وچ اوڀر جي صورتحال ۾ پاڪستاني حڪمرانن لاءِ سبق رکيل آهي تيونس، يمن، اومان کانپوءِ هاڻي مصر ۾ حڪومتِ وقت ۽ اقتدار ڌڻين جي خلاف عوام ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏي آهي. تيونس جي لاءِ عالمي مفڪرن جو خيال هو ته حڪومت لاءِ ڪي خطرا ضرور آهن پر تيونس جو آمر زين العابدين لڏندو پر ٻڏندو نه. اهي تجزيا غلط ثابت ٿيا ۽ زين العابدين کي تيونس مان ڀڄي اچي جدي ۾ پناهه وٺڻي پئي. تيونس مان ٿِيل ڄَر پوري وچ اوڀر کي وڪوڙي ورتو آهي ۽ شاندار عوامي اُڀار تي عالمي سياست جي مرڪزن ۾ خطري جون گهنٽيون وڄي رهيون آهن ۽ خاص طور تي اولهه نهايت ئي پريشان آهي. مصر ۾ هزارين ماڻهن صدر حُسني مبارڪ جي آمريت خلاف ميدان تي لهي آيا آهن. صدارتي محل جو گهيراءُ ڪيو ويو ۽ جمعي واري ڏينهن چڪرين ۾ ڪجهه ماڻهو مارجي ويا. مصري رياست ڪنبي رهي آهي. ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي پر ان باوجود رياستي تشدد جي ذريعي هڪ اهڙي تحريڪ کي روڪي نٿو سگهجي جنهن جو وقت اچي چڪو آهي. خطري جون گهنٽيون رڳو تحريڪ جي زد ۾ آيل رياستن ۾ نه پر عام طور تي ماٺار جي نشامبر بڻيل سعودي عرب ۾ پڻ وڄي رهيون آهن، جتي وڃي تيونس جي آمر پناهه ورتي آهي. عرب دنيا کي جاهل ۽ پٺتي پيل، روايتن جي کاهيءَ ۾ غرق، جديد سوچ کان عاري سمجهيو ويندو هو، پر هي جيڪو عوامي طوفان اُٿيو آهي اُن اڳوڻن سمورن منفي تاثرن کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. ۽ اها ڳالهه هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪري ڏيکاري آهي ته تبديليءَ جو عمل مستقل هوندو آهي. تبديلي ڪڏهن به نه رڪي سگهندي آهي. سماج جي سطح جي هيٺان اُها خاموشيءَ سان ئي صحيح پر مسلسل عمل ۾ رهندي آهي. وچ اوڀر جي تحريڪن ثابت ڪيو آهي ته جديد دؤر جي نوجوان نسل کي تبديليءَ کان گهڻي وقت تائين روڪي نٿو سگهجي. اُن وٽ سموري دنيا جي معلومات آهي، انٽرنيٽ آهي، موبائيل آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي انفارميشن جي فراهمي کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. تنهن ڪري گهڻي وقت تائين جبر کي قائم نٿو رکي سگهجي. جڏهن ڪنهن ملڪ جا حڪمران تبديلي نه آڻي سگهن ته پوءِ اُن ملڪ جا نوجوان ۽ سمورو عوام تبديلي واري عمل کي پنهنجي هٿن ۾ کڻندو آهي. مصر جي حڪومت لوڏن ۾ آهي ۽ ائين لڳي ٿو ته اُها پنهنجو پاڻ بچائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين تشدد ڪري سگهي ٿي. پر اسان سمجهون ٿا ته جيڪا لهر اُٿي آهي، اُها مشڪل سان خاموش ٿي سگهي. تنهن ڪري مصر جي حڪومت ويندي محسوس ٿئي ٿي. ائين محسوس ٿئي ٿو ته وچ اوڀر جا ٻيا به ملڪ ان خطري جي زد ۾ آهن. اسان سمجهون ٿا ته اسان جي حڪمرانن لاءِ ان صورتحال مان سکڻ لاءِ گهڻا ئي سبق آهن. جڏهن جبر ۽ پرماريت توڻي زندگيءَ جون تڪليفون حد کان وڌي وينديون آهن ته پوءِ عوام ائين ئي اُٿلي پوندو آهي جيئن تيونس ۾ ٿيو، جيئن مصر ۾ ٿي رهيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته تبديليءَ جي اها هوا گهڻو ڪجهه پٺتي ڇڏي ويندي. اها تبديلي جي لهر عوام جي گهري ضرورت جو اظهار آهي. ضرورت زندگيءَ جي اذيتن کي گهٽ ڪرڻ جي، ضرورت زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي، بهتر روزگار، تعليم، صحت، علاج، ڪپڙي، اٽي، لٽي ۽ اجهي جي ضرورت. مصر ۽ تيونس جي مثال مان سکندي اسان جي موجوده حڪومت کي به پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گهرجي. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان جو عوام به پنهنجي ملڪي تاريخ جي بدترين مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي اهو به ڏسي رهيو آهي، اُن وقت ۾ اسان جي حڪومت پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ جو سوچي رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن قيمتن ۾ ننڍڙو اضافو حڪومتن کي ڳهي ويندو آهي. اهڙا مثال نه صرف دنيا ۾ موجود آهن پر خود پاڪستان جي تاريخ به انهن سان ڀري پئي آهي. جو جڏهن جنرل ايوب کنڊ جا اگهه ڪجهه پئسا وڌايا هئا ته هڪ اهڙي تحريڪ اُٿي جنهن سندس حڪومت جي خاتمي تي دم پٽيو. razana ebrat audiotoreal 30 جنوري 2011