان مان سيراب ٿيندا۔ سنڌي جي اهڙي ڏاهن کي سلام آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو