سنڌ جي بيباڪ ليکڪه محترمه امر سنڌو سنڌ جي مظلوم ۽ ظلمن جي ستايل عورتن لاءِ پنهنجي قلم توڙي مختلف فورمن تان عملي جدوجهد ڪندڙ امر سنڌو پنهنجي مزاج ۾ اڄڪلهه کان باغي عورت ناهي، ننڍپڻ کان ڪتابن مان شعور حاصل ڪري عام رواجي ڇوڪرين کان هٽي ڪري هن برقعو نه پائڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان ڏينهن کان اڄ تائين امر سنڌو مردن جي ڪلهوڪلهي ۾ ملائي فورمن تي ڳالهائي ٿي ۽ لکي به ٿي، ڪوٽ غلام محمد تعلقي جي ڳوٺ دودو خان لغاري ۾ جنم وٺندڙ امر سنڌو اڄ پاڻ مڃايو آهي، سندس چوڻ آهي ته ”اسان جو ڳوٺ به عام رواجي ڳوٺن کان مختلف ناهي، ڳوٺ مٽ مائٽن تي ٻڌل ڄڻ هڪ ويڙهو آهي، جتي منهنجي پرورش ٿي، 5 درجا آئون پرائمري اسڪول ۾ پڙهيس، جيئن اڪثر ٻهراڙين ۾ 5 ڪلاس تائين ڇوڪرا ڇوڪريون گڏ پڙهندا آهن، جنهن بعد مڊل اسڪول نه هجڻ ڪري ميرپورخاص ناناڻن ڏانهن هلي ويس ۽ وڌيڪ تعليم اتي ورتي. امر سنڌو ٻڌايو ته سندس تربيت عام رواجي ڇوڪرين وانگر ٿي پر هميشه ماءُ کان متاثر ٿي، ڇاڪاڻ جو هوءَ اڪثر ڪري ڪتاب پڙهندي رهندي هئي، ننڍپڻ ۾ ڪا خاص خواهش نه هئي ته وڏو ٿي هيئن ٿينديس، بعد ۾ يونيورسٽي ۾ استاد ٿيڻ جو شوق ٿيو، امر سنڌو کي ڪڏهن به اهو محسوس نه ٿيو آهي ته سندس شهرت جي ڪيتري هاڪ آهي، مختلف ماڻهن کان شيون وٺي گم ڪرڻ جي کيس عادت آهي، جنهن ڪري اڪثر دوست ۽ گهر وارا مٿس ڪاوڙ ڪندا آهن، هن سفارش تي ڪڏهن به ڪو ڪم نه ڪرايو، سندس چوڻ آهي ته اها ٻي ڳالهه آهي ته سفارش ڪير ٻڌي ئي نٿو، هوءَ چوي ٿي ته نه آئون دولت جي پٺيان آهيان نه شهرت جي، بس ڪتاب پڙهڻ ۾ مزو ايندو آهي، ادب، تاريخ، شاعري، فلسفو، مذهبي ڪتاب به پڙهندي رهندي آهيان، عشق ڪنهن مرد سان نه پر ٻيا کوڙ سارا عشق ڪيا آهن. امر سنڌو شخصي آئيڊيلزم ۾ نه پر سندس مٿان نظرين جو سحر رهندو آهي. عام ماڻهن جيان امر سنڌو کي به ڪو هڪ ملڪ نه پر کوڙ سارا ملڪ وڻن ٿا. دولت، محبت ۽ شهرت مان امر سنڌو محبت کي ترجيح ڏيڻ پسند ڪري ٿي، سياست سان کيس گهري دلچسپي آهي. هوءَ چوي ٿي ته سياست منهنجي زندگي آهي، سياست انسان لاءِ بهترين سماج جي جوڙجڪ آهي، ڇاڪاڻ ته غير سياسي ماڻهو وٽ ڪو تصور ناهي هوندو، باصلاحيت عورت هوندي آهي يا مرد؟ واري سوال تي امر سنڌوءَ جو چوڻ آهي ته جنهن کي اظهار جا موقعا ملن ٿا، اهو باصلاحيت ٿي وڃي ٿو، صلاحيتون جنس جي آڌار تي نٿيون اچن، ها جيڪڏهن عورتون باصلاحيت گهٽ آهن ته ان جو مک سبب اهو آهي ته کين موقعا فراهم نٿا ڪيا وڃن. امر سنڌو لاءِ ٻي شادي ڪندڙ مرد ناقابل برداشت هجن ٿا. امر سنڌو عورتن جي بنيادي مسئلن بابت ٻڌائي ٿي ته انسان جو بنيادي مسئلو اهو آهي ته ان کي فرد جي حيثيت ملي، سماج ان کي فرد تسليم ڪري، خاص طور عورت کي فرد تسليم ڪرڻ لاءِ اسان جي سماج ۾ کوڙ ساريون رڪاوٽون آهن جيڪي ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن ثقافت جي نالي ۾ موجود هجن ٿيون، کين جنس جي آڌار تي پوئتي رکيو وڃي ٿو، عورت جي غلامي، ماتحتي حيثيت بنيادي طور پڌر شاهي سماج آهي، جيڪو ذاتي ملڪيت تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ عورت کي ڪنهن نه ڪنهن جي ملڪيت سمجهيو وڃي ٿو. امر سنڌو ڪيتريون ئي مصروفيتن باوجود گهر ۾ رڌ پچاءُ جو ڪم ڪندي آهي، عورت جي آزادي بابت امر سنڌو ٻڌائي ٿي ته فرد جي آزادي جي حد عورت جي آزادي جي به آهي ۽ منهنجي نظر ۾ آزادي ذميواري سان ڳنڍيل آهي، اهو مرد هجي يا عورت، ذميواري کانسواءِ آزادي ڇڙواڳي آهي. موت جو خيال عام ماڻهن جيان امر سنڌو کي به ايندو آهي. هوءَ ٻڌائي ٿي ته مون کي به ڪڏهن ڪڏهن موت جو خيال ايندو آهي ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي ته موت ننڊ وانگر آهي، بس ماڻهو سمهي رهندو. ڪتاب، ڪمپيوٽر کي پنهنجي زندگي ۾ اهم سمجهندڙ امر سنڌو شيخ اياز ۽ لطيف جي شاعري کي گهڻو پسند ڪندي آهي ۽ اڪثر پڙهندي به رهندي آهي، عورتن جي صلاحيتن کي مڃتا نه ملڻ ۽ تسليم نه ڪرڻ واري سوال تي امر سنڌو جو چوڻ آهي ته نه رڳو عورتن پر طبقاتي سماج ۾ ڪمزوري هيڻن طبقن، قومن جي صلاحيتن کي تسليم نٿو ڪيو وڃي، قومي حوالي سان قوم جي صلاحيت کي نه مڃيو ويندو آهي، پاڪستان ۾ حڪمران اهو چوندا رهيا آهن ته سنڌين ۾ صلاحيت ناهي، پنهنجي لتاڙ لڪائڻ لاءِ اهڙا جواز ڳوليندا آهن، محبت جو اظهار امر سنڌو اڃا نه ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته کيس ڪڏهن موقعو مليو ته پيار جو اظهار ڪندي ۽ محبت کي هوءَ زندگي سمجهي ٿي، پنهنجي شخصيت مان امر سنڌو متاثر ناهي، سندس ٿورا دوست آهن، تعداد بدران هوءَ خاصيتن تي اهميت ڏئي ٿي. عرفانه ملاح کي پنهنجي بهترين دوست سمجهندڙ امر سنڌو کي پنهنجي هٿ سان پچايل کاڌا گهڻو وڻندا آهن. بشڪريه ڪاوش امر سنڌو جا ڪالم پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو امر سنڌو جا ڪالم نمبر 1 __امر سنڌو جا ڪالم نمبر 2________________ امر سنڌو جا ڪالم نمبر 3 امر سنڌو جا ڪالم نمبر 4 امر سنڌو جا ڪالم نمبر 5 امر سنڌو جو الطاف شيخ بابت هڪ ليک اامر سنڌو الطاف شيخ۔۔۔۔۔۔۔ ڊائرين ۾ شاعري لکڻ واري عمر کان به گهڻو اڳ، جڏهن اڃان ڪاڙهي تتي ۾ بلور چٽبا هئا، ڏاٽ چُمائيو کيڏندي کن پل ۾ وڻن جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃبو هو، نٽهڻ اُس ۾ سرد شامن ۾ ساڳ پٽڻ لاء ٻنين ڏانهن پنڌ ڪاهبو هو يا اڃان به وري ٻاراڻي رونشي خاطر ڪنهن پرائي ٻڪري کي ڌڻ کان چنل ڏسي، اواٽي تي چوري چوري کير ڏهي پيئڻ جهڙيون حرڪتون به وڏو ائڊونچر پيون لڳنديون هيون، ته اس ڪاڙهي نه ئي سياري پاري جي پرواه نه مٿي ۾ وارن کي ڦڻي نه پيرن ۾ جتي جو هوش. انهن ئي ڏينهن ۾ ان ئي ڇڙواڳ ۽ بيپرواه ٻاراڻي وهي ۾ منهنجو روح اهڙيءَ دنيا سان اٽڪيو جا اکرن جي ئي اڍائي اکري دنيا هئي. اڍائي اکري ان ڪري جو پنهنجي عمر ڀيچي نه ملي سگهڻ ڪري گڏين راند کيڏي نه سگهيس ۽ ائين روايتي ٻارڙن واري لڏي کان ڪي پل ٻاهراچي هڪ ٽڪاء هٿ ڪيم، سو هو ناني بابي جو ڪتابن سان ڀريل ڪٻٽ، جو منهنجي اندر جي سموري راند جو مرڪز ۽ محور بڻيو. ٻاراڻو ادب ته ممڪن آهي ته ان دؤر ۾ به تخليق ٿيندو هجي پر اتي جتي ڪورس جي ڪتابن کانسواء وري ٻي ڪابه پڙهائي ٻارن لاء ممنوع هجي، اتي پنهنجي عمر جي حساب وارن ڪتابن تي پهچ يقيناً ناممڪن هئي، نه سمجهه ۾ ايندڙ ڪتابن کان هلندڙ سفر ۾ جن ڪتابن سڀ کان پهرين پنهنجي ساحري ۾ جڪڙيو سي هئا سفرناما، سي به سنڌ جي پهرين سيلاني الطاف شيخ جا-ها ان وقت جڏهن سنڌ جا ڳوٺ بجلين ۽ ٽي-وي وارين سهلتن کان به ناآشنا، تڏهن اهي سفرناما ”سنڌباد سيلاني“ جي سفر کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئا. سنڌي ادب ۾ پڙهندڙ لاء پهرين ڏاڪي طور ڪم ايندڙ الطاف شيخ جا اهي سفرناما رڳو مون کي ئي نه پنهنجي ٽهيءَ جي ڪيترن ئيم پڙهندڙ لاء بلڪل ڪرزما رهيا. الطاف شيخ لفظن وسيلي انهن سڀني اڻ ڄاتل، اڻ ڏٺل ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڻ ٻڌل دنيائن جي ديس ۾ وٺي ويندڙ، عجيب گائيڊ، عجيب سونهون بنيو، ڏسندڙ اک سان نه پر محسوس ڪندڙ Imaging Eye سان هڪ نئين دنيا پڙهندڙ جي اندر ۾ تخليق ڪندو ان جي سير ڪرائيندو ويندو. ائين رڳو ليکڪ پاڻ ئي نه پر سندس پڙهندڙ به انهن ڏور ڏسائن جي دنيائن جي آگاهي حاصل ڪندو، ان جي Fantasy ۾ گم ٿيندو ويندو. ان ڳالهه ۾ ته وڌيڪ بحث جي ڪا گنجائش ئي ناهي ته الطاف شيخ جو پڙهندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ان ئي Fantasy ۾ جيئندو رهيو. ايستائين، جيستائين ٽيڪنالاجي وسيلي انفارميشن عام ٿي گهر گهر تائين نه پهتي. تڏهن اخبارن جو مُنهن به ڪو پنجين اٺين ڏينهن پيو نصيب ٿيندو هو، تڏهن الطاف شيخ جا سفرناما اها واحد دري هئي، جتان سنڌ کان ٻاهر، سمنڊ اپسمنڊ جي مفاصلن تي ڪوهين ڏور، ست سمنڊ پار وارين ڌرتين، سماجن ۽ اڻ ڏٺل دنيائن ۾ جهاتي پائي ٻاهر جو سڌ سماء وٺي سگهبو هو. رڳو ايترو ئي نه پر انهن سفرنامن ”پرديس وڃڻ واري“ سنڌ سان وابسته ان Myth کي ٽوڙن لاء پهريئن پٿر طور ڪم ڪيو، جيڪو سنڌين جي کاتي ۾ ائين ٿي ليکيو ويو ته ”سنڌي ڳوٺاڻا ٻاهر ڪيئن نڪرندا، انهن ته ساڳي نالي جو ٻيو شهر به ڄڻ پرديس آهي“ ۽ اها به وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفي چئبي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي قومون پنهنجي طبعي سياسي، اخلاقي ۽ تهذيبي اهڃاڻن بدران انهن سان وابسته ڏند ڪٿائي حوالن سان وڌيڪ سڃاتيون وڃن ٿيون. ائين ئي گهر کان ٻاهر جي دنيا کي پرديس سمجهڻ Mythکي الطاف شيخ جي سفرنامن نه رڳو ڀڃي غلط ثابت ڪيو، پر ٻئي پاسي سندس قلمڪاري واري پورهئي ۽ سندس سفرنامن لکڻ واري ڪرت سنڌي نوجوانن ۾ سمنڊ، اپسمنڊ، ڏور ولايت جي رنگين دنيا ۽ پرفريب منظرن ڏانهن ڇڪ ۽ ديس ديس جي صحرا جهاڳڻ جو اتساهه پڻ پيدا ڪيو . سفرنامن واري ادب جي تاريخ کڻي ڦلهوربي ته ابن بطوطه کان ويندي هاڻوڪي پنهنجي هن سنڌي سيلانين تائين ڪيترائي نانءُ، ڪيترائي اسلوب ۽ ڪيترائي نمونا انهن مان ڳولهي، جدا جدا درجه بندي، ڪري سگهجي ٿي پر الطاف شيخ کي انهن سڀني سفرنامن ۽ سندس لکيل سفرنامن ۾ جدا ڪري الڳ طريقي سان پرکي سگهجي ٿو . هئ سنڌ جو يگانو ليکڪ آهي جو جسماني طو ر تي ڏور ديس جون دنيائون جهاڳيندڙ سيلاني آهي پر ذهني طور هو محقق يا جاکوڙي آهي ۽ دلي طور تي رائٽر آهي . الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ جتي رنگين راتين نيون سائين سان ٻرندڙ وسامندڙ گهٽين همسفر ساٿين جا چرچا گهٻا ۽ ٻيا دلچسپي جا سامان وڌيڪ هوندا هئا سندس اڄوڪن سفرنامن ۾ جاء جاء تي تجزياتي تبصرا شخصي ڪمينٽس وڌيڪ شامل آهن منهنجي نظر “ ان جو بنيادي سبب به سندس عمر ۽ سندس تجربوآهي شروعاتي سفرنامن۾الطاف اهڙو بود ۾ ڀريل اک حيرت ۾ ٻڏل ۽ پير سفر جي پنڌ ۾ جواني جو رنگ زندگي جا پهريان تجربا ۽ قلم جي رواني هئي هاڻوڪا سفرناما هڪ ذميدار ۽ زندگي جي تجربن ما ن پچي راس ٿيل سيلاني جا آهن هاڻوڪي اک حيراني مان نڪري هڪ جهانديده نظر جو ڏيک ڏئي ٿي ۽ مشاهدن سان گڏ تجزيو ۽ تبصرو هڪ ئي بيان ۾ نظر اچن ٿا. امر سنڌو جي فيس بوڪ لنڪ امر سنڌو فيسبوڪ
جواب: سنڌ جي بيباڪ ليکڪه محترمه امر سنڌو ادا ممتاز مهرباني امر سنڌو جو قلم ڪڏهن به ڪونه رڪيو آهي ۽ هميشه نه صرف عورتن تي ٿيل ظلم پر معاشري جي هر رخ تي هن پنهنجي قلم جي نوڪ سان گهڻو ڪجه لکي ڇڏيو آهي۔ سندس قلم جي تيز ڌار وارن سٽن کي پڙهي سندس سوچ جي مقام جو اندازو ٿي ويندو آهي۔ امر سنڌو ۽ ويگس کي مون ڪڏهن به لکڻ کان پري نه ڏٺو آهي۔ شروع شروع ۾ مونکي سندس لکيل ڪالم تمام خشڪ لڳندا هئا ۽ سمجه ۾ نه ايندا هئا پر سنڌ سان ٿيل ويساه گهاتين ۽ خاص ڪري معاشرتي ظلمن تي جيئن جيئن گهرائيء سان سوچيوسين ته امر سنڌوء جا ڪالم انهن جي ترجماني ڪندي نظر آيا۔
جواب: سنڌ جي بيباڪ ليکڪه محترمه امر سنڌو شابس آهي امر سنڌو کي پنهنجي رڌڻي ۾ ماني پچائيندي آهي ۔۔۔ سندس ڪو ليک به هن ليک سان شامل هجي ها ته خبر پوي ها ته محترمه ڪهڙن خيالن جي آهي ۔۔۔ باقي مٿي ليک ۾ ته ڪنهن به عام رواجي پڙهيل لکيل عورت جون ڳالهيون آهن ۔۔۔ باقي ها برقعي سان بغاوت ڪري وڏو ڪم ڪيو اٿس ۔۔۔؟؟؟ ۔۔۔ مردن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائڻ به سندس خوبي ۾ ليکجي ٿو ۔۔۔ شابس اٿس ۔۔۔ سندس ڪلهو الطاف شيخ سان مليل نظر اچي ٿو ۔۔۔ ڀلي ڪلهو ملائي پنهنجو اٿس۔۔۔۔ بلڪ اسان وٽ کوڙ اديب آهن جيڪي مائن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ لا آتا آهن ۔۔۔ پر جي مايون پاڻ ئي اچي ڪلهو ملائينديون ته بس چار چنڊ لڳي ويندا اهن ۽ ماحول خوشگوار لڳندو آهي ۔۔۔ اسانکي هر عورت لا اهو ئي پسند ڪرڻ گهرجي جيڪو اسين پنهنجي عورت لا پسند ڪندا آهيون ۔۔۔اسانجي سنڌي معاشري ۾ عورت جو مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائڻ (جسماني طور) برو ليکيو ويندو آهي ۔۔۔ ها جيڪڏهن مرد تعليم حاصل ڪري ٿو ته عورت کي به ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن مرد سڪون ۽ آرام جي زندگي گذاري ٿو ته عورت کي به گذارڻ جو حق آهي، پر الله تعالا عورت ۽ مرد ۾ جسماني ۽ ذهني طور فرق رکيو آهي ۔۔۔ ٻنهي جي فطرت ۾ فرق آهي ۔۔۔ انڪري عورت کي پنهنجي فطرت ۾ رهڻ جو پورو حق آهي ۽ مرد کي پنهنجي فطرت ۾ رهڻ جو پورو حق هجڻ کپي ۔۔۔ اهو اسلام آهي ۽ انصاف آهي ۔۔۔ الله اسانکي سمجه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
جواب: سنڌ جي بيباڪ ليکڪه محترمه امر سنڌو ادا ابڙا صاحب سندس ڪافي سارا ليک اخبارن ۾ لکيل آهن خاص ڪري سندس ڪافي سارا ليک سنڌيجي مشهور اخبار ڪاوش ۾ موجود آهن جن جون لنڪون پڻ مون هت ڏئي ڇڏيون آهن ۽ اهي لنڪون مون هاڻي ونڊ ڪيون آهن توهان وري ٻيهر ونڊ تي نظر وجهندا ته مهرباني ٿيندي۔
جواب: سنڌ جي بيباڪ ليکڪه محترمه امر سنڌو لک ٿورا، تمام گهڻا ليک ونڊ ٿيل آهن ۔۔۔ وقت سر پيا پڙهبا ۔۔۔ هڪ هڪ ڌاڳي ۾ ڪو 10 کان به وڌ ليک آهن ۔۔۔ محترمه سٺا ليک لکيا آهن، هي هڪ ليک جو حوالو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي قومپرستن کي غيرت ڪرڻ لاءِ چيو اٿس ۽ سچ چيو اٿس ته جڏهن سنڌ تڪليف ۾ آهي ته اسانجا هيرا گم ٿي وڃن ٿا ... دعائن ۾ گڏ
جواب: سنڌ جي بيباڪ ليکڪه محترمه امر سنڌو ادا ابڙا صاحب توهان جي مهرباني جو توهان وري منهنجي هن ونڊ کي ڏسي ڪري پنهنجا خيالات درج ڪيا آهن