سيد، فاضل، آزادي ۽ انقلاب

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سيد، فاضل، آزادي ۽ انقلاب​

    عاجز جمالي
    سنڌ جي نئين نسل جي اکين ۾ آزادي ۽ انقلاب جا خواب بس خواب ئي رهجي ويا آن. سنڌ جي آزاديءَ جو خواب جي ايم سيد نوجوان نسل جي اکين ۾ پوکي ويو ۽ سنڌ ۾ انقلاب جو خواب هارين، پورهيتن ۽ عورتن جي اکين ۾ فاضل راهو پوکي ويو. پر آزاد ۽ انقلاب جي پوکيل خوابن جو فصل جمهوريت ۽ قومپرستيءَ جي نالي تي سياست ڪندڙ لُڻي نه سگهيا، جنهن سبب سنڌ هِن خطي ۾ هڪ عجيب مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. سيد ۽ فاضل جي جنم ڏينهن ۽ ورسيءَ تي اڄ ”سن“ ۽ ”راهوڪيءَ“ ۾ سياسي ميڙاڪا ٿي رهيا هوندا. پر اڄوڪي سنڌ ”آزادي“ ۽ انقلاب جي حقيقت کان گهڻو پري آهي. آزاديءَ جي نالي تي دهشت، بم ڌماڪن ۽ ڀتاگيريءَ جي سياست جڳهه والاري آهي. انقلاب جو نالو اڄ نسل پرستن ۽ سرمائيداراڻي سياست جي پوئلڳن لاءِ پُرڪشش بڻجي ويو آهي. سنڌ جي وڏيرڪي ڪلاس سان واسطو رکندڙ جي ايم سيد ۽ فاضل راهو سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند سياست جا ٻه هاڪاري ڪردار هُئا، جن عام ماڻهوءَ کي سياست جي سادگي، سچائي ۽ عوام دوستيءَ جو رستو ڏيکاريو، پر الميو ئي چئي سگهجي ٿو ته اڄ سياست جا مٿيان پهلو رڳو لفظن جي حد تائين بچيا آهن.
    جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو ڪردار رهيو، جنهن سياست، ادب ۽ سنڌين جي الڳ حيثيت لاءِ ڪانگريس ۾ ويڙهه ڪئي. تاريخ سندس مسلم ليگ ۾ شموليت کي درست قرار ڏيندي يا نه پر سيد، جناح جو ساٿي بڻيو، جنهن بابت سندس چوڻ هُئو ته جناح اهڙي پاڪستان جو تصور ڏنو، جيڪو ان ٺهراءَ مطابق هُئو، جيڪو سيد سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو هُئو، جنهن کي بعد ۾ 1940ع جو ٺهراءُ يا ”قرارداد پاڪستان“ سڏيو ويو، پر 1947ع جو پاڪستان سيد چواڻي اُهو ناهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ قومن جي حقن جو مطالبو ڪندڙن کي وڏا اعتراض رهيا. مسلم ليگ ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي. عوامي ليگ ٺهي، سنڌ متحده محاذ ٺهي- سيد سنڌ جي آزاديءَ جي واٽ ورتي. عوامي ليگ پڻ پنجاب خلاف آواز اٿاريو. ائين پاڪستان ٺاهڻ ۾ جناح جو ساٿ ڏيندڙ اهم اڳواڻ پاڪستان جي خلاف ٿي ويا. ڇو ته پاڪستان جا وارث ڀارت مان لڏي آيل مسلمان ٿي ويا يا پاڪستان جي مخالفت ڪندڙ پنجاب.
    جي ايم سيد ”سنڌو ديش“ جو رستو ورتو، ان ئي طريقي سان عوامي ليگ بنگلاديش جو رستو اختيار ڪيو. پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي جي سڀ کان وڏي پارٽي عوامي ليگ جي عام چونڊن ۾ اڪثريت باوجود پنجاب کيس اقتدار ڏيڻ ۾ رڪاوٽ بڻيو. سنڌي ڳالهائيندڙ ذوالفقار علي ڀٽو کي اڳيان ڪري ”آڌا تمهارا، آڌا همارا“ جو نعرو هنيو ويو. نتيجو اِهو نڪتو بنگالي الڳ ٿي ويا، بنگلاديش ٺهي ويو، پر باقي صوبا به پنجاب کان بيزار ٿيا. ننڍين قوميتن گهٽ ۾ گهٽ به 1940ع جي ٺهراءَ تي اچڻ جو مطالبو ڪيو، پر مُلڪ جو سڀ کان وڏو صوبو الڳ ٿيڻ کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ ۾ حاوي رهيو. وفاق پنجاب بڻجي ويو، جنهن سبب صوبن ۾ قومپرستيءَ جون تحريڪون هليون. ون يونٽ خلاف سنڌ ۾ زبردست جدوجهد هلي، ترقي پسند ۽ قومپرست سنڌي اڳواڻن ۽ تعليمي ادارن مان سنڌي نوجوانن هن تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي، پر جي ايم سيد سنڌو ديش جي نعري تان هيٺ ڪونه لٿو- پر جي ايم سيد جي سياست جي سڄي تاريخ عدم تشدد، اهنسا يا صوفي ازم جي چوڦير آهي. سيد ڪڏهن به بندوق کڻڻ جي صلاح نه ڏني. دهشتگردي ڪرڻ جو رستو نه ڏيکاريو، بم ڦاڙڻ لاءِ نه چيو. آزاديءَ لاءِ ڏوهاري سرگرمين کي هميشه ننديو. پر سيد جا پوئلڳ پنهنجا الڳ الڳ دڳ ٺاهيندا رهيا. سندس حياتيءَ ۾ ئي جيئي سنڌ تحريڪ جا ڪيترائي گروپ ٺهيا. سندس پوئلڳ نظرياتي تاويلن جي ور چڙهندا رهيا. ڪجهه ترقي پسند بڻيا. ڪجهه قومپرست، ڪجهه علم ۽ دانش جي ڳالهه ڪندا رهيا ته ڪجهه هٿيارن ۽ ڀتاگيري کي اوليت ڏيندا رهيا. ڪِن سنڌ جي آزاديءَ کي حياتيون ارپي ڇڏيون ته ڪِن مال خزانا ميڙيا. سنڌو ديش جي آزاديءَ جي نالي تي سياست شروع ڪندڙ هاڻوڪي سنڌ جا ڪيترائي قومپرست اڳواڻ اڄ ڪروڙ پتي بڻجي ويا. ڪي اڳواڻ وڏا ٺيڪيدار ته ڪي سيٺ بڻجي ويا. ڪِن سرڪارن کان وڏيون وڏيون رعايتون حاصل ڪيون. ڪِن ماڻهو مارائي سنڌين جي لاشن تي چڙهي سياست شروع ڪئي. سيد جي حياتيءَ ۾ ئي سنڌي ماڻهن جو قومپرستن تي اعتماد نه هُئو. ڇو ته سنڌ قومي اتحاد جهڙو اتحاد ٺهيو پر بعد ۾ ڪجهه اڳواڻن سيد جي حياتيءَ ۾ ئي ان اتحاد کي نيلام ڪيو. جي ايم سيد سان سنڌ قومي اتحاد وارن ڏهاڙن ۾ ئي هڪ مختصر ملاقات ٿي ۽ هڪ ڀيرو ساڻس ملڻ تڏهن وياسين جڏهن جي ايم سيد ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي ٻئي جناح اسپتال ۾ داخل هُئا. هي 1992ع جو زمانو هُئو، جڏهن مظفر علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هُئو. پر سيد سان ڪڏهن به ڪا ڊگهي ڪچهري ڪانه ٿي ۽ نه ڪڏهن ڪو انٽرويو ٿي سگهيو. صحافت جي دنيا ۾ آئي ٿورو وقت ٿيو هُو، ٻه ٽي ڀيرا جي ايم سيد کان انٽرويو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪاميابي نه ٿي سگهي. جي ايم سيد جي آئيڊيالاجيءَ سان مون ڪڏهن به اتفاق نه ڪيو.سيد جڏهن ايم آر ڊي کي ڪفن چورن جي تحريڪ سڏيو ۽ جنرل ضياءَ کي شريف النفس سڏيو ته الائي ڇو ذاتي طور سيد جي سياست تي ڏک پهتو، پر جي ايم سيد سنڌ جو ڏاهو، علم پکيڙيندڙ عالم ۽ سنڌي ادبي بورڊ جوڙائيندڙ، سنڌ جي تعليم جو اُهو وزير رهيو، جڏهن سنڌ علم جي ميدان ۾ اڳڀري هُئي. اڄ سنڌ علم جي ميدان ۾ زوال ڏانهن وڌي رهي آهي. جي ايم سيد جي جنم ڏينهن تي اڄ سن ۾ قومپرست ڪارڪنن جو ميڙاڪو هوندو. سيد جو ڪٽنب ۽ سيد جا سياسي پوئلڳ الڳ الڳ جلسا ڪندا آهن. ”سيد“ هڪڙو ئي هُئو. شايد سنڌ ۾ وري ڪو جي ايم سيد نه ڄمندو.
    شهيد فاضل راهوءَ جي اڄ چوويهين ورسي آهي. شهيد فاضل راهو پڻ سنڌ ۾ صاف سُٿري ۽ هاڪاري سياست جي علامت رهيو. 1986ع جي آگسٽ ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ هُو سياسي قيدين سان ملاقات ڪرڻ آيو هُو. اسين پڻ ايم آر ڊي جي ٻئي مرحلي واري تحريڪ ۾ جوهي کان گرفتار ٿي حيدرآباد سينٽرل جيل پهتا هُئاسين. پري کان فاضل راهو جي هڪ جهلڪ ڏٺي. ذاتي طور ساڻس ڪڏهن به ويجهڙائپ نه رهي، پر سندس سياست متاثر ڪندڙ هُئي. هُو سنڌ جي پورهيت، غريب ۽ هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي حقن لاءِ ڊگهي ويڙهه وڙهي انقلاب تائين پهچڻ جو خواب ڏسي رهيو هُو ۽ عوامي تحريڪ جي سياست سان واڳيل لکين ماڻهن جي اکين ۾ پڻ هُو انقلاب جي خوابن جا گُل پوکي ويو هُو. سنڌ اندر مڊل ڪلاس جي سياست ۾ ”عوامي تحريڪ“ جو تنهن زماني ۾ وڏو نالو هُو. سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي هاري تحريڪ، سُجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌي مزدور تحريڪ، مطلب هر طبقي اندر تنظيم ڪاريءَ جو شاندار رواج هُو. شهيد فاضل راهو ۽ سندس ساٿي رسول بخش پليجو هن سڄي عوامي جدوجهد جا روح روان هُئا. 1983ع ۾ شروع ٿيل ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پڻ عوامي تحريڪ جو تاريخي ڪردار رهيو. جنرل ضياءَ جي آمريت خلاف صحافين جي تحريڪ هُجي يا پورهيتن جي جدوجهد. عوامي تحريڪ جو مثالي ڪردار رهيو. سنڌياڻيون جيلن تائين پهتيون.اختر بلوچ جي لکيل ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“ سنڌي ڇوڪرين لاءِ تڏهن آئيڊيل ڪتاب هُو. پيپلز پارٽيءَ سان واڳيل صوبائي وزير سسئي پليجو هڪ انقلابي ماءُ جي ڌيءَ آهي. سندس سياسي تربيت ۾ پڻ عوامي تحريڪ جو هٿ هوندو. مطلب ته سنڌ اندر عورتن ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ عوامي تحريڪ يا سندس اڳواڻن شهيد فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجي جو تاريخي ڪردار رهيو. ڇو ته انهن عورتن ۾ جاگرتا جي شروعات پنهنجي گهرن کان، گهر جي نياڻين کان ڪئي. هي وڏيرڪي سماج ۾ خود انقلاب هُو. سنڌياڻي تحريڪ ۾ ”راهوجو“ ۽ ”پليجو“ خاندان جون عورتون ٻين سياسي اڳواڻن لاءِ مثال بڻيون ۽ سياسي وڏيرن لاءِ چئلينج رهيون. بعد ۾ عوامي تحريڪ ۾ به ڏار پيا. سنڌين جي هڪ منظم جماعت وکري وئي. شهيد فاضل راهو جو اولاد بعد ۾ اقتداري سياست جو حصو رهيو. ايڪسائيز جو وزير به بڻيو ۽ 12هين آڪٽوبر تي ميان نواز شريف سرڪار جي خاتمي کان پوءِ جيل جي هوا به کاڌي، جنهن تي اسماعيل راهو هڪ ڪتاب پڻ لکيو آهي.
    شهيد فاضل راهوءَ جو سياسي ۽ انقلابي ڪٽنب اڄ ڪٿي بيٺو آهي- ڪير نه ٿو ڄاڻي پر اڄ کان 24 سال اڳ ”راهوڪي“ جي شهر ۾ ڪهاڙين سان وار ڪري سنڌ ۾ هاڪاري سياست جو قتل ڪيو ويو. جي ايم سيد وانگر شهيد فاضل راهو پڻ نظرياتي، انقلابي ۽ رواداري جي سياست جي هڪ مضبوط علامت هُو. کيس ماريندڙ ۽ مارائيندڙ قوتن خبر ناهي ڇو حملو ڪيو هوندو، پر هنن سنڌ کان هڪ عظيم انقلابي اڳواڻ کسي ورتو. اڄوڪين حالتن ۾ اسان کي جي ايم سيد جي قومپرستيءَ ۽ شهيد فاضل راهوءَ جي ترقي پسندي ۽ روشن خيالي شدت سان ياد اچي رهيا آهن. ڇو ته سنڌي، جمهوريت ۽ پاڪستان جي نالي ۾ دهشتگردي، نسل پرستي، انتهاپرستي جو شڪار بڻجي پنجاب ۽ اسٽيبلشمينٽ جو نشانو بڻجي رهيا آهن. جيتوڻيڪ اڄ بظاهر اقتدار جا ڌڻي به سنڌي آهن.
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سيد، فاضل، آزادي ۽ انقلاب

    ادا ممتاز بهترين چونڊ مضمون ونڊ ڪئي اٿئو۔

    محدود ذهنيت وارن لا اک پٽڻ جو مقام آهي ۔

    مضمون مان اهو تاثر پڻ ٿئي ٿو ته هڪ فڪر هيو جنهن جا پوئواري ڪندڙ مختلف زاوين ۾ ورهائجي ويا آهن ۔

    مطلب ته هن فڪر کي حيات نه ملي سگهي آهي۔

    اڃان به اسان پنهجي سوچن کي نه بدليو سين ته سلسلو الاهجي ڪاٿي دنگ ڪندو ۔

    ضرورت آهي درست ڳائڊ لائن جي ، پر درست لائين ڪير ڏيندو ، اها لائين فراهم ڪندو دين اسلام ۔ اچو ته اسلام جي روشني ۾ پنهجو مستقبل جوتعين ڪيون ۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سيد، فاضل، آزادي ۽ انقلاب

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو