نثارابڙو
نائب منتظم
دنيا جي ڪراڙي ماءُ ...
اڄ هن دنيا جي ڪراڙي ماءُ کي ڏٺو ته الائجي ڇو مونکي حضرت ذڪريا عليه السلام ياد اچي ويو جنهن پنهنجي وڏي عمر سبب ۽ اولاد جي نه هجڻ سبب رب جي بارگاهه ۾ دعا ڪئي ته کيس وارث عطا ڪيو وڃي، رب جي ذات حضرت ذڪريا سميت سندس زال جي اصلاح ڪئي ۽ کيس سهڻو پٽ حضرت يحي عطا ڪيو ... پيغمبر جي دعا هئي انڪري پٽ به پيغمبر پئدا ٿيو ...
اڄ انسان اشرف المخلوقات واري صنف جي پوئواري ڪندي طب جي علم ۾ ايتري ترقي ڪري ورتي آهي جو IVF نظام ذريعي عورت جي پيٽ ۾ ٻار جي پرورش ڪئي وڃي ٿي ۽ ٻار پئدا ٿئي ٿو ...
ٻي ڳالهه بيبي مريم جي ياد اچي ٿي ته بيبي سانئڻ کي بغير ڪنهن مرد جي پيٽ ٿيو ته هوءِ پريشان ٿي وئي ته رب العالمين کيس چيو ته سندس لاءِ هر شئي ممڪن آهي، هوءَ ڳڻتي نه ڪري ... اڄ انسان ان معرڪي کي به سر ڪري ورتو آهي ... جو ڪنهن به جراثيمي کي عورت ۾ پرورش ڏياري ٻار پئدا ڪيو پيو وڃي ...
هي ڏسو رومانيا ملڪ جي عورت نالي ادريانه جنهن 66 سالن جي عمر ۾ هيءَ سهڻي ڌيءَ نالي ايليزا پئدا ڪئي هئي.
هاڻ هن وري 72 سالن جي عمر ۾ هڪ ٻار پئدا ڪري دنيا جي ڪراڙي ماءُ جو خطاب پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي ...
هن مان اهو ثابت ٿيو ته هاڻ عمر ڪو مسئلو ناهي ۽ پيءُ جي نه هجڻ سان به ٻار پئدا ٿي سگهي ٿو ... قرآن شريف اهي ڳالهيون اڳ ئي ٻڌائي چڪو آهي ۽ اڄ طب انکي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ..