عبدالستار ايڌي جنهن کي جمهوريت پسند، آمر، سيڪيولر، ڌاڙيل، طالبان، عورتون ۽ ٻار سڀ پسند ڪن ٿا [/IMG] [JUSTIFY]پاڪستان ۾ انسانيت عبدالستار ايڌي کان شروع ٿئي ٿي، جنهن جي ڄمار 88 سال آهي ۽ کيس اها به خبر نه آهي ته پئسن جي پويان ڊُڪڻ جو مطلب ڇا آهي. هن اڄ تائين ڪنهن به سرڪار کان امداد نه ورتي آهي. هو رڳو عوام جي مدد سان 63، 64 سالن کان اهڙو ادارو هلائي رهيو آهي جنهن جي ماهوار آمدني هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي. هو سادو ايترو آهي جو چوي ٿو ته وٽس ٻيڻي رقم اچي ٿي ۽ هڪوڻي خرچ ٿئي ٿي هو ايترو ته بهادر آهي جو ڪوبه پروٽوڪول نه ٿو رکي ۽ بدترين حالتن ۾ به ڪا سيڪيورٽي نه هوندي اٿس. بلوچستان ويو ته کيس پڪڙيندڙ ڌاڙيل به توبهه تائب ٿيا ۽ کيس فنڊ ڏنائون. اتر وزيرستان ۾ طالبان کيس بي لوث اڳواڻ مڃيو ۽ وڏي امداد ڏئي کيس حفاظت سان روانو ڪيائون. وٽس ڪوبه رک رکاءُ ناهي ۽ نه ئي ساراهجڻ جي تمنا اٿس. عبدالستار ايڌي 1928ع ۾ ڀارت جي شهر گجرات جي ڳوٺ بانٽوا ۾ ڄائو جتي اڪثريت وچولي طبقي جي ماڻهن جي هئي ۽ سندن گذاري جو وسيلو ڪاروبار هو. ستار جا 4 ڀائر ۽ 2 ڀينرون هيون پر سڀ کان ننڍي ڀاءُ عزيز کان سواءِ سڀ رب جي راهه جا راهي بڻجي چڪا آهن. والدين جي تربيت سبب عبدالستار ننڍپڻ کان ئي سماجي ڪم ڪندو هو پر دل نه لڳڻ سبب تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. ننڍپڻ ۾ موڪل وقت اسڪول ٻاهران اچي بيهندو هو ۽ ٻارن سان جهيڙا ڪندو هو. استاد اڪثر کائنس ناراض رهندا هئا ۽ گهر رڳو دانهون ئي اينديون هيون. استادن جي سوالن جا جواب نه ڏيندو هو. خاص حڪمت عملي تحت استادن کيس ڪلاس مانيٽر بڻايو. دل نه لڳڻ باوجود گهر وارن جي دٻاءَ تي اسڪول ويندو هو، آخرڪار ٻئي ڪلاس ۾ صبر جو پئمانو لبريز ٿي ويس ۽ پڙهڻ کان نابري واريائين. ننڍپڻ ۾ دوستن سان گڏجي وڻن تي چڙهي ويندو هو ۽ هڪ جيڏن کي تنگ ڪرڻ لاءِ خطرناڪ جانورن جا آواز ڪڍندو. هو ان سان گڏوگڏ منجهس انسانيت لاءِ پيار به موجود هو. رمضان مهيني ۽ عيدن تي سندس والده ۽ ٻيون ميمڻ عورتون غريبن لاءِ کاڌي پيتي جي شين جا ننڍا پيڪيٽ ٺاهينديون هيون جيڪي ورهائيندو عبدالستار ئي هو. هو ٻڌائي ٿو ته والده جي تربيت جي ڪري اڪثر بانٽوا جي گهٽين ۾ گهمي ڦري معذور ماڻهن جي مدد ڪندو هو. 9 ٺڪري سندس پسنديده راند هئي پر ڪرڪيٽ اٽي ڏڪر به کيڏندو هو ۽ ڊوڙ جي مقابلن ۾ به حصو وٺندو هو. ايڌي جو چوڻ آهي ته شروع کان ئي باغي هيس هڪ ڀيرو دوستن سان گڏ گهران ڀڄي احمد آباد ويس پر پوءِ واپس موٽي آيس ۽ والدين سمجهايو جنهن کان پوءِ وري اهڙو قدم نه کنيم. ننڍپڻ ۾ انسانيت لاءِ وڏو ڪم ڪرڻ جو سوچيندو هيس پر اها خبر نه هئي ته ڪهڙو ڪم ۽ ڪيئن ڪرڻو آهي. ابتدا کان ئي سادي زندگي گذاريم، هميشه سچ ڳالهايم۽ محنت کان نه ڪيٻايم. 11 سالن جو ٿيس ته حاجي عبدالله جي ڪپڙي جي دڪان تي نوڪري ڪيم جتي 5 رپيا ماهوار پگهار ملندي هئي. مالڪ جو مون تي وڌيڪ اعتماد هو ان لاءِ ٻيون ذميواريون به مليون ته آمدني ۾ به اضافو ٿيو. اهو زمانو تمام سٺو هو چار آني سير کنڊ ۽ 20 پئسا کير هو. ان وقت کير ليٽرن ۾ نه ملندو هو. ان دوران هندستان ۾ سامراج جو دم ٽٽڻ لڳو هو ۽ ننڍي کنڊ ۾ ڌار ملڪ جون تياريون ٿيڻ لڳيون. قائداعظم بانٽوا آيو ته ساڻس ملاقات ٿي، سڀني سندس تقرير دوران اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ۽ کيس پارٽي فنڊ لاءِ 35 هزار رپيا گڏ ڪري ڏنا ويا. بابا چيو ته بهتر مستقبل لاءِ پاڪستان هلڻ کپي، هن برادري جي ٻين ماڻهن کي به ان ڳالهه تي آماده ڪيو. 6 سيپٽمبر 1947ع تي ميمڻ برادري جا 4 هزار ماڻهو اچي ويا، ان وچ ۾ 5 ڏينهن رکي سکي ماني کائي گذارو ڪرڻو پيو. ٻيڙين تي عربي سمنڊ ذريعي ڪراچي پهتاسين. ان وقت 22 ورهين جو هيس ڪجهه وقت ملير ۾ رهڻ کان پوءِ بابا جوڙيا بازار سان ڇاپڙا گهٽي ۾ ننڍو گهر ڀاڙي تي ورتو. ميٺادر ۾ زمين جو هڪ ٽڪرو 1300 رپين ۾ خريد ڪيو جيڪو بلقيس ايڌي جي نالي آهي منهنجي نالي رڳو ڇاپڙا گهٽي وارو گهر آهي جتان امان ۽ بابا جا جنازا کنيم. عبدالستار ايڌي چيو ته کيس ننڍپڻ کان ئي ايمبولينس هلائڻ جو شوق هو ڇاڪاڻ ته ان سان تمام سٺا ڪم ٿيندا آهن. ڪراچي آياسين ته کيسي ۾ ٽڪو به نه هو، پئسا آڻڻ سڀ کان وڏو مسئلو هو. امان بابا گُر سيکاريو هو ته روڊ تي بيهي خيرات گهري وٺجو، اها عادت اڄ تائين موجود آهي ۽ ان سان ئي هي ادارو جڙيو ۽ انشاءَالله قائم رهندو، جنهن جا اڪثر معاملا فيصل سهڻي نموني پيو هلائي، ڌيءُ ڪبريٰ پڻ يتيم ٻارن ۽ بي سهارا عورتن جي سار سنڀال ڪندي آهي. 1977ع ۾ ڪراچي ۾ فلو جي وبا پکڙي ته هن تنبوئن ۾ 9 ڊسپينسريون قائم ڪري سول اسپتال جي سکيا وٺندڙ ڊاڪٽرن کي مفت ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ آماده ڪيائين مارڪيٽن مان اوڌر تي دوائون حاصل ڪيائين. هو اينٽي بائيو ٽڪ دوائن خلاف آهي ۽ ان کي ڪاروبار سمجهي ٿو. سندس طبي مرڪزن تي به ساديون دوائون ڏنيون وينديون آهن. سندس جذبو ڏسي ماڻهن کيس 37 هزار رپيا عطيو ڏنو جڏهن ته خرچ رڳو 7 هزار رپيا ٿيا هئا. عبدالستار ايڌي پنهنجي ايڌي فائونڊيشن اڃا تائين رجسٽرڊ نه ڪرائي آهي ڇو ته ان کي ضروري نه ٿو سمجهي پر حيدرآباد جي هڪ عدالت گجراتي ٻولي ۾ جمع ڪرايل درخواست جي بنياد تي کيس ڊڪلئيريشن ڏنو هو. ان بنياد تي هن پراڻي هملٽن ايمبولينس خريد ڪئي ۽ 25 سالن تائين ان عوام جي خدمت ڪيائين .هڪ کٽ تي سمهندو هو پر کيس ڪوبه خوف نه هو. خدمت ڏسي ماڻهو ڏانهس مائل ٿيا. هو ريڊ ڪراس ۽ سين جون به ويو ۽ انهن جو لائيف ميمبر بڻيو. ان دوران سندس اداري کي پئسا به ملندا رهيا ۽ حقدارن ۾ ان جي ورڇ به جاري رهي. ماڻهو قرباني جون کلون به جمع ڪرائيندا هئا. 35، 35 هزار کلون گڏ ٿينديون هيون. رمضان ۾ فطرو به ملندو هو، ائين خدمت وڌندي وئي. ظلم جي مخالفت ڪرڻ تي کيس برادري مان ”نيڪالي“ ڏني وئي. شروع ۾ سندس ڀرپور مخالفت به ٿي ۽ اڪثر مخالف سرمائيدار هئا ڇاڪاڻ ته هو فلاحي ڪم کي به ڪاروبار سمجهندا آهن پر ايڌي پرواهه نه ڪئي. پئسا گڏ ٿيڻ سان گڏ فلاحي ڪمن لاءِ وڌيڪ جڳهه به خريد ڪيائين ۽ 6300 رپين جي نئين ايمبولينس به ورتائين اڄ به ماڻهو کيس ياد ڪن ٿا ته هن 50 سال اڳ سندن ماءُ کي ايمبولينس ۾ اسپتال پهچايو هو. ذوالفقار علي ڀُٽي دور ۾ لياري ۾ بسم الله بلڊنگ ڊهي پئي، اتي به ايڌي رضاڪارن امدادي ڪم ڪيو، ڀٽو صاحب اتي آيو ۽ ايڌي کي سڏي چيائين ته مون وٽ ههڙا رضاڪار هجن ته انقلاب آڻي ڇڏيان. بينظير ڀٽو به اڪثر بلقيس ايڌي سان ملڻ ايندي هئي ۽ عطيا ڏيندي هئي. ايڌي جو چوڻ آهي ته ٽرسٽ جو سڄو ڪم الله جي ڪرم سان هلي رهيو آهي ڪنهن به حڪومت يا پرڏيهي ملڪ کان امداد نه ورتي اٿم رڳو عوام آڏو جهولي پکيڙي اٿم. جنرل ضياءَ 5 لک رپين جو چيڪ ڏنو ته واپس ڪري ڇڏيم ڇاڪاڻ ته حڪومت جو غلام بڻجڻ نه ٿو چاهيان. هن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ رڳو 3 باصلاحيت حڪمران رهيا ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ پرويز مشرف، پرويز مشرف سٺو ماڻهو آهي پر سياست دان ڪڏهن به کيس اقتدار ۾ اچڻ نه ڏيندا. ضياءُالحق اسلام جي اوٽ ۾ ڊرامو ڪيو، سندس رنگ مذهبي نه پر ڊرامائي هو. سندس چوڻ آهي ته 73 ملڪن ۾ ويو آهيان پر پاڪستان جهڙي قوم نه ڏٺي اٿم، جيڪڏهن مخلص حڪمران ملن ته پاڪستان آمريڪا کان امداد وٺڻ بدران کين امداد ڏئي سگهي ٿو. ٽئڪس ۽ زڪوات چوري ۽ فضول خرچي ختم ڪئي وڃي ته سڄي دنيا کي امداد ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ٿي، هن پڇيو ته ڪو ڪم هجي ته ٻڌايو چيم ته هن اداري لاءِ عوام ئي ڪافي آهي. بيورو ڪريسي به ڀرپور امداد ڪندي آهي يو ايس ايڊ ۽ ٻين تنظيمن کان امداد وٺڻ کان انڪار ڪيو اٿم، آمريڪا هيلي ڪاپٽر ڏنو هو پر اهو پراڻو ٿي چڪو آهي ان لاءِ هاڻ ٻيو هيلي ڪاپٽر کپي. لبنان ۽ بيروت جي جنگ ۾ رڳو ايڌي ٽرسٽ امدادي ڪم ڪيا. ايران ۽ دبئي جي امدادي آڇ رد ڪئي وئي. سوات ۾ دهشت گردي خلاف جنگ دوران ايڌي اسپتال قائم ڪئي ۽ 4 ميڊيڪل اسٽور کوليا. اتي عورتون پردو ڪن ٿيون پر ايڌي کي ڏسي اهي به گهونگهٽ مٿي ڪري سلام ڪنديون هيون ۽ ايڌي کي والد کان به وڌيڪ سڃاڻن ٿا. ٻوڏ وقت حڪومت پي ٽي وي ذريعي کانئس امداد جي اپيل ڪرائي ۽ عوام به ايڌي کي ٻوڏ متاثرن لاءِ دل کولي عطيا ڏنا. ايڌي پوڻا 2 لک ميتن کي غسل ڏئي چڪو آهي پر هاڻ 88 سال عمر اٿس ان لاءِ مختلف سينٽرن تي رضاڪارن کي به سکيا ڏني وئي آهي بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ ايڌي جو نالو نوبل پرائيز لاءِ به اماڻيو ويو پر کيس ان جي ڪابه پرواهه ناهي ۽ هو عوام جي پيار کي ئي سڀ ڪجهه سمجهي ٿو. هو ڪراچي کان پشاور ويندو آهي ته 25 کان 30 هزار رپيا چندو ته جهاز ۾ ئي ملي ويندو اٿس. پشاور ۾ ته عورتن پنهنجو پاتل سون به کيس لاهي ڏئي ڇڏينديون آهن، پٺاڻ ته ساڻس پشتو ڳالهائڻ لڳندا آهن ڇو ته شڪل ۽ لباس مان هيءُ پٺاڻ ئي لڳندو آهي. هو 70 سالن کان هڪ ئي رنگ جا ڪپڙا پائيندو اچي، هو باچا خان جي بيلچه تحريڪ کان متاثر هو ۽باچا خان کان متاثر ٿي مليشيا پائڻ شروع ڪيائين. کيس باچا خان ايوارڊ به ڏنو ويو. ايڌي جي چهري تي هميشه مُرڪ رهندي آهي، کيس ياد ئي نه آهي ته هيستائين ڪيترا ايوارڊ ماڻي چڪو آهي ۽ ڪنهن ڪنهن کيس ايوارڊ ڏنا آهن پر سندس ڌيء ڪبري جي الماري ايوارڊن سان ڀرجي چڪي آهي ٻار، عورتون نوجوان سڀ کيس ”ابو“ سڏيندا آهن۽ کيس اهو سٺو لڳندو آهي. ايڌي هڪ ڀيري بلوچستان وڃي رهيو هو ته رستي ۾ کيس ڌاڙيل ڦري آيا، پر جڏهن ڌاڙيلن کيس سڃاتو ته نه رڳو کانئس معافي ورتائون پر امدادي رقم جا به ڍير لڳائي ڇڏيائون ۽ کيس حفاظت سان ڪوئيٽا پريس ڪلب تائين پهچايائون. ان ئي رات فوج کيس کڻي ديرا اسماعيل خان پهچايو هِن چيو ته شر پسندن اغوا ڪري ورتو ته اهي حڪومت کي بليڪ ميل ڪندا ۽ ڀنگ جو مطالبو ڪندا. ايڌي وزيرستان به ويو ۽ طالبان سان به مليو، طالبان کيس خدائي فقير چون ٿا ايڌي آڏو ظالمن جي سڃاڻپ دولت جي غير منصفاڻي ورڇ ڪندڙ، مهانگائي ۽ غربت پکيڙيندڙ آهن. عبدالستار ايڌي پنهنجي ٽرسٽ جا خرچ ۽ گهر جا خرچ ڌار ڌار رکيا آهن، هو ٽرسٽ جو ٽڪرو به ذاتي طور استعمال نه ٿو ڪري کيس 4 ايوارڊ مليا آهن جنهن ۾ شيخ زيد بن سلطان ايوارڊ به شامل آهي جنهن جي ماليت 10 لک رپيا آهي ۽ کيس مليل ايوارڊن جي ماليت 32 ڪروڙ رپيا آهي سندس ذاتي ملڪيت ۾ ميٺادر وارو گهر شامل آهي، جيڪو 1300 رپين ۾ خريد ڪيو ويو اهو بلقيس ايڌي جي نالي آهي جڏهن ته ڇاپڙا گلي وارو ننڍڙو گهر سندس نالي تي آهي فرٽيلائيزر ڪمپني کيس گهر جي خرچ لاءِ 8 لک رپيا ڏيندي آهي اڳ ۾ دڪان هئا ۽ اتان به ڀاڙي جي رقم ايندي هئي، گهرو خرچ مان پئسا بچندا آهن ته اهي به ايڌي ٽرسٽ ۾ لڳايا ويندا آهن ايڌي ٽرسٽ طرفان آمريڪا ۽ لنڊن ۾ اڄ به 10، 10 هزار ڊالر جا فنڊ ڏنا پيا وڃن. دنيا جي 12 وڏن شهرن ۾ به ايڌي سينٽر موجود آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ 375 سينٽر آهن. سياچن کان ننگرپارڪر تائين ايڌي جون 1600 ايمبولينسون ڪم پيون ڪن ۽ اداري سان 7 هزار ماڻهن جو روزگار واڳيل آهي. هيستائين 19 هزار ٻار ايڌي جي پينگهي ۾ ڇڏيا ويا آهن ۽ هاڻ پوليس وارا به ٻار ڇڏيندڙن کان پڇاڻو نه ٿا ڪن. ايڌي جو چوڻ آهي ته ٻارن کي ماضيءَ بابت نه ٻڌايو وڃي ۽ کين پنهنجو اولاد سمجهي رکيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن طريقي سان کين خبر پئجي وڃي ٿي ته هو باغي ٿيو وڃن ۽ هو واپس ايڌي سينٽر اچي ويندا آهن. انهن ٻارن مان ڪيترائي هاڻ شادي شده آهن ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ٻن ٻارن جي ماءُ واپس هتي اچي مائٽن جو پڇيو، کيس ٻڌايو ويو ته ايڌي ۽ بلقيس ئي تنهنجا ماءُ پيءُ آهن، ايڌي ٻڌايو ته جيڪڏهن شادي کان پوءِ ڪا ڇوڪري سمجهي ٿي ته ساڻس بدسلوڪي ٿي آهي ته ايڌي فائونڊيشن ان ڇوڪري جي مدد ڪندي آهي ۽ ساڻس گڏ بيهندي آهي چئن سالن ۾ 227 شاديون ڪرايون ويون آهن، نينگرين کي ڏاج به ڏنو ويندو آهي ته زيور به، هڪ شادي تي هڪ لک رپيا خرچ ايندو آهي جيڪو ڪونه ڪو الله جو بندو ادا ڪري ڇڏيندو آهي. ايڌي فائونڊيشن جو ساليانو خرچ اٽڪل هڪ ارب رپيا آهي پر آمدني ان کان ٻيڻي آهي ۽ ادارو پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي ۽ عبدالستار ايڌي پنهنجي اولاد کي چيو آهي ته هاڻ معاملا پاڻ سنڀاليو. ايڌي وڏو عاشق مزاج ثابت ٿيو آهي هن کلندي ٻڌايو ته زندگي ۾ جيڪا به ڇوڪري پسند آئي ان سان محبت جو اظهار ڪرڻ ۾ دير نه ڪيم، 12 کان 13 ڇوڪرين کي شادي جي آڇ ڪري چڪو آهيان جن مان چئن ها ڪئي ۽ چئني سان شاديون ڪيم، ٻه بلقيس سان شادي کان اڳ۽ هڪ پوءِ بلقيس لاوارث ٻارن جي سار سنڀال لهندي هئي، اتي ئي وڻي وئي، کيس شادي جي آڇ ڪيم جيڪا هن قبولي ورتي. هن ٻڌايو ته بلقيس تمام گهڻي پروگريسو آهي ۽ تمام گهڻي حوصلا افزائي ڪيائين. تقرير به تمام تمام سٺي ڪري ٿي جنهن جي تعريف ڪندو آهيان. تازو ئي هڪ ڏوهٽي جي شادي تي ڪجهه ناراض ٿي ڇو ته ڪنوار ڌارين مان هئي پر مون کيس خوشيءَ سان قبول ڪيو ۽ پوءِ بلقيس به راضي ٿي وئي. مون چوٿين شادي بلقيس سان شادي کان 10 سالن کان پوءِ ڪئي جيڪا لڪايم پر هوءَ ڪجهه عرصي کان پوءِ هڪ مولويءَ سان ڀڄي وئي. کلندي چيائين ته مون اڃا تائين کيس طلاق نه ڏني آهي پر مولويءَ سان ڀڳي آهي هن جائز طريقو ڪڍي نڪاح به ڪري ورتو هوندو. هي روزانو اسر جو 4 وڳي اٿي ويندو آهي، قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ ترجمو ٻڌندو آهي ۽ پوءِ نيرن ڪندو آهي نيرن سڪل ماني ۽ کير سان ڪندو آهي پوءِ دوا کائيندو آهي ڇو ته 35 سالن کان شگر جو مريض آهي پر اڃا تائين ايلو پيٿڪ علاج نه ڪرايو اٿس ۽ نه ئي اڄ تائين فلم ڏٺي اٿس. موسيقي سان محدود دلچسپي اٿس. محمد رفيع ۽ نور جهان پسند جا فنڪار اٿس ۽ محمد رفيع جو گانو ”اس دل ڪي ٽڪڙي هزار هوئي، ڪوئي يهان گرا، ڪوئي وهان گرا“ پسند اٿس جيڪو ٻڌندو رهندو آهي. سڄو ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ هوندو آهي ڪو حادثو ٿئي ٿو ته امدادي ڪارراوئي جي معائني لاءِ پهچي ويندو آهي، منجهند جو هڪ ماني ٻوڙ سان کائيندو آهي زندگي ۾ ڪڏهن به چانهه نه پيتي اٿس ۽ نه ئي تماڪ ڇڪيو اٿس. سندس منجهند جي ماني سندس ڌيءُ ڪبريٰ گهران ٺاهي اماڻيندي آهي ڀڳل گوشت پسنديده کاڌو اٿس ۽ پاڻ به رڌي سگهي ٿو. هڪ ڀيرو بينظير ڀٽو کي اقتدار مان ڪڍڻ لاءِ کيس استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. عمران خان کيس سياست ۾ اچي ۽ بينظير خلاف ساٿ ڏيڻ جو چيو. هڪ رٽائرڊ فوجي به ان سلسلي ۾ مٿس دٻاءُ وڌو، انڪار تي کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون ته هو پهرين فلائيٽ پڪڙي هميشه لاءِ لنڊن هليو ويو پر جڏهن ملڪي ۽ غير ملڪي ميڊيا اها خبر هلائي ته ساڻس ڪيترن ئي ماڻهن رابطو ڪيو ۽ ڀروسو ڏياريو جنهن تي هو هڪ مهيني بعد ملڪ موٽي آيو. عبدالستار ايڌي ملڪ ۾ فوجي انقلاب کي اڻ ٽر قرار ڏئي ٿو، سندس چوڻ آهي ته جمهوريت هڪ بوگس ڌنڌو آهي. هتي اصل جمهوريت نه ٿي هلي سگهي. فوجي دور ۾ کائڻ وارا گهٽ هوندا آهن پر جمهوريت ۾ تمام گهڻي ڦرلٽ ٿئي ٿي ان راند ۾ مذهبي پارٽيون به ڪجهه گهٽ نه آهن. اهي مذهب جي نالي تي انسانيت کي ورهائينديون آهن[/JUSTIFY] عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل
جواب: عبدالستار ايڌي جنهن کي جمهوريت پسند، آمر، سيڪيولر، ڌاڙيل، طالبانن سڀ پسند ڪن ٿ هن ماڻهونءَ جي تعريف ۾ چوڻ لاءِ لفظ آهن ئي ڪون ۔۔۔ بس کيس سلام ۽ دعائون ڪري سگهجن ٿيون ۔۔۔ ڀٽي صاحب سچ چيو هو ته هن جهڙا ڪي چند ٻيا ماڻهون هجن ته ملڪ ۾ انقلاب آڻڻ سولو ٿي پوي ۔۔۔ جنهن ماڻهونءَ کي ڌاڙيل به پڪڙي ڇڏي ڏين ۽ مٿان پئسا ڏئي وڃن ته باقي ڇا بچيو؟ سلام عبدالستار ايڌيءَ جي مان کي ۔۔۔
جواب: عبدالستار ايڌي جنهن کي جمهوريت پسند، آمر، سيڪيولر، ڌاڙيل، طالبانن سڀ پسند ڪن ٿ جيتوڻيڪ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ دوران مٿس سخت تنقيد به ٿي ته هو سنڌ ۾ نظر ڇو ڪونه آيو پر ان باوجود سندس ڪم ساراه کان مٿي آهي۔ اهو ماڻهو آهي جنهن جي ايڌي هوم ۾ هو پاڻ ۽ سندس گهرواري ٻارن جي سار سنڀال لهڻ وڃن ٿا ۽ ايڌي ميت خانو اڻ کُٽ ماڻهن جي غسل ڪفن جو بندوبست پڻ ڪري ٿو۔ ٻي وڏي ڳاله ته اسان جي اسپتالن ۾ ميت رکڻ لاء سردخانا ڪونهن پر ايڌي سينٽر تي موجود آهن۔
جواب: عبدالستار ايڌي جنهن کي جمهوريت پسند، آمر، سيڪيولر، ڌاڙيل، طالبانن سڀ پسند ڪن ٿ عبدالستار ايڌهي جو خدمتون ساراه جوڳيون آهن کيس سلام آهي
جواب: عبدالستار ايڌي جنهن کي جمهوريت پسند، آمر، سيڪيولر، ڌاڙيل، طالبانن سڀ پسند ڪن ٿ عبدلستار ايڌهي جو نالو مون بي بي سي تي ڪيترا دفعا ٻڌو هو پر جڏهن سن 2000 ع کان بعد ڪنهن ايوارڊ شو ۾ مون هن کي ورلڊ آف گنيز بڪ ۾ شامل ٿيڻ تي ايوارڊ ۾ مون پهريون ڀيرو ڏسي حيران ٿي ويس ميرا ۽ چتيون لڳل ڪپڙا پهريل هئا... حال ۾ مجود سڀ ماڻهون اٿي هن جي لاءِ تاڙيو وڃائي رهيا هئا...
جواب: عبدالستار ايڌي جنهن کي جمهوريت پسند، آمر، سيڪيولر، ڌاڙيل، طالبانن سڀ پسند ڪن ٿ بلڪل ايڌي صاحب جي تعريف ڪرڻ به گهرجي توڻي جو پاڻ ڪڏهن به ان شيء جو قائل ناهي پر سندس ڪم تعريف کان به مٿي آهي
جواب: عبدالستار ايڌي جنهن کي جمهوريت پسند، آمر، سيڪيولر، ڌاڙيل، طالبان سڀ پسند ڪن ٿا مهرباني ادا ايڌي صاحب سادو سودو ۽ عام ماڻهوء وانگر رهندڙ شخصيت آهي سندس ڪيل ڪم انساني تاريخ ۾ ياد رکيا ويندا
جواب: عبدالستار ايڌي جنهن کي جمهوريت پسند، آمر، سيڪيولر، ڌاڙيل، طالبانن سڀ پسند ڪن ٿ سائين تمام بهترين مضمون ونڊڻ تي اوهان جي مهرباني .
جواب: عبدالستار ايڌي جنهن کي جمهوريت پسند، آمر، سيڪيولر، ڌاڙيل، طالبانن سڀ پسند ڪن ٿ سائين رحيم بخش صاحب اوهان جا ٿورا جو هن مضمون تي پنهنجي راء ڏني ۽ پسند ڪيو
جواب: عبدالستار ايڌي جنهن کي جمهوريت پسند، آمر، سيڪيولر، ڌاڙيل، طالبانن سڀ پسند ڪن ٿ ادا ايڌيء بابت تمام سٺي معلومات ڏني بيشڪ هي ماڻهون تعريف جي لائق آهي
جواب: عبدالستار ايڌي جنهن کي جمهوريت پسند، آمر، سيڪيولر، ڌاڙيل، طالبانن سڀ پسند ڪن ٿ ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا۔ عبدالستار ايڌي صاحب به اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ آهي