هڪ موالي گهر ۾ اونداهيء ۾ ستو پيو هو ، ستل هوندي سندس گوڏو اُڀو هو ۔ اوچتو سندس اک کُلي ته پنهنجي گوڏي جو پاڇو ڏسي سوچيائين ته ڪو چور اچي منهنجي کٽ وٽ بيٺو آهي سو پاسي ۾ رکيل ڀنگ گهوٽڻ وارو ڏنڊو کڻي پوري زور سان ٺڪاء ڪرايائين پنهنجي گوڏي ۾ ۽ جڏهن ڌڪ لڳس ته رڙ ڪري چيائين ، ڀلا چور جا ٻچا منهنجو گوڏو ڀڃيون پيو وڃين پر ڏنڊو منهنجو به ياد ڪندين
شبير بروهي (جهمپير)
( روزانه ڪاوش تان ورتل )