سنڌي قوم جي گڏجڻ جي هڪ اُميد

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ جواد رضا طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2011۔

  1. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    سنڌي قوم جي گڏجڻ جي هڪ اُميد

    جي اين مغل

    گذريل آچر تي حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ جي عورت ونگ ”سنڌياڻي تحريڪ“ جو ساليانو ڪنوينشن ٿيو، ماضيءَ ۾ ڪافي سال اڳ مون کي سنڌياڻي تحريڪ جي ان قسم جي تقريبن ۾ شرڪت جو پئي موقعو مليو آهي، هڪ عام تاثر هو ته جيئن ته سڄي پاڪستان وانگر سنڌ ۾ به سياسي ڪلچر پوين پساهن ۾ آهي، تنهن ڪري اهو ڪنوينشن به روايتي قسم جو هوندو، يعني ”نشستند گفتگو و برخواستند“.
    پر ايئن نه هو، مون کي سنڌياڻي تحريڪ جي سنڌياڻين ۾ نئين امنگ، نئون جذبو ۽ بهتر تنظيم نظر آئي، اهو سڀ ڪجهه سچ پچ اتساهه ڏياريندڙ هو، ان حد تائين جو مون کي ڪانفرنس ۾ چوڻو پيو ته هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ سنڌياڻين جو هي جذبو ڏسي دل تي هي لفظ تري آيا آهن ته ”اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي، متان ايئن سمجهين مئا مور سارا“. مون کي ان وقت اهو به مڃڻو پيو ته آئون ڄڻ ستل هئس ۽ ڪانفرنس ۾ اٿلون کائيندڙ جذبو جوش خروش ڏسي ڄڻ جاڳي پيو آهيان، دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏنم ته سنڌ اڃا جاڳي پئي، جڏهن سنڌياڻيون جاڳن پيون ته سنڌ ڪيئن سمهي سگهي ٿي؟
    هن ڪانفرنس ۾ جنهن ڊسيپلين جو مظاهرو ڪيو ويو نه فقط اهو قابل تعريف هو پر تقريرن جو معيار ۽ انهن مان جهلڪندڙ سنڌياڻين جو عزم به قابل تعريف هو. هن ڀيري ته اهو به ڏسڻ ۾ آيو ته سنڌياڻي تحريڪ جون نياڻيون نه فقط سٺيون سياسي ورڪر، مقرر ۽ رهنما ثابت ٿي رهيون آهن پر ادب، شاعري ۽ آرٽ جي ٻين شعبن ۾ به اڳيان وڌي رهيون آهن، اهي سڀ ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿيون ته سنڌي قوم پر عزم آهي ۽ سندس منزل آڏو رنڊڪون گهڻو وقت قائم نه رهي سگهنديون. ٿي سگهي ٿو ته سنڌياڻي تحريڪ جي ڪانفرنس ۾ سنڌياڻي تحريڪ بابت منهنجي اها راءِ ڪنهن اوور ريئيڪشن جو نتيجو هجي پر اها راءِ قائم ٿيڻ جو پنهنجو پس منظر آهي، آئون جڏهن ڇنڇر تي حيدرآباد پهتو هئس ته مايوسين ۾ وڪوڙيل هئس، مون کي هر طرف اونداهي نظر اچي رهي هئي، آئون عوامي آواز جي ڪيترن ئي ڪالمن ۾ ورجائي ورجائي اها ڳالهه ڪندو رهيو آهيان ته سنڌ انتهائي خطرناڪ چئلينجن ۾ وڪوڙيل آهي، جڏهن ته منهنجي حقير راءِ مطابق نه فقط سنڌ جي سياسي قيادت کي انهن چئلينجن جو ڪو ادراڪ ٿيندو نظر ڪونه ٿو اچي پر ڪڏهن ڪڏهن ايئن به محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته سنڌ جي سڄي موجودهه سياسي قيادت ۾ ڪو عزم ۽ حوصلو به نه رهيو آهي ته مڙي مُٺ ٿي ڪيئن سنڌ کي انهن خطرن کان بچائي سگهجي.
    ڪراچي سنڌ جو ڪنڌ آهي، اڄ انهيءَ ڪنڌ کي هڪ ئي وقت ڪيئي ڄورون چنبڙي ويون آهن، ڪو هفتو يا مهينو خالي نه آهي جڏهن ڪراچيءَ ۾ رتو ڇاڻ ڪونه ٿي ٿئي ، رتو ڇاڻ ٿيڻ کان پوءِ ڪا نه ڪا ”پهر“ اسلام آباد مان اچي ڪراچي ۾ ٺڪاءُ ڪندي آهي، بند ڪمرن جا اجلاس شروع ٿيندا آهن، اوچتو رتو ڇاڻ بند ٿي ويندي آهي، واهه واهه ٿي ويندي آهي ته اسلام آباد ڪراچيءَ تي ڪيترو نه مهربان آهي، جو اک کڻي ڪراچي ڏانهن ڏٺو ويو ته ڪراچي ۾ ٺاپر اچي وئي پر ان ڳالهه ڏانهن ڪو به اشارو نه ڪندو آهي، انهيءَ دوران بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڇا وهيو واپريو؟ ڪنهن ڇا ڏنو ۽ ڪنهن ڇا ورتو، ڪنهن ڪهڙا مطالبا ڪيا ۽ ڪنهن ڪهڙا مطالبا مڃيا؟ ان هن مڙني اشوز تي راز داريءَ جو مظاهرو ڪيوويندو آهي ته سنڌ جي ماڻهن جي باري ۾ ڀلي اسان جي مهربانن جي اها راءِ هجي ته سنڌي ڏاڍا سادا آهن، جيڪڏهن سندن پير به نڪري وڃن ته به هنن کي ڪو پتو نه پوندو آهي پر ايئن نه آهي، سنڌين کي ايترو سادو نه سمجهيو وڃي،پاڪستان ۾ هن وقت تائين جمهوريت ۽ وفاقي نظام جي لاءِ جيڪي به تحريڪون هليون، جن ۾ اينٽي ون يونٽ تحريڪ به شامل آهي، تن ۾ نه فقط سنڌين هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي پر حقيقت ته اها آهي ته انهن مڙني تحريڪن جي مهنداري به سنڌين ڪئي آهي، هماليا جهڙي ڏاڍ وار ي آمريت خلاف بار بار سنڌي ئي ته نڪرندا آهن، ڇا اهي سنڌي پورا ٿي سگهن ٿا؟ پر افسوس آهي ته اڄ هنن جون واڳون جنهن سياسي قيادت وٽ آهن، اها پنهنجو گهربل ڪردار ادا نه پئي ڪري سگهي، ان سلسلي ۾ سڀ کان اڳ ذڪر ان سياسي پارٽي جو ڪرڻو پوندو جنهن کي سنڌ جي عوام بار بار پنهنجو مينڊيٽ پئي ڏنو آهي پر اها قيادت سنڌ جي عوام جي حقن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، سنڌ جو عوام چڱيءَ ريت ان ڳالهه کان واقف آهي ته بند ڪمري ۾ جيڪا ڏي وٺ ٿئي ٿي اها سندن تاريخي مفادن تي ٿئي ٿي، سنڌي في الحال خاموش ضرور آهن پر هنن جون نظرون انهن بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ ڏي وٺ کي چڱيءَ ريت ڏسي رهيون آهن، جنهن سياسي ڌر کي سنڌ جي عوام پنهنجو مينڊيٽ ڏنو آهي، ان جو ته اهو حال آهي پر ٻين جو وري ڪهڙو حال آهي، ان سياسي ڌر کان سواءِ ٻيا ننڍا وڏا سياسي گروپ انهن عوام دشمن وڏيرن جا آهن، جن جي پڇ تي ڪنهن نه ڪنهن ايجنسيءَ جي لت هوندي آهي، هو جڏهن به اقتدار ۾ آيا آهن، تڏهن انهن ايجنسين جي مدد سان آيا آهن ۽ اقتدار ۾ اچن کان پوءِ جا يا سنڌ دشمن پاڻي ٺاهه سنڌ تي مڙهيو ويندو آهي، ڪڏهن ٿر جي ڪوئلي مان بجلي گهر ٺاهڻ ۽ ڪيٽي بندر جي ترقي جا پراجيڪٽ رد ڪيا ويندا آهن يا سنڌ دشمن لوڪل گورنمينٽ جو نظام آڻي سنڌ جا شهر گروي رکيا ويندا آهن ۽ ڪراچيءَ کي سنڌين لاءِ ”نو گو ايريا“ ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. افسوس ته اهو آهي ته هن ڀيري ته جن سنڌ جي ماڻهن جو مينڊيٽ ورتو انهن به انهن فيصلن تي ٺپا هڻڻ شروع ڪيا آهن ۽ سنڌين کي ڪارنر ڪرڻ وارن منصوبن آڏو هٿ مٿي به ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ ٽين سياسي قوت قوم پرست پارٽين جي آهي، سنڌ جو اهو ڏينهن تاريخي ڏينهن هوندو، جڏهن سنڌ جون قوم پرست ڌريون چونڊن ۾ حصو وٺي اسيمبلي ۾ اڪثريت ۾ اينديون ۽ حڪومتون ٺاهينديون پر ان رخ ۾ سفر ته شروع ڪجي؟ ان لاءِ سڀ کان پهرين سنڌ دشمن وڏيرن کي گهر ڀيڙو ڪرڻو پوندو، سنڌ جا ماڻهو اکيون کپائي ويٺا آهن، ته ڪڏهن سنڌ جون قوم پرست ڌريون گڏجي مٺ ٿينديون ۽ پهريون وار سنڌ جي انهن واصل دشمن وڏيرن تي ڪنديون ته جيئن اليڪشن جو ميدان ڇڏي ڀڄن ۽ وري اليڪشن جو نالو به نه وٺي سگهن.
    افسوس اهو آهي ته اسان جي قوم پرست پارٽين اڃا اهو سفر شروع نه ڪيو آهي پر هن وقت جڏهن ڪراچي سنڌين لاءِ نو گو ايريا بڻائي وئي آهي، ان وقت هنن جي حڪمت عملي ڇا آهي؟ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ويجهي ماضيءَ ۾ عوامي تحريڪ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ ڪراچيءَ ۾ انتهائي شاندار ريليون ڪڍيون، اها سٺي ڳالهه آهي پر حالتن جي تقاضا آهي ته اهي قوم پرست ڌريون هاڻي پنهنجي سياست جو مرڪز ڪراچي کي بڻائين هتي ڪراچي جي پراڻن باشندن جا ڪئي حلقا، جن ۾ خاص طور تي ڪڇي، ڪاٺياواڙي ميمڻ شامل آهن، اهي هاڻ واجهائين پيا ته هنن کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ سان ڳنڍيو وڃي.
    نه فقط ڪراچيءَ جي صورت حال پر ٻوڏ کان پوءِ جهڙي طرح سنڌ اجڙي آهي ۽ سنڌي اڄ شهرن ۾ پنندا ٿا وتن اهو ڏسڻ کان پوءِ هر محب وطن سنڌيءَ جي دل جهري پوي ٿي، هر ذهن مان اهي سوال اٿن ٿا ته اڃا تائين ٻوڏ متاثرن جي مٿان ڇت ڇو نه اڏي وئي آهي، ٻيو ته ٺهيو پر اڃا تائين درياهه جي بچاءَ بند ۾ پيل گهارا به بند نه ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن اها صورت حال برقرار رهي ته ان ڳالهه جو انديشو آهي ته اهي گهارا جيسين ٻڌجن تيسين درياهه ۾ وري چاڙهه شروع نه ٿي وڃي.
    ساڳئي وقت اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم ذريعي صوبن جي لاءِ جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو ويو هو، اهو به ڦربو نظر اچي رهيو آهي. انهن مڙني اشوز تي ضرور سنڌ جي عوام کي مايوس ڪيو ويو آهي، جن وٽ سنڌ جون واڳون آهن پر سوال پيدا ٿو ٿئي ته سنڌ جي قوم پرست ڌرين انهن اشوز تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪهڙا ڪارائتا اُپاءَ ورتا آهن، آئون ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان ته جيئن ته قوم پرست پارٽين جي اسيمبلين ۾ ڪا نمائندگي نه آهي تنهن ڪري هنن جو اهڙن اشوز تي ڪو ڪردار ئي نه آهي، ڇا ان ڳالهه کي تسليم ڪجي؟ ڇا اسان کان اها ڳالهه وسري وئي آهي ته ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ جي قوم پرست ڌرين سائين جي ايم سيد ۽ جناب رسول بخش پليجي جي قيادت ۾ ڪهڙو نه اثر انداز ڪردار ادا ڪيو ۽ مختلف اشوز تي وقت به وقت هنن ٻن شخصيتن جي ڪارڪردگي سبب اهڙو دٻاءُ پئي پيدا ڪيو ويو جو نه فقط سنڌ پر پاڪستان جي حڪمران ڌرين کي پنهنجي رخ ۾ تبديلي ڪرڻ تي بار بار مجبور ٿيڻو پيو ان سلسلي ۾ ڪئين مثال ڏيئي سگهجن ٿا. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ٻه ڏينهن اڳ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ اعلان ڪري سنڌ جي موجودهه مايوس ڪن سياست کي هڪ اميد افزا رخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جون قوم پرست ڌريون جن هن وقت هڪ اتحاد ”سپنا“ جي نالي ٺاهيو آهي، تن سان بشير خان قريشي جي جسقم به گڏجي پوي ته سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر سيد ۽ پليجي وارو گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ جي لائق ٿي سگهي ٿي. منهنجي راءِ مطابق ان سلسلي ۾ سنڌياڻي تحريڪ ابتدا ڪري سگهي ٿي ۽ سنڌياڻين جا وفد انهن مڙني قوم پرست پارٽين جي سربراهن سان ملي هنن تي زور ڏين ته پاڻ ۾ گڏجي سنڌ بچائڻ جي هڪ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وقت تيزيءَ سان هٿن مان نڪرندو پيو وڃي، جيڪڏهن اڄ ڪا اهڙي اميد ڀري اڳڀرائي نه ٿي ٿئي ته شايد سڀاڻي دير ٿي ويندي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي قوم جي گڏجڻ جي هڪ اُميد

    گذريل سال سنڌي قوم اجرڪ ۽ ٽوپيء تي ڪيل تنقيد ڪري هڪ ٿي هئي پر هن سال اها وري ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي ۔ فيس بوڪ تي ڪيل اسان جي دوستن جا ڪمينٽس پڙهندو آهيان ته ڏک ٿيندو آهي ته کو هي ڪنهن کي عزت ڏيڻ به نه ٿا چاهين ۽ ڪي وري مثبت تنقيد به برداشت ڪري ناهن سگهندا۔ اهڙي حآلتن ۾ هڪ ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي۔

    ڪجه ڏينهن اڳ سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاء ٿيندڙ ڪانفرنس مان حميد سنڌي ان ڪري اٿي هليو ويو جو کيس ان ڪميٽيء جو ميمبر نه ڪيو وي۔ هتي الائي ڪيترا اديب ۽ دانشور آهن ڇا سڀ جا سڀ عهدا وٺي ڪميٽيء جا ميمبر ٿين ۔۔۔۔۔۔ چند ڏينهن اڳ سچل ڳوٺ ۾ ٿيندڙ شيخ اياز جي پروگرام ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو هو ته اسان جي ڏاهن ، اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي ۔۔۔ اها ڳاله مونکي اڃان به بار بار ياد ايندي آهي۔

    اسان جي ته دعا آهي ته سنڌي قوم گڏ ٿئي ۽ اسان لاء ان کان وڏي خوشي ٻي ڪابه نه هوندي
     
  3. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: سنڌي قوم جي گڏجڻ جي هڪ اُميد

    ادا اسان جي به اهيا دعا آهي ۽‌ دلي تمنا ۽ اميد به آهي ته الله اهو ڏينهن آني جنهن تي اسان سڀ سنڌي سنڌ جي هڪئي پليٽ فارم تي گڏ ٿيون۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌي قوم جي گڏجڻ جي هڪ اُميد

    جي ادا بلڪل تمام بهترين ونڊ آهي .
     
  5. عامر سنڌي

    عامر سنڌي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 فيبروري 2011
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد آهيان
    ماڳ:
    ضلع شهيد بينظيرآباد
    جواب: سنڌي قوم جي گڏجڻ جي هڪ اُميد

    سلام سڀني سنڌي ڀائرن کي مان هن فورم ۾ نئو آيو آهيا ن انهي لا فعلحال توهان سڀني سنڌي ڀائرن کي سلام کان سوا ڪجه به نه چوندس.....
    مهربانيون
    جيئي سنڌوديش
    سدا جيئي سنڌوديش
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي قوم جي گڏجڻ جي هڪ اُميد

    [justify]
    ادا عامر سنڌي وعليڪم السلام، سدا جيئي سنڌ، اوهانکي سنڌ دوست اوطاق تي ڀليڪار چئجي ٿي، اميد ته اوهان هن اوطاق جي دوستن سان دوستي جا ناتا مضبوط ڪندا سنڌ ۽ سنڌيت تي سهڻا مضمون ۽ ليک ونڊ ڪندا ۽ موجود ليک پڙهي پنهنجن خيال کان آگاهه ڪندا ۔۔۔

    اوهانکي هي اوطاق ڪيئن لڳي ۔۔۔؟ اسانجو مقصد ۽ متو سنڌ ۽ سنڌيت آهي، اچو ته سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون ۽ پنهنجو فرض نڀايون

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو