پاڪستان ۾ انقلاب ...؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [justify]
    پاڪستان ۾ انقلاب ...؟
    عزيز ناريجو
    پاڪستان ۾ انقلاب؟ ڇا اهو پاڪستان جهڙي گهڻ قومي رياست ۾ ممڪن آهي جتي تمام شديد قومي تضاد موجود آهن؟ يا انقلاب ته پري رهيو پر قومي مسئلي جي حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ هن ملڪ کي قائم رکڻ ئي ڏکيو ٿي پوندو؟
    پاڪستان ۾ انقلاب جي ڳالھ گهڻي ٻڌڻ ۾ ايندي آهي۔ ڪيترائي ماڻھو ۽ سياسي ڌريون ملڪ ۾ انقلاب آڻڻ جون ڳالھيون ڪندا آهن۔ عرب ملڪن ۾ تبديليء جي آيل نئين لهر جي ڪري به اهڙين ڳالهين کي وڌيڪ هٿي ملي آهي۔ پر ڇا پاڪستان جهڙي گهڻ قومي ملڪ ۾ جتي قومي سوال تي شديد اختلاف موجود آهن ۽ جتي ماڻهو ثقافت، ٻولي ۽ تاريخ جي آڌار تي ورهايل آهن، اتي اهڙي ڪنهن انقلاب جي حقيقت پسنديء سان راه ڏسي سگهجي ٿي؟
    ٻيو اهو سوال به غور طلب آهي ته انقلاب جي ڳالھ ڪرڻ وارا ڪير آهن، انهن جو انقلاب ڪنهنجي لاء ۽ ڇاجي لاء آهي؟
    اهڙن ملڪن ۾ انقلاب لاء گڏ ٿيڻ سولو ناهي جيڪي ”هڪ قومي“ رياستون ناهن يا جيڪي ٻوليء، ثقافت ۽ تاريخ جي بنياد تي ورهايل آهن۔ ان ڳالھ تي ٻه رايا نه ٿا ٿي سگهن ته پاڪستان هڪ گهڻ قومي رياست آهي۔ هتي مختلف صوبن جون پنهنجون ٻوليون آهن، انهن جون پنهنجون ثقافتون آهن ۽ پنهنجي پنهنجي تاريخ اٿن۔ انهن جا مفاد به هڪٻئي سان نه ٿا ملن ۽ انهن جا قومي هيرو به هڪ ٻئي کان مختلف آهن۔ هڪڙن جا قومي هيرو ٻين لاء دشمن ۽ قابلٖ نفرت آهن۔ اهڙي ملڪ جا ماڻهو انقلاب لاء هڪ جاء تي ڪينئن گڏ ٿيندا؟
    پاڪستان جي رياست کي پهريون ڌڪ ته ان وقت لڳو جڏهن شروعاتي ڏهاڙن ۾ ملڪ جي اصلوڪن رهاڪن جي ٻولين ۽ انهن جي ثقافتن کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ملڪ تي هڪ ٻاهرين ٻولي ۽ ثقافت مڙهي وئي۔ انهن ڳالهين خلاف مزاحمت ته قدرتي ڳالھ هئي۔ انکان علاوه ملڪ ٺهڻ جي شروعاتي دور ۾ مرڪزي حڪومت طرفان غير جمهوري طريقي سان، اوڀر بينگال، سرحد، سنڌ ۽ پنجاب جون حڪومتون ڊاهيون ويون ۽ بلوچستان کي زبردستيء پاڻ سان ملايو ويو۔ ان مان خبر پئجي وئي ته ملڪ ۾ اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟
    ان کان علاوه پاڪستان جي پيڙھ تي سڀ کان وڏو حملو پاڪستان جي پيڙھ رکڻ واري اڳواڻ ڪيو جڏهن هُن بينگالين جي بنگلا ڀاشا کي قومي ٻولي ٺاهڻ جي گھُر رد ڪري ڇڏي۔ ان کان ٿورو پوء ڍاڪا ۾ بنگلا ڀاشا کي جائز مقام ڏيڻ جي گھُر ڪندڙ شاگردن تي گوليون هلايون ويون جنهن ۾ ڪيترائي شاگرد مارجي ويا ۽ ٻيا ڪيترائي زخمي ٿيا۔ انهن ڳالهين هڪ وڏي هلچل کي جنم ڏنو۔ ان هلچل ۽ قومي حقن جي مسلسل لتاڙ جو نتيجو 1971 ۾ ملڪ ٽٽڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو۔
    باقي رهيل پاڪستان ۾ به ساڳيون ئي پاليسيون جاري رکيون ويون۔ ننڍن صوبن، خاص طرح سنڌ ۽ بلوچستان جا لڳاتار حق غصب ڪرڻ، انهن تي نوآبادياتي راڄ قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ گهڻي عرصي تائين هلندڙ فوجي آمريتن ملڪ کي ناقابلٖ تلافي نقصان پهچايو آهي۔ هن وقت ملڪ کي جيڪي به مسئلا درپيش آهن، اُهي گذريل 63 سالن جي اهڙين غلط پاليسين جو ئي نتيجو آهن۔
    هينئر صورتحال فيصله ڪُن جاء تي پهچي چڪي آهي۔ ملڪ مڪمل طور تي ورهايل آهي ۽ سڀني ڌرين جو انقلاب لاء هڪ ٿيڻ ناممڪن بنجي چڪو آهي۔ صوبن جي ماڻهن ۾ هڪ ٻئي تي ڪو ڀروسو ناهي۔
    انهن سببن جي ڪري هاڻي ان ڳالھ جو وڌيڪ امڪان آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ قومي سوال جلد نه نبري سگهيو ۽ صوبن کي 1940 واري قراردادٖ پاڪستان ۾ ڪيل واعدي مطابق حق نه مليا ته ملڪ ۾ ڪو انقلاب اچڻ ته پري رهيو پر موجوده ڍانچو گڏ رکڻ به ڏکيو ٿي ويندو۔
    [/justify]

    ورتل ... indusherald.wordpress.co
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو