سنڌ جو سائين ... جي ايم سدائين

'سائين جي ايم سيد' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ جو سائين ... جي ايم سدائين


    [​IMG]
    .
    غلام مرتضا سيد ... جنهنکي اسين پيار مان سائين جي ايم سيد چوندا آهيون ... سنڌ جو ڪهڙو اهڙو سڄاڻ ذهن آهي جو کيس نه سڃاڻي ... سائين جي ايم سيد سنڌ جو هڪ اهڙو سورهيه پٽ هو جنهن پاڻ ملهائي ... سنڌ سان حقيقي عشق جو ثبوت ڏئي وڃي خالق حقيقي سان مليو ۽ اڄ به سندس آخري آرامگاه، ڪروڙين ماڻهن جي سلام جي جڳهه آهي ..

    ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
    تن جي عبدالطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
    ڪوڙين ڪن ســلام، اچيو اڱــڻ انجي.​


    سنڌ ڌرتي هونءُ به سٺن، صالح ۽ ڪامل انسانن جي پيدائش جي ڌرتي آهي جن مان سائين جي ايم به هڪ آهي، جي ايم سيد، سنڌ ڌرتيءَ جي اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جو هڪ اهڙو اڻوسرندڙ داستان آهي جنهنکي سنڌ نسل در نسل ياد ڪندي ۽ سندس ڏسيل لطيفي راهه جي طرف رهنمائي حاصل ڪندي رهندي ...

    سائين جي ايم جي پوري حياتي سنڌ ۽ صرف سنڌ هئي، ڄمار ساري سنڌ جي حقن جي جدوجهد ۾ گذاري پاڻ امر ڪري ويو ... سندس عشق سنڌ، سندس مذهب لطيف هو، هن مانواري انسان جو حسب نسب انتهائي مانائتو آهي سندس والد جو نالو سائين محمد شاه هو ... سندس ڏانڏنگ گهراڻو سنڌ جو مشهور صوفي بزرگ ۽ اڳواڻ سائين حيدر شاه سنائي آهي ... هن گهراڻي جو آخري ڇيڙو وڃي اسانجي رسول اڪرم محمد صلي الله عليه وسلم سان ملي ٿو ...

    جي ايم سائين ، سنڌ جي دادو ضلع جي سن شهر ۾ 17 جنوري 1904 ۾ پئدا ٿيو ... ۽ 1995ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃي خالق حقيقي جي بارگاه ۾ حاضر ٿيو ... پاڻ جڏهن اڃان 16 مهينن جا مس هئا ته سندن والد بزرگروار لاڏاڻو ڪري ويو ...

    جي ايم سائينءَ پنهنجي تعليم ڪنهن اسڪول مان ته ڪونه ورتي ۽ پنهنجي محنت پاڻ ذريعي پڙهندو رهيو. ان هوندي به سندس علمي حيثيت ۽ ٻولين جي ڄاڻ جهڙوڪ سنڌي، عربي، انگريزي ۽ فارسي تي مهارت ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندي هئي ... تاريخ، فلسفي، علم سياست ۽ مذاهب عالم تي عالمانه ڄاڻ رکندو هو ...

    چوڏهن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ جڏهن اڄ جا نوجوان رستي تي هلڻ سکي رهيا هوندا آهن ان عمر ۾ سنڌ جي سائينءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ... کيس 1919ع ۾ پنهنجي تعلقي جي اسڪولن جي بورڊ جو چئرمين منتخب ڪيو ويو ...

    1929ع ۾ ڪراچي ضلع جي لوڪل بورڊ جو صدر مقرر ٿيو...
    1930ع ، سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ ۾ اڳي کان اڳرو رهيو ۽ هاري ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو ...
    1937ع ۾ پهريون دفعو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ...
    1938ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو ...
    1940ع ۾ سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ٿيو ...
    1941ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ...
    1943ع سنڌ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو ...
    1944ع ۾ قرداد پاڪستان جي حمايت ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيائين ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حمايت ۾ قرداد مڃرائڻ م ڪامياب ٿيو ... هي اها اڪيلي قراداد هئي جا پاڪستان جي حمايت ۾ پاس ڪئي وئي هئي ۽ هن قرداد پاڪستان جي عملي وجود ۾ ريڙه جي هڏيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو ...

    1946ع ۾ مسلم ليگ سان اختلافن جي شروعات ٿي، جنهنجي نتيجي ۾ هڪ الڳ پارٽي ” پروگريسو مسلم ليگ“ جي نالي سان بنياد رکيو ويو ... ساڳي سال سائين جي ايم کي سنڌ اسيمبلي جي گڏيل پارٽين جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو ...
    1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چئرمين جا فرائض سرانجا م ڏنا ...
    1955ع ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ...
    1966ع ۾ ”بزم صوفياء سنڌ “ جو بنياد وڌائين ...
    1969ع ۾ ” سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ“ جو بنياد رکيائين ...

    سائين محترم جي ايم ” سنڌ عوامي آواز“ پارٽيءَ جو بنياد پڻ وڌو هو ... جا اڳتي هلي ” نيشنل عوامي پارٽي“ يا ” نيشنل پيپلز پارٽي“ جي نالي سان سڏجڻ لڳي هئي ...

    سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومي سياست کي فڪر لطيف ”صوفي ازم“ مارڪس ازم ۽ گانڌي جي نظرين سان ملائي عدم تشدد جي ذريعي سنڌ جي آزاديءَ ۽حقن جي ڳالهه ڪئي ...
    سائين جي ايم 65 کان به وڌ ڪتابن جو ليکڪ آهي ... سندس ڪتاب سنڌ ۽ عالم جي ڪل مذاهب، سياست ۽ نظرين جو نچوڙ آهن .. ادبي موضوع هجن يا سياسي، مذهبي هجن يا ثقافتي، انساني هجن يا مالياتي سڀني موضوعن تي ڪتاب لکيا اٿس جي سنڌ جي ادبي ۽ ٻولي جي خزانن ۾ قيمتي هيرن جي حيثيت رکنٿا ...

    جي ايم سائين دنيا جي سڀني روحاني نظرين ۽ مذاهب جو نه فقط احترام ڪندو هو پر پيار پڻ ڪندو هو... جي ايم سائين جي شخصيت جو احاطو ڪرڻ انتهائي مشڪل آهي ... هو هڪ اعلا ڪردار جو مالڪ، سچو ۽ وفادار انسان هو، سندس علمي حيثيت سنڌ جي سمورن ماڻهن تي حاوي آهي ... بردبار ۽ سچ تي سر ڏيڻ وارو انسان هو ... سنڌ ۽ سنڌين لاءِ کيس عشق هو ... جنهنجي پاداش ۾ کيس ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ ڏک برداشت ڪرڻ پيا هئا ...
    مهمانوازي ۽ ٻين کي مان ڏيڻ واري جذبي سان سرشار، کلڻ ۽ کلائڻ، ٻين کي خوش ڏسي پيو پاڻ گد گد ٿيندو، سندس شخصيت هڪ اهڙي اداري جيئان هئي، جنهنجو مثال ملڻ مشڪل آهي ... سڀني مناسب نظرين ۽ مخالفن کي مان ڏيڻ ته سندس شخصيت جو ن خاص خوبيون هيون ..

    صديءَ جا ڪيترائي ڏهاڪا هو سنڌ جي سياسي، سماجي، ثقافتي افق تي هڪ چمڪندڙ تاري جيئان چمڪندو رهيو جنهنجي چوڌاري سنڌ جو سڄو وايو منڊل ڦرندو رهيو ... جي ايم جو عشق سنڌ، جي ايم جو پائڻ سنڌ، جي ايم جو مرڻ سنڌ ... سنڌ جي محبت سندس رڳن ۾ ماءُ جي کير جيئان ڦري رهي هئي ... سنڌ جا ڏک سندس جا ڏک ، سنڌ جا سک سندس جا سک هئا ...

    جيتوڻيڪ جي ايم سائينءَ پاڪستان ٺاهڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو ۽ 1940ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان تاريخي قرارداد پاڪستان مڃرائي ورتي پر تنهن هوندي به سائين محترم پاڪستان جي تاريخ جو پهريون سياسي قيدي پڻ ٿيو ... ڇاڪاڻ جو حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندي سنڌين جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ وقت جي حڪمرانن سان مهاڏو اٽڪايو ...
    سنڌ سان مسلسل ويساه گهاتين کي ڏسندي، پاڪستان جي سياست کان تنگ اچي، ٻي ڪا واه نه ڏسندي محترم سائين جي ايم سيد، سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياري جي ڳالهه ڪئي ... 1973ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد وجهي سنڌ جي آزادي جي جدوجهد شروع ڪئي ۽ ” سنڌوديش“جو نظريو ڏنو ... پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ ۽ ان تي ڪا سمجهوتي بازي نه ڪرڻ ڪري کيس لڳ ڀڳ ٽيهه سال قيد و بند جون اذيتون ڏنيون ويون ۽ محترم سائين اهي اذيتون سنڌ جي عشق جي عيوض سهندو ۽ دشمن جي اکين ۾ اکيون ملائي للڪاريندو رهيو ...

    19 جنوري 1992ع ۾ سائين جي ايم سيد کي گهر ۾ نظربند ڪري، سندس گهر کي ننڍي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو، جنهن ۾ هو ڪنهن حاضري يا عدالتي پيشيءَ کان بغير ئي پنهنجي عشق جي سزا ڀوڳيندو رهيو ... سائين محترم کي بين الاقوامي انساني حقوق جي اداري ” ضمير جو قيدي “ قرار ڏنو ...

    پاڪستان حڪومت تي پنهنجا ويٺا هجن يا ڌاريا، جي ايم کي سزائون ڏيندا رهيا ۽ هو کلندي انهن سزائن کي پنهنجي ڳيچيءَ جو هار ڪري پائيندو رهيو ... جي ايم جو نظريو اڄ به ايترو ئي ڪارائتو ۽ سنڌ دوست آهي جيترو سندس زندگيءَ ۾ هو ... فرق صرف اهو آهي ته اها جبل جهڙي شخصيت هاڻ اسانجي وچ ۾ ناهي جو اسان کي آسرو ۽ سهارو هجي ...

    ڌڻيءَ در دعا آهي ته سنڌ تي ٻاجهه ڪندي، ڪو اهڙو انسان پئدا ڪري جو مارئيءَ کي پنهنجي ماڳ پهچائي ... آمين

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين ابڙا صاحب توهان جي اهڙي ئي ٻئي تحرير جو انتظار رهندو
    لاجواب شيئرنگ آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. علي منير پاٽائي

    علي منير پاٽائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين نثار ابڙا صاحب اسلام عليڪم خوش هجو شال توهان جي تحرير کي پڙهي تمام ؓگهڻي خوشي حاصل ٿي اڳ ۾ مونکي انهن شخصيتن جي باري ۾ باباسائين ٻڌائيندا هيا۔ پر سائين توهان جي تحرير کي پڙهي ڪري تسليم ڪيم ته واقعي سائين جي ايم سيد الله يرحم ۔ سائين جن سنڌجا بادشاه هيا ۔ سائين ابڙا صاحب بلڪل توهان سچ لکيوآهي سائين مان سڀني سنڌي ڀائرن کان معافي جو ؓطلبگار آهيان متان مونکي غلط سمجهو منهنجا سنڌي ڀائرو مان مڪه پاڪ ۾ ژڄائو آهيان سچ پڇوته اڃا مان جيجل امڙ سنڌ ڌرتيٌٌٌءَ تي نه آيو آهيان ؓسنڌ جي باري ۾ بابا ٻڌائيندو آهي ۽ سنڌي آهستي آهستي لکندو ۽ پڙهندو ؓآهيان ۔ توهان جي تحريرون جو انتظار رهندو۔
    توهان جودعاگو الله نگھبان
    علي منير پاٽائي
    مڪـوپاڪ جئي سنڌ سدائين جئي
    shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا نثار ابڙا جُڙيو هُجين شال: مهرباني دوست جو توهان سائين جي ايم سيد سان تعلق رکندڙ هي مقالو اسان سان شيئر ڪري اسان جي دوست سائين فياض عباسيءَ جي هڪ ديرينه خواهش پوري ڪئي۔ ادا فياض عباسي توهان جي خواهش سائين نثار ابڙو نيٺ پوري ڪري ڇڏي ۔ باقي سنڌي جوڌي سائين بشير خان قريشي جي زندگيءَ جي باري ۾ مقالو به جلد توهان جي سامهون اچي ويندو۔ ادا نثار انتهائي لاجواب معلومات اسان سان شيئر ڪرڻ جون مهربانيون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀائڙا علي منير،
    واليڪم السلام، مٺا اوهانجي مهرباني جو دعائن ۾ ياد ڪيو اٿوَ، اوهان پنهنجي بابا سائينءَ کي اسان پاران سلام چوندا ... ڀائڙا، آءُ هت مڪي ۾ آهيان ۽ هاڻوڪي مڪه گرانڊ ڪورال هوٽل ۽ پراڻي حيات ريجنسي هوٽل ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان، جي ڪا منهنجي مدد جي ضرورت هجي ته مهرباني ڪري هن نمبر تي 0507087437 ٻڌائيندا ضرور ..
    رب العالمين اوهانجي سنڌ گهمڻ واري خواهش پوري ڪري ... آمين
    نثار ابڙو
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    سائين جي ايم سيد جي زندگي تي توهان جي لکيل هن بهترين ڪالم سائين جي سموري زندگي کي وائکو ڪري ڇڏيو ۔۔۔ توهان جا لک قرب جو توهان فورم جو اهو قرض به ادا ڪري ڇڏيو۔۔۔۔

    هتي مان محترم سائين جي ايم سيد جي زندگي جي آخري پنجن مهينن تي لکيل محترم سهيل ميمڻ جي هڪ ڪتاب کي ساٿين سان ونڊيندس ۔۔۔۔

    [​IMG]
    سائين جي ايم سيد جي زندگي جي گذاريل آخري لمحن کي آن لائين پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا رشيد؛
    اوهان سائينءَ جي يادگار ڪتاب جو ونڊ ڪري ... اصل ٿورن کان به ڳالهه چاڙهي ڇڏي ... مٿان وري سائينءَ جو اهڙو يادگار فوٽو پڻ ... ڀاءُ رشيد! جنهن جڳهه تي سائين کٽ تي ويٺو آهي بلڪل ان جڳهه تي آءَ مهراڻ جي موجن ۾ وڃي سنان ڪندو هيس ... هڪ دفعي ته بغير ٻڌائي هليو ويس ۽ ڪئي ڪلاڪ درياهه ۾ ترندو رهيس ... ان دوران سائينءَ هڪ ماڻهون موڪليو ته ڳولهي اچوس ته ڪيڏانهن ويو ... جڏهن آءُ سائينءَ سامهون پيش ٿيس ته نصيحت ڪيائين ته اڳتي احتياط ڪريان ۽ جي ايترو ئي شوق هجي ته ڪنهنکي ساڻ وٺي وڃان ... ان وقت آءُ سائينءُ جي ڪتاب ”رهبر“ کي فيئر ڪري رهيو هيس ...

    سنڌ جو سائين انتهائي شفيق طبيعت جو مالڪ هو، رب العزت کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ... آمين
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ جو سائين ... جي ايم سدائين

    محترم سائين نثار احمد سائين سائين جن جي زندگيءَ تي اوهان تمام بهترين ڪالم لکيو آهي.
    سر شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جو سائين ... جي ايم سدائين

    مٺڙا سنڌ جا عاشق ۽ سائين جي ايم جا مجاهد؛ هي ليک مون شايد اڄ کان ڏه مهينا اڳ سائين محترم جي ايم سائينءَ جي سالگره واري ڏينهن (17 جنوري) تي ونڊ ڪيو هو ۔۔۔ محترم سائين جي ايم جو فڪر ۽ سنڌ سان سچائي ۽ عشق جو داستان ته اڻ کٽ آهي، جنهن تي هوند ڪيتريون ئي ڊاڪٽريٽ ٿين ۔۔۔

    تنهن هوندي به اسان پنهنجي عقيدت جا گل نڇاور ڪندا رهون ته جيئن ايندڙ نسل کي ان بابت ڄاڻ ملندي رهي ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ جو سائين ... جي ايم سدائين

    سائين پيرن تي هٿ، سائين جي ايم سيد جو جو نالو ٻڌنڌي جسم ۾ هڪ نئي سگھ پيدا ٿيندي آهي۔
    سائين تان شل مان قربان ٿيان۔۔۔۔سائين تي هر شي قربان۔
    بلڪل اوهان جو هي موضوع پراڻو آهي، پر سر مان هن کي اپ ڊيٽ ان جي ڪري ڪيوته جيئن نوان آيل پيارا سهڻا دوست پڙهي سگهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جو سائين ... جي ايم سدائين

    ادا nisar تحقيقي ونڊ ڪرڻ تي اوهان کي جس هجي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جو سائين ... جي ايم سدائين

    ،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،
     
  13. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جو سائين ... جي ايم سدائين

    تمام بهترين ۽ لاجواب شيئرنگ آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جو سائين ... جي ايم سدائين

    [​IMG]
    .
     
  15. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ جو سائين ... جي ايم سدائين

    [font="al_mushaf"]سائين نثار ابڙو صاحب شال جڙيو هجين مولا سائين توهان کي وڏي ڄمار عطا ڪري سهڻا سائين تمام گهڻي خوشي ٿي توهان جو ڪالم پڙهڻ سان اسان کي اهڙن ڪالمن جو انتظار رهندو[/font]

    تنهجو سائين منهنجو سائين
    جي ايم سيد جي ايم سيد
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جو سائين ... جي ايم سدائين

     
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جو سائين ... جي ايم سدائين

     
  18. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
  19. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جو سائين ... جي ايم سدائين

     
  20. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جو سائين ... جي ايم سدائين

    اڄ سنڌ جي سائين، محترم غلام مرتضا شاه جو ڏينهن آهي، هن ڏينهن تي لکين عقيدتمند سنڌ جي تاريخي شهر سن ۾ گڏ ٿي سنڌ جي عاشق مانواري سائينءَ کي عقيدت جي ڀيٽا ڏيندا آهن،

    آءُ سنڌ جي سڄڻن ۽ حب الوطن دوستن کي سلام پيش ڪندي سنڌ جي سائينءَ کي سلام پيش ڪريانٿو ۔۔۔

    ڪاش سنڌ سندس ڏنل فڪر کي سمجهي سگهي ۽ عمل ڪري دنيا ۾ آزاد ۽ خودمختيار قوم جي حيثيت سان پاڻ مڃائي سگهي ۔۔۔۔!!!!!!

    اي سنڌ توکي ڀيٽ ڏنا ڪنهن ماڪ ڦڙا ڪنهن لڙڪ ڦڙا،
    جن توکي پنهنجو رت ڏنو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا۔

    رب العالمين سنڌ جي عاشق، لطيف جي پوئلڳ غلام مرتضا شاهه جا درجا بلند ڪري کيس جنت ۾ مقام اعلا عنايت فرمائي ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو