مصر جو گهوٽالو ۽ ميان صاحب جي اوچتو قلابازي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جواد رضا طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2011۔

  1. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    مصر جو گهوٽالو ۽ ميان صاحب جي اوچتو قلابازي
    غلام حسين لغاري
    مصر جي سياسي گهوٽالي جنهن هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ ڪر کنيو آهي اهو مصري حڪومت پاران ملڪ جي وڏن شهرن ۾لڳايل ڪرفيو جي باوجود به ختم نه ٿيو آهي البته آمريڪا پنهنجي انتهائي اعتماد واري پوئلڳ حسني مبارڪ کي اقتدار ڇڏڻ جي ته ڪا چٽي صلاح ناهي ڏني پر مصر ۾ وڌندڙ سياسي بيچيني جو نوٽيس وٺندي مصري حڪومت کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. هونئن به آمريڪا لاءِ عام چوڻي آهي ته اهو جنهن به حڪمران کان پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ بعد ان جا پير ڪڍڻا هوندا اٿس ته هو انهي حڪومت خلاف پس پردهه عوامي تحريڪون هلرائي انهن جا پير ڪڍندو آهي. مصر جي صدر حسني مبارڪ ۽ وزيراعظم احمد نجف خلاف شروع ڪيل عوامي تحريڪ ۽ حڪومت پاران مظاهرون ڪندڙن مٿان ڪيل تشدد سبب وڏي انگ ۾ مظاهرو ڪندڙ مارجي چڪا آهن جڏهن ته سون جي انگ ۾ زخمي ٿيا آهن يا وري حڪومتي سلاخن پويان هليا ويا آهن تنهن هوندي به تحريڪ دم ٽوڙي نه سگهي آهي.
    مصر جي ماڻهن مٿان آمراڻي انداز ۾ گذريل ٽيهن سالن کان ڊگهي حڪمراني ڪندڙ حسني مبارڪ ۽ سندس حڪومت خلاف تڏهن آواز بلند ٿيو آهي جڏهن ٻه هفتا اڳ تيونس جي صدر زين العابدين خلاف ساڳي قسم جا مظاهرا ٿيا ۽ گهوٽالي ڪر کنيو هيو جنهن ۾ هن پنهنجي گرفتاري يا ڪنهن امڪاني سزا کان بچڻ لاءِ راتو رات سعودي عرب پهچي اتي پناهه ورتي جنهن لاءِ اهو چيو پيو وڃي ته تيونس جي صدر زين العابدين کي سعودي عرب حڪومت ڇڏڻ جي صلاح ڏيندي کيس پناهه ڏيڻ جو يقين ڏياريو هو. تيونس جي اهڙي عوامي تحريڪ مصر ۽ خطي جي عوام لاءِ هڪ قسم جو پيغام هيو ته عوام آمراڻي ذهنيت رکندڙ حڪمرانن کان ڪهڙي نموني جان ڇڏائي سگهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو تيونس جي عوامي تحريڪ ۽ زين العابدين جي ڀاڄ جي ٻن هفتن بعد مصري عوام به پنهنجي حڪمرانن خلاف هڪ آواز ٿي کين هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙي طرح يمن ۾ به حڪومت خلاف ساڳي قسم جا مظاهرا ڪيا پيا وڃن .عرب ملڪ جن لاءِ اهو تاثر عام آهي ته اتان جا ماڻهو سياسي سجاڳي گهٽ رکن ٿا جنهنڪري اتي حڪمران دائمي ٿي وڃن ٿا پر تازين تحريڪن بعد اهو اندازو لڳي رهيو آهي ته عرب عوام پاڻ تي ڪنهن به قسم جي آمريت يا ڊگهي حاڪميت خلاف متحرڪ ٿيندا پيا وڃن ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو تيزي سان جاري رهيو ته اڳتي هلي عرب ملڪن مان آمراڻو ۽ بادشاهي تسلط شايد پنهنجي پڄاڻي تي پهچي. هن ائٽمي ۽ ميڊيا جي دور ۾ هر ماڻهو پنهنجي سياسي آزادي ۽ حقن جو حصول چاهي ٿو ۽ ڪڏهن به نه چاهيندو ته هو بادشاهن يا وري آمرن جو گهڻي دير تائين غلام رهي.
    مصر ۾ پئدا ٿيل انهيءَ سياسي گهوٽالي جا اهي به سبب آهن ته هن سال جي آخر ۾ اتي عام چونڊون ٿي رهيون آهن جنهن ۾ مصر جو صدر حسني مبارڪ .پنهنجي 47 سالن جي پٽ جمال مبارڪ کي اڳتي آڻڻ ۽ پنهنجو جان نشين بنائڻ لاءِ ذهن ٺاهي چڪو آهي جيڪا ڳالهه مصر جي عوام ۽ مخالف ڌر کي پسند ناهي ۽ اهي ڪنهن به طرح موجودهه حڪومت کان نجات حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. هن ڏس ۾ مصر جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ عرب ليگ جي جنرل سيڪريٽري امر موسا جو چوڻ آهي ته عرب عوام لاءِ سياسي ، اقتصادي ۽ معاشي سڌارا اڻ ٽر ٿي چڪا آهن ۽ اهي تبديلي چاهين ٿا. اهوئي سبب آهي جو مصر ۾ جاري انهي گهوٽالي اسٽاڪ مارڪيٽ تي انتهائي برا اثر ڇڏيا آهن ۽ هڪ اندازي مطابق اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 6 سيڪڙو لاٿ آئي آهي ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته مصر کي وڏي حد تائين معاشي نقصان پهچي سگهي ٿو. مصر جيڪو 80 ملين آبادي وارو ملڪ آهي اتي هر سال آبادي ۾ ٻه سيڪڙو واڌ اچي رهي آهي جنهن ڪري اتي بي روزگاري ۽ آمدني جو وڏو بحران آهي. هڪ رپورٽ موجب 30 سالن جي ڄمار وارن نوجوانن جو 90 سيڪڙو بيروزگار آهي ۽ وڌندڙ بي روزگاري به مصري عوام کي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ تي مجبور ڪيو آهي ۽ هو چاهين ٿا ته مصر ۾ انقلاب اچي جنهن سان اتان جي ماڻهن جو معيار زندگي نه صرف بهتر ٿئي پر سياسي و معاشي ترقي به اچي.
    عرب ملڪن ۾ حڪمرانن خلاف جن تازين تحريڪن جنم ورتو آهي، انهن خطي جي ملڪن لاءِ به خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي ۽ انهن لاءِ جهڙوڪ هڪ قسم جو پيغام ڇڏيو آهي ته عوام مٿان معاشي ۽ سياسي ڏاڍ ۽ آمراڻي ذهنيت ڳچ وقت هلي نٿي سگهي.عرب ملڪن اندر پئدا ٿيل سياسي گهوٽالا خطي جي سياسي طور غيرمستحڪم ملڪن تي ڪهڙا اثر ڇڏي ٿو ان جو پتو اڳتي هلي پوندو بهرحال پاڪستان جي سياسي ۽ عوامي قيادت تيونس ، مصر ۽ يمن جي طرز تي ڪو گهوٽالو پئدا ڪرڻ لاءِ ذهني طور پاڻ کي تيار ڪري رهي آهي جنهنجو مثال پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ميان محمد نوازشريف جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلز پارٽي جي موجودهه حڪومت جي راهه ۾ رڪاوٽون نه وجهڻ ۽ ان جي مدت پوري ٿيڻ جي حق ۾ بيان ڏنا هيا تنهن مصر جي سياسي گهوٽالي ۽ اتي شروع ٿيل عوامي تحريڪ کي مدنظر رکندي اوچتو پلٽو کاڌو آهي جنهن ۾ هن جو اهو چوڻ ته هو وزيراعظم نه هوندي به وزيراعظم آهي . هن انتهائي پرعزم نموني پنهنجي روايتي انداز ۾ حڪومت کي اشارو نه پر ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي ته ججن جي بحالي واري تحريڪ جي طرز تي حڪومت خلاف عوامي تحريڪ هلائي سگهجي ٿي ۽ اها ڳالهه چٽي طرح چئي آهي ته حڪومت کي ڏنل ڏهه نڪاتي ايجنڊا تي ٿيندڙ عمل تي هو مطئمن ناهي ۽ جيڪڏهن ضروري سمجهنداسين ته مڊٽرم چونڊون به ڪرائڻ جو مطالبو ڪنداسين.
    بهرحال ميان صاحب جي چوڻ سان آسمان ڊهي نه پوندو ڇاڪاڻ ته مصر ۽ پاڪستان جي حالتن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. هتان جي حڪومت چونڊيل حڪومت آهي جيڪا ڊگهي آمريت بعد وجود ۾ آئي آهي جنهن کي ٽيهه سال ته پري اڃا مس ٽي سال گذريا آهن. پاڪستان جي ماڻهن ڪافي ڀيرا انقلاب ايندي ڏٺو آهي ۽ هو هاڻ ڪنهن به وڌيڪ اهڙي انقلاب جي حق ۾ ناهن جنهن سان ملڪ کي سياسي ۽ معاشي نقصان پهچي. جيڪڏهن ڪو اها سوچ رکي ٿو ته هو لانگ مارچ يا تحريڪون هلائي پاڻ کي وزيراعظم ڪرائي سگهي ٿو ته ان کي جمهوري انداز سڏي نٿو سگهجي ان سان ڪنهن غيرجمهوري قوت کي ئي فائدو پهچي سگهي ٿو نه ڪي عوام کي.. جنهن ملڪ جو چونڊيل وزيراعظم چوي ٿو ته پارليامينٽ اندر ڪا تحريڪ پاس ٿئي ٿي ته اها کيس قابل قبول هوندي ته پوءِ لانگ مارچ يا روڊن تي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. مصر جي سياسي گهوٽالي جو وري به اثر انهن ئي عرب ملڪن تي پئجي سگهي ٿو جتي عوام ڪڏهن به ووٽ وسيلي پنهنجو حق استعمال ناهي ڪيو يا پنهنجي پسند جي ڪا جمهوري حڪومت قائم ڪرائي سگهيا آهن. رهيو سوال پاڪستان جو ته حڪمرانن کي پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه وٺرائڻ ۽ هڪ ڪٽنب واري روايتي سياست کي خيرآباد ڪرڻو پوندو ۽ نوجوان وچولي طبقي جي سياست کي اڳتي وڌائڻو پوندو.
    hussainlighari@gmail.com
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مصر جو گهوٽالو ۽ ميان صاحب جي اوچتو قلابازي

    ميان صاحب سياستدان ڪونهي۔ هو ٻين جي ڊڪٽيشن تي هلڻ وارو سياستدان آهي پر هتي ته اوهان کي سڀ جا سڀ ان ٻيڙيء جا مسافر لڳندا ۔

    مصر ۾ آيل انقلاب هتي مشڪل سان ئي اچي ڇو ته اسان کي هتي ننڍن ننڍن گروهن ، قومن ، ٻولين ، صوبن ۽ مذهبن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ ڪوبه لچڪ ڏيکارڻ لاء تيار ناهي۔ ان صورت ۾ ڪنهن انقلاب جي ڳاله ٻٻرن کان ٻير گهرڻ وانگر آهي۔
     
  3. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: مصر جو گهوٽالو ۽ ميان صاحب جي اوچتو قلابازي

    بلڪل ادا انهي ڪري ئي اسان اڃا دنيا کان ڪيترا پوئيتي آهيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو