مست
سينيئر رڪن
آمريڪا جي غلاميءَ ۾ اسان جو ملڪ سدائين اڳڀرو رهيو آهي پر جيڪي مثال هن دورِ حڪومت ۾ قائم ٿيا آهن اهي ڪڏهن به نه ٿيا آهن۔۔
ڪجهه وقت پهرين پاڪستان جي هڪ نياڻي عافيه صديقي جي باري ۾ آمريڪي حڪومت ”هڪ انڌو فيصلو“ ڪري کيس 86 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي۔۔۔ نياڻيءَ جو ڏوهه ڪهڙو هو؟؟ سندس تي اهو الزام هو ته هن آمريڪي فوجين تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي۔۔۔ نه هٿيار مليو نه ثبوت مليو، ان باوجود ان باصلاحيت ڊاڪٽر کي ايڏي ساري سزا ٻڌائي وئي ۔۔۔ ان کان علاوهه جيڪي ذهني سختيون هن قيد ۾ سٺيون۔۔۔۔ اهي الڳ، عورت ذات اها به مسلمان، غير مسلمن جي وچ ۾ قيد۔۔۔ الله ڄاڻي ڪهڙا ڪهڙا ظلم ٿيا هوندا ساڻس۔۔۔
پر تازو پاڪستان جي شهر لاهور ۾ آمريڪا جي هڪ شهري سفاڪيءَ سان ٽي پاڪستاني شهرين کي پاڪستاني سرزمين تي بنا ڪنهن خوف جي گوليون هنيون ۽ وري گاڏيءَ هيٺان لتاڙيو۔۔ هتي ته ثبوت به آهن، گواهه به آهن، هن شخص کي ته عافيه صديقي جي مقابلي ۾ ٽيڻچوڻتي سزا ملڻ گهرجي۔۔ پر افسوس جو اهڙي شخص کي مُلڪي ادارن ايتري ته حفاظت سان رکيو آهي ۽ ان جي باري ۾ لفظ به ڳالهائڻ کان گهٻرائين ٿا جو وڃي ٿيا خير۔۔ ڪيڏو نه افسوس جو مقام آهي ته هڪ غير مُلڪي شخص مُلڪ جي اندر هڪ مصروف مقام تي ٻه ٽي خون ڪري ٿو ۽ ماڻهن جي گوڙ تي پڪڙجي پوي ٿو پر حڪومت ان تي ايڪشن کڻڻکان پوءِ به لهرائي ٿي۔۔ الائي جي ڇا مسئلو آهي؟؟؟ تازي اطلاعن موجب کيس پوليس جي تحويل مان آمريڪا جي ايمبيسي ۾ منتقل ڪيو ويو آهي۔۔ جتان هو آرام سان ٻاهرئين ملڪ وڃي سگهي ٿو جتي پاڪستاني قانون جي پهچ سندس تائين نه هوندي۔۔۔
شايد اسان جي مُلڪ جو عوام هڪ ڪاسائيءَ جي ڪڪڙن مثل ٿي ويو آهي، جتان ڪاسائيءَ کي مرضي پوي ڪهڙي به ڪڪڙ کڻي تڙ تڪڙ ۾ هٿ سان حلال ڪري کائي۔۔۔
مست۔۔۔۔۔