ڇا پاڪستان ناڪام رياست آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڇا پاڪستان ناڪام رياست آهي؟ ليکڪ : موسيٰ رضا
    Posted on July 10, 2009 by Mangrio Ahmed Ali
    دنيا جو ڪوبه سياسي دانشور ۽ تجزيه ڪار پاڪستان جي جغرافيائي ۽ اقتصادي اسٽريٽجڪ اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهي. يورپ، ڏکڻ، اوڀر ۽ ايشيا وارن جي تيل، گئس سميت توانائي جي دولت ۽ ٻين تجارتي شين، مصنوعات جي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ لاءِ پاڪستان بهترين تجارتي ۽ انرجي ڪوريڊور بنجڻ جي زبردست صلاحيت رکي ٿو. بلوچستان ۾ سون، چاندي، ڪروميم، يورينيم، پلوٽونيم، ڪوئلي، تيل ۽ گئس جا وسيع ذخيرا موجود آهن. سنڌ ۾ ٿر جي جاءِ تي اعليٰ معيار جي ڪوئلي جا 180 ارب ٽن جا ذخيرا موجود آهن. ماهرن موجب جيڪڏهن ڪوئلي جي انهن ذخيرن کي استعمال ۾ آڻي توانائي پيدا ڪئي وڃي ته روزانو هڪ لک ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، جيڪا دنيا جي ڪئين ملڪن جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿي. دنيا جو بهترين آبپاشي نظام پاڪستان ۾ موجود آهي. هي واحد ملڪ آهي جتي چارئي موسمون موجود آهن ۽ هر قسم جي زرعي پيداوار ۽ ميوو موجود آهن پر دنيا کي ايڪسپورٽ به ڪيا وڃن ٿا. اعليٰ معيار، خوشبو ۽ ذائقي جو حامل باسمتي چانور پاڪستان ۾ پيدا ٿئي ٿو، ڪپهه جو معيار به ڪنهن کان گهٽ نه آهي، ڪڻڪ جو ايترو گهڻو ۽ اعليٰ معيار جو فصل پيدا ٿئي ٿو جو افغانستان سميت ڪئين پاڙيسري ملڪن کي اسمگل ڪري انهن جون ضرورتون پوريون ٿين ٿيون، هر قسم جو ڪمند تسلي بخش مقدار ۾ پيدا ٿئي ٿو. هتان جي ڊاڪٽرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي مهارت جي يورپ ۾ هاڪَ مَتي پئي آهي. ايٽمي سائنسدانن ۽ ڌاتن جي ماهرن جي تمام گهڻي کپت پاڪستان ۾ موجود آهي. پاڪستان واحد ملڪ آهي، جنهن نهايت مختصر عرصي ۾ يورينيم سان گڏوگڏ پلوٽو نيم جي افزودگي جي جديد سينٽري فيوج نظام کي متعارف ڪرائي ايٽمي صلاحيت حاصل ڪري ورتي ۽ جوهري اثاثن جي تحفظ جو آمريڪا جي برابر وارو اليڪٽرانڪ لاڪ ڪوڊ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل فول پروف ڪمان اينڊ ڪنٽرول نظام اختيار ڪيو.
    هتان جي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي ماهرن جي اعليٰ ترين صلاحيتن جو اندازو صرف هڪ مثال مان چڱي ريت لڳائي سگهجي ٿو ته ويجهڙائي ۾ اولهه جي هڪ انتهائي صنعتي اعتبار کان ترقي يافته ملڪ ۾ تمام وڏي مالياتي اداري جي ڪمپيوٽر نظام ۾ نقص پيدا ٿي ويو ته ان ملڪ بل گيٽس بدران پاڪستان جي گهٽ ڄمار شاگرد جون خدمتون حاصل ڪيون جنهن ڪمپيوٽر ۾ پنهنجي اعليٰ ترين مهارت جي ذريعي ان نقص کي ختم ڪري پوري دنيا ۾ هاڪَ ڪڍرائي ڇڏي. پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو افغانستان کان علاوه ايشيا جي خشڪي ۾ گهيريل درجنين ملڪن کي گهري پاڻي جي جديد ترين سهولتن سان ڀريل گوادر بندرگاهه، ان جي توانائي وسيلن ۽ ٻي مصنوعات جي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ لاءِ انتهائي مختصر فاصلي جو حامل تجارت جو ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو 40 سال کان 30 لک افغان مهاجرن جو بار برداشت ڪري رهيو آهي. هي مهاجر آمريڪا جي واحد سپر پاور بنجڻ جي انڌي خواهش جو نتيجو آهي، ان ڪروڙين ڊالر خرچ ڪري پوري دنيا مان مجاهد ڀرتي ڪري پاڪستان ۾ گڏ ڪيا. انهن کي جديد ترين هٿيار ۽ ٽريننگ ڏني ۽ پوءِ کين افغانستان ۾ اڳوڻن سوويت يونين جي فوجين سان ويڙهايو. انهن مجاهدن نه صرف ڳاڙهي فوج کي هارايو پر ان ويڙهه جي بي پناهه دفاعي خرچ سوويت يونين جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا. آمريڪا سوويت فوج جي هار کانپوءِ پنهنجو مقصد پورو ٿيندي ئي افغانستان کي وار لارڊ ۽ جهادي تنظيمن جي نه ختم ٿيندڙ خانه جنگي جي حوالي ڪري هتان نڪري ويو ۽ افغانستان ۾ لاقانونيت، عدم استحڪام ۽ منشيات جو ٻج پوکيو ويو. آمريڪا جي پيدا ڪيل مجاهدن تي نائن اليون کانپوءِ يڪدم دهشتگرد ۽ طالبان ۽ القاعده ميمبرن جو ليبل لڳايو ويو. افغانستان تي آمريڪا، اتحادي فوج بم وسائي ان کي ٽوڙي ڀوري ڇڏيو ۽ بچيل ڪُل طالبان ۽ القاعده ميمبر افغانستان کان علاوه پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ ڦهلجي ويا. 80 ڏهائي کان وٺي اڄ تائين پاڪستان منشيات، بم ڌماڪن، آپگهاتي حملن جي وڪڙ ۾ آهي. آمريڪا سميت اتحادي ۽ نيٽو فوج افغانستان ۾ موجود آهي، انهن وٽ جديد ترين هٿيار آهن پر ان جي باوجود افغانستان جي ڪئين صوبن تي طالبان جو ڪنٽرول آهي، تازو ئي اٽلي جي شهر ٽريسٽي ۾ دنيا جي سڀ کان ترقي يافته صنعتي ۽ حربي اعتبار کان طاقتور ترين ملڪن آمريڪا، روس، برطانيه، ڪيناڊا، فرانس، جرمني، اٽلي ۽ جاپان جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ افغانستان کان علاوه پاڙيسري ملڪن چين، ڀارت، ڏکڻ ايشيا کان علاوه گڏيل قومن، يورپي يونين جي نمائنده ۽ دنيا جي امدادي تنظيمن شرڪت ڪئي ۽ دنيا ۾ امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي ضامن پاڪ فوج جي دهشتگردن، طالبان، عسڪريت پسندن ۽ القاعده ميمبرن خلاف ڪامياب آپريشن جي زبردست لفظن ۾ واکاڻ ڪئي. هي ڳالهه قابل ذڪر آهي ته ان کان پهريان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي اجلاس، شنگهائي سهڪار تنظيم ۽ پاڪ- يورپي يونين سربراهي اجلاس ۾ صدر آصف زرداري دنيا جي انهن صنعتي ۽ حربي لحاظ کان طاقتور ترين ملڪن کي باور ڪرايو ته پاڪستاني فوج جيڪا دهشتگردن جي خاتمي جي جنگ وڙهي رهي آهي اها دراصل دنيا جي امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي تحفظ جي جنگ آهي. دهشتگردن کي آمريڪا، اتحادي ۽ نيٽو هارائڻ ۾ ناڪام رهي آهي پر پاڪستان جي انتهائي جديد پيشيوراڻا مهارت جي حاصل فوج سوات جي ڏکين پهاڙين منجهان طالبان گوريلن جو صفايو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي ۽ هاڻ ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن ۽ القاعده ميمبرن جو تعاقب ڪري رهي آهي ۽ يقين آهي ته اتان به انهن جو مڪمل خاتمو ڪري دنيا کي ٻيهر امن، سلامتي ۽ خوشحالي جو گهڙو بنائي ڇڏيندي. حاليه آپريشن سان پاڪستاني معيشت تي وڌيڪ 30 لک لڏي آيل متاثرن جو وزن اچي مٿان پيو آهي، جنهن لاءِ عالمي برادري کي پاڪستان جي ڀرپور امداد ڪرڻ کپي، هي پاڪستاني معيشت جي مضبوطي ۽ استحڪام جو ثبوت آهي ته 80 جي ڏهائي کان اڄ تائين هڪ پاسي بم ڌماڪن، آپگهاتي حملن جي يلغار برداشت ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي مجموعي طور تي 60 لک لڏي آيل متاثرن جو بار برداشت ڪري رهي آهي. ماضي قريب ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي زلزلي جو جهٽڪو به ان جي معيشت برداشت ڪري وئي ۽ هن وقت به ان جي شرح نمو 7 سيڪڙو برقرار رهيو. جي ايٽ ملڪن جي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۾ تجارتي ڪوريڊور کولڻ، اقتصادي انفراسٽرڪچر جي ترقي، علائقاتي رابطه ڪاري، ريل روڊ جي مواصلاتي رابطن جي مضبوطي ۽ تجارت جي واڌاري کان علاوه لڏي آيل متاثرن جي ڀرپور مدد جو يقين ڏياريو. انهن ملڪن يورپي يونين طرفان پاڪستان خلاف تجارتي پابنديون نرم ڪرڻ، پنهنجي مارڪيٽ تائين پاڪستاني مصنوعات جي گهڻي کان گهڻي پهچ، تجارتي ٽيرف ۾ رعايت ۽ آزاد تجارتي معاهدي جي راهه سڌي ڪرڻ لاءِ ارلي هارويسٽنگ ڳالهين جي شروعات جو نه صرف زبردست خيرمقدم ڪيو پر انهن قدمن کي پاڪستاني معيشت ۽ سلامتي تي اعتماد جو مظهر قرار ڏنو. اهڙين حالتن ۾ آمريڪي ميڊيا جون پاڪستان خلاف خبرون عقل کان ٻاهر آهن، پهرين هو اسلام آباد تي طالبان جي قبضي ۽ پوءِ ايٽمي اثاثا طالبان ۽ القاعده ميمبرن جي هٿ لڳڻ جي بي بنياد، زباني افسانوي طرز جي پروپيگنڊا ڪندو رهيو آهي، پر فوج جي ڪامياب آپريشن جي بدولت طالبان جي چيلهه ڀڄڻ کانپوءِ ان پروپيگنڊا مهم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي. اسان جي فوج جي ڪارڪردگي ۽ پيشيوراڻا مهارت پوري دنيا ۾ ساراهي وڃي ٿي. اوڀر سرحدن جي حفاظت جي ذميواري به فوج چڱي ريت نڀائي رهي آهي. عدليه آزاد آهي، جمهوري ادارا مضبوط ۽ ڪاميابي سان هلي رهيا آهن. جنهن ملڪ ۾ جمهوريت هجي ان کي ڪنهن به لحاظ کان ناڪام رياست قرار نٿو ڏئي سگهجي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا چوڪس آهي. قوم متحد آهي، جنهن جو ثبوت 20 ٽونٽي ڪپ جي خوشي ۾ پوري قوم جي ڀرپور شرڪت آهي. پاڪستان جي دفاعي ۽ معاشي صورتحال جي لکيل مٿين حقيقتن جي روشني ۾ غير جانبدار مبصرين پاڻ ئي فيصلو ڪن ته پاڪستان ڪهڙي محاذ تي ناڪام رياست آهي. آمريڪا، اتحادي ۽ نيٽو فوج جيڪي دهشتگردن کي افغانستان ۾ هارائي نه سگهيا آهن، انهن کي پاڪستان گوڏن کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هاڻ ٻڌايو وڃي ته ناڪام پاڪستان آهي يا آمريڪا، اتحادي ۽ نيٽو فوج ناڪام آهي، پوءِ حال ئي ۾ پاڪستان 209 ٽريلين جي بجيٽ پيش ڪئي ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ لڳ ڀڳ 700 ارب روپيا کيا آهن. ڇا اِها ناڪام رياست جي نشاندهي آهي يا اڀرندڙ ترقي پذير ملڪ جون علامتون آهن
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڇا پاڪستان ناڪام رياست آهي

    ان ۾ ڪو شڪ آهي ڇا؟؟؟؟؟

    جتي ڪرپشن عروج تي، جتي حڪمران پهنجي ئي عوام تي ظلم ء بربريت، ناانصافي هجي
    ان کي ڪير بيوقوف ڪامياب حڪومت چوندو
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڇا پاڪستان ناڪام رياست آهي

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو