• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سلامت سنڌ جو نعرو۔۔

سلامت سنڌ جو نعرو​
۔
۔
new-copy.png

(تنهنجو نعرو منهجو نعرو سلامت سنڌ جو نعرو.)

مٺي ٻـولي ، امڙ لولي، مـٺو ڪوئل جو ڪونجـڻ آ
مٺا ناتا، مٺا رشتا ، مــٺو رشتــن جو پــرکـــڻ آ
سُٺايون هت سچايـون هت سچـو هي ديـش آ يـارو
تنهنجو نعرو منهجو نعرو سلامت سنڌ جو نعرو

گـُلـن هـُٻـڪـار باغـن ۾ پکـن چـهـڪـار بـاغــن ۾
اخـوت ۽ صـداقـت ۽ سـڄــو سـهـڪــار مـاڳـن ۾
نه ڪـا نـفـرت نـه ڪـي ڪيـنـو رڳــو بــس پيـار آيـارو
تنهنجو نعرو منهجو نعرو سلامت سنـڌ جو نعرو

هتـي محـنت سـان هاري خاڪ پيٽـان سـون مـاڻن ٿا
ڪمند، ڪڻڪون، سڀئـي سبزيون سڄي دنيا اماڻڻ ٿا
فـصـل، مـيـون ۽ ڀـاڄـيـن جـي هـتـي ڀـرمـار آ يــارو
تـنـهنجو نعـرو منهجـو نعـرو سلامت سنڌ جو نـعرو

ڀـٽـائي ۽ سچـل، سـامـي ،قـلنـدر لـعـل سـنڌڙيءَ آ
اديــبــن ۽ قـلـمـڪارن سنـدو پنـڊال سنــــڌڙي آ
عـلــم جــي سـان دولـتـن سنـڌ مـالا مــال آ يــارو
تنهنجو نعرو منهجو نعرو سلامت سنـڌ جو نـعـرو

جيسين جيئرو آهي درويش تنهنجا گـيت ئي لکنـدو
سنڌو، هر رسم کي لکندو تنهنجي هر ريت کي لکندو
نڀائينـداسـين سنڌ سان جـهڙو پنهنجو حـال آيـارو
تنهنجـو نعرو منهجـو نعرو سلامت سنڌ جـو نعـرو

عمران درويش سومرو

۔
۔
۔
 
جواب: سلامت سنڌ جو نعرو۔۔

ادا عمران صاحب تمام بهترين شاعري۔۔اوهانجي شاعري جي جيتري تعريف ڪجي سان گهٽ آهي۔۔پنهنجي شاعري کي سٺا رنگ ڏئي اسان سان ونڊڻ جي مهربان۔​
 
جواب: سلامت سنڌ جو نعرو۔۔

عمران درويش جو هي نظم پڙهي، ائين لڳو ته آءُ ٻاراڻي جي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل ڪو نظم پڙهي رهيو هجان ۔۔۔ جيئن اسانجي ڪتاب ۾ هڪ نظم هوندو هو ؛
سنڌ اسانجي ساوڪ واري
جنهن ۾ آهي درياهه جاري
ميوا گل ڦل، ڀاڄيون، ٻوٽيون
پوکن ٿا جنهن ۾ هاري ناري۔

اهو نظم مونکي ايترو ته وڻندو هو جو آءُ جڏهن به سنڌ جي ساوڪ ڏسندو هوس ته اهو نظم ذهن تي تري ايندو هو ۔۔۔

اڄ جڏهن دوست درويش جو هي خوبصورت نظم نظر مان گذريو ته وري مونکي سموري سنڌ ياد اچي وئي، سنڌ جي ساوڪ، سنڌ جي سونهن ۽ سنڌ جي خوشحالي ياد اچي وئي ۔۔۔

دوريش سائين تمام سهڻو نظم، تمام گهڻي عقيدت مان ۽ دل جي اٿاهه محبت سان لکيل نظم آهي ۔۔۔ ونڊ ڪرڻ جا لک ٿورا

رب تعالا اوهان دوستن کي هميشه شاد ۽ آباد رکي ۔۔۔ آمين
 
جواب: سلامت سنڌ جو نعرو۔۔

ادا عمران مهرباني

اوهان جا ليک سنڌ سلامت جي سونهن آهن ۽ وري اڄوڪو ليک شاعريء جي ڪري سنڌ سلامت کي چار چنڊ لڳايو بيٺو آهي۔

اسان جو نعرو به سنڌ سلامت آهي۔ اوهان لاء دعا ته اوهان جڳ جڳ جيئو رب پاڪ اوهان کي خوشين جا خزانه ڏي ، خوش رکي ۽ دراز عمر عطا ڪري جيئن سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو۔

سهڻي ۽ من موهيندڙ سٽن لاء اوهان جا لک قرب
 
جواب: سلامت سنڌ جو نعرو۔۔

تمام بهترين شاعري آهي ادا عمران درويش سومرا صاحب

توهان جون ڪوششون شاعري ۽ سنڌ سلامت فورم لا۽ لاجواب آهن

سدائين گڏ
 
جواب: سلامت سنڌ جو نعرو۔۔

هتـي محـنت سـان هاري خاڪ پيٽـان سـون مـاڻن ٿا
ڪمند، ڪڻڪون، سڀئـي سبزيون سڄي دنيا اماڻڻ ٿا
فـصـل، مـيـون ۽ ڀـاڄـيـن جـي هـتـي ڀـرمـار آ يــارو
تـنـهنجو نعـرو منهجـو نعـرو سلامت سنڌ جو نـعرو

ڀـٽـائي ۽ سچـل، سـامـي ،قـلنـدر لـعـل سـنڌڙيءَ آ
اديــبــن ۽ قـلـمـڪارن سنـدو پنـڊال سنــــڌڙي آ
عـلــم جــي سـان دولـتـن سنـڌ مـالا مــال آ يــارو
تنهنجو نعرو منهجو نعرو سلامت سنـڌ جو نـعـرو

اسان جو دوست درويش صفا اصل ڪو شاعر آهي۔۔۔ سندس سنڌ ماتا لاءِ لکيل هي لفظ ۔۔۔ جن مان شروع وارو لفظ پڙهندي باقي لفظ پاڻهي زبان مان ائين تري ٿا نڪرن جهڙوڪ اها شاعري پنهنجي لکيل هجي۔۔۔ يا وري سائين نثار چواڻي ته ڪو پرائمري جو بيت جيڪو بار بار پڙهي ياد رکيو هجي۔۔۔ جي لفظن جي تور تڪ ڪجي ته به پوري ۽ جي سوچ جي تڪ تور ڪجي اها به پوري۔۔۔ سچي به ته محبت جو اظهار انهي انداز سان تمام ڀلو لڳو۔۔۔ مٿان وري سنڌ سلامت جي نعري سان مطابقت ڪندڙ لفظن سلامت سنڌ ته جي ٺاريندڙ لڳو۔۔۔
ڀلو ڀلو ۔۔۔۔ مٺا درويش جاري رکجو۔۔۔
 
جواب: سلامت سنڌ جو نعرو۔۔

عـلــم جــي سـان دولـتـن سنـڌ مـالا مــال آ يــارو
تنهنجو نعرو منهجو نعرو سلامت سنـڌ جو نـعـرو

ادا عمران زبردست محنت ڪئي آهي اوهان ۔

اسانجي طرفان اوهان کي مبارڪون
 
جواب: سلامت سنڌ جو نعرو۔۔

ادا عمران صاحب تمام بهترين شاعري۔۔اوهانجي شاعري جي جيتري تعريف ڪجي سان گهٽ آهي۔۔پنهنجي شاعري کي سٺا رنگ ڏئي اسان سان ونڊڻ جي مهربان۔​

ادا عاشق وڏي مهرباني پسند ڪرڻ ۽ همٿ افضائي ڪرڻ جي۔۔۔۔
 
جواب: سلامت سنڌ جو نعرو۔۔

عمران درويش جو هي نظم پڙهي، ائين لڳو ته آءُ ٻاراڻي جي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل ڪو نظم پڙهي رهيو هجان ۔۔۔ جيئن اسانجي ڪتاب ۾ هڪ نظم هوندو هو ؛
سنڌ اسانجي ساوڪ واري
جنهن ۾ آهي درياهه جاري
ميوا گل ڦل، ڀاڄيون، ٻوٽيون
پوکن ٿا جنهن ۾ هاري ناري۔

اهو نظم مونکي ايترو ته وڻندو هو جو آءُ جڏهن به سنڌ جي ساوڪ ڏسندو هوس ته اهو نظم ذهن تي تري ايندو هو ۔۔۔

اڄ جڏهن دوست درويش جو هي خوبصورت نظم نظر مان گذريو ته وري مونکي سموري سنڌ ياد اچي وئي، سنڌ جي ساوڪ، سنڌ جي سونهن ۽ سنڌ جي خوشحالي ياد اچي وئي ۔۔۔

دوريش سائين تمام سهڻو نظم، تمام گهڻي عقيدت مان ۽ دل جي اٿاهه محبت سان لکيل نظم آهي ۔۔۔ ونڊ ڪرڻ جا لک ٿورا

رب تعالا اوهان دوستن کي هميشه شاد ۽ آباد رکي ۔۔۔ آمين

سائين اوهان جا شفقت ڀريا هٿ مٿي تي رهيا ۽ دعائون گڏ هونديون ته انشا ڪم سولا ٿي پوندا۔۔
پسند ڪرڻ جي مهرباني،،،،،
 
جواب: سلامت سنڌ جو نعرو۔۔

ادا تمام بهترين ونڊ آهي .

ادا اوهان جي به مهرباني جو اوهان هن شاعري کي پسند ڪيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا عمران مهرباني

اوهان جا ليک سنڌ سلامت جي سونهن آهن ۽ وري اڄوڪو ليک شاعريء جي ڪري سنڌ سلامت کي چار چنڊ لڳايو بيٺو آهي۔

اسان جو نعرو به سنڌ سلامت آهي۔ اوهان لاء دعا ته اوهان جڳ جڳ جيئو رب پاڪ اوهان کي خوشين جا خزانه ڏي ، خوش رکي ۽ دراز عمر عطا ڪري جيئن سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو۔

سهڻي ۽ من موهيندڙ سٽن لاء اوهان جا لک قرب

ڀا سليمان لک لائق اوهانجو ايترو سارو مان ڏيڻ‌اصل درويش ڪپڙن ۾‌نه ٿو ماپي۔۔۔۔
وڏي وڏي مهرباني سائين جو اوهان منهنجي هن شاعري جي ساراه ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سلامت سنڌ جو نعرو۔۔

تمام بهترين شاعري آهي ادا عمران درويش سومرا صاحب

توهان جون ڪوششون شاعري ۽ سنڌ سلامت فورم لا۽ لاجواب آهن

سدائين گڏ

ادا فقير کي درويش جي شاعري وڻي مطلب ته واه واه ٿي ويئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
مهرباني ادا سدائين گڏ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سلامت سنڌ جو نعرو۔۔

اسان جو دوست درويش صفا اصل ڪو شاعر آهي۔۔۔ سندس سنڌ ماتا لاءِ لکيل هي لفظ ۔۔۔ جن مان شروع وارو لفظ پڙهندي باقي لفظ پاڻهي زبان مان ائين تري ٿا نڪرن جهڙوڪ اها شاعري پنهنجي لکيل هجي۔۔۔ يا وري سائين نثار چواڻي ته ڪو پرائمري جو بيت جيڪو بار بار پڙهي ياد رکيو هجي۔۔۔ جي لفظن جي تور تڪ ڪجي ته به پوري ۽ جي سوچ جي تڪ تور ڪجي اها به پوري۔۔۔ سچي به ته محبت جو اظهار انهي انداز سان تمام ڀلو لڳو۔۔۔ مٿان وري سنڌ سلامت جي نعري سان مطابقت ڪندڙ لفظن سلامت سنڌ ته جي ٺاريندڙ لڳو۔۔۔
ڀلو ڀلو ۔۔۔۔ مٺا درويش جاري رکجو۔۔۔
۔
پيارا ڀا رشيد شال جڙيا هجو جو اوهان مون جهڙي سيکڙاٽ کي شاعر جي نالي سان نوازيو۔۔۔
ادا سنڌ سان اسان جو رت جو رشتو آهي جنهن کي لفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ادب جي اوطاق تي
ونڊ ڪيم۔۔۔ جنهن جا سنڌ سان رت جا رشتا هجن انهن جي زبان مان سنڌ سلامت جا لفظ ئي نڪرندا۔۔

پسند ڪرڻ‌ جي مهرباني۔۔۔

دعا ۾ ياد۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سلامت سنڌ جو نعرو۔۔

عـلــم جــي سـان دولـتـن سنـڌ مـالا مــال آ يــارو
تنهنجو نعرو منهجو نعرو سلامت سنـڌ جو نـعـرو

ادا عمران زبردست محنت ڪئي آهي اوهان ۔

اسانجي طرفان اوهان کي مبارڪون
۔
ڀا افتخار اوهان دوستن جي اهڙي حوصلو افضائي سان دل باغ بهار ٿيو وڃي۔۔
پسند ڪرڻ‌جي مهرباني۔۔

دعا ۾‌ياد
 
Back
Top