منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2011۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت ​

    هڪ شڪايت هت نوٽ ڪرائجي ٿي ته هي منهنجو لکيل ۔۔۔۔ مضمون۔۔۔۔ڪاڇي جي تاريخ هڪ مختصر جائزو + ( ڊاڪيومينٽري ) ڪنهن دوست هڪ ٻئي سائيٽ شيعه دوست فورم تي ونڊ ڪيو آهي جنهن ۾ نه منهنجو نالو ، ۽ نه وري سنڌ سلامت جو نالو استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪا ڳالهه قانونن درست نه آهي، هن فورم جي رستي ان دوست کي اهيو عرض آهي ته شيعه فورم تي انهيء منهنجي مضمون تي منهنجو نالو ڏنو وڃي ته بهتر آهي۔ هن مضمون۔۔۔۔ڪاڇي جي تاريخ هڪ مختصر جائزو + ( ڊاڪيومينٽري ) کي شيعه دوست فورم تي ڏسڻ لاء توهان هت ڪلڪ ڪري ڏسي سگهو ٿا۔
    ان کان علاوه اصل صورت ۾ سنڌ سلامت تي منهنجو هي مضمون ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت

    بلڪل ادا ممتاز توهان جي شڪايت درست آهي ان دوست کي گهرجي ته ڀل ان مضمون کي شيئر ڪري پر ان مضمون تي توهان جو نالو ڏڻ گهرجيس

    هن فورم جي ٿرو مون جو ان دوست ۽ ٻين دوستن کي به عرض آهي ته ڪٿان به مواد کڻو پر ان فورم ۽ ان ليکڪ جو نالو ضرور شيئر ڪريو

    سدائين گڏ
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت

    ادا مون ٻڌو آهي تي رجسٽر فورم پي ٽِي اي جي انڊر ۾ هوندا آهن جيڪڏهن انن جا ميمبر ان فورم ۾ ڪريڪس ڪيز ۽ ٻئي ويب سائيٽ تان مضمون چوري ڪرن ته ان ويب سائيٽ خلاف رپورٽ ڪري سگهجي ٿي.
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت

    ادا ممتاز هي ته تمام خراب ڳالھ آهي جو محنت اوهانجي ۽ اوهانجو نالوبه نه آهي۔۔هي مضمون شيعه دوست فورم جي ڪنهن ميمبر نه پر ايڊيٽر پوسٽ ڪيو آهي۔
     
  5. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت

    ڀا ‌پهريان ته اها تحرير اسان کي انهي فورم تي ڪونه ملي آهي۔۔۔؟؟؟

    ادا ڳالهه ته اوهان جي بلڪل صحيح آهي ، ڇو جو اهو هڪ اخلاقي فريضو به آهي ته انهي اصل شي کي ظاهر ڪيو وڃي ، پر افسوس سان اهو به لکڻو ٿو پوي ته اها شي نيٽ گردي ۾ تمام گهٽ پاتي ٿي وڃي، ڇو جو نيٽ تي اهڙيون ڪئي لکڻيون ملن ٿين جنهن ۾ اصل ليکڪ يا اصل سائٽ جو نالو ئي ڪونه ٿو ملي ۔
    انهي جو ثبوت اوهان کي هن پنهنجي ئي اوطاق تي ملن ٿا ته ڪئي اهڙيون تحريرون آهن جو انهي فورم شيعه دوست مان کنيون ويون آهن انهن جو ڪوبه حوالو نه ڏنو ويو آهي۔
    اهڙا موضوع ته ڪئي آهن پر ڪجهه مثال طور تي اوهان جي ڄاڻ لا‌ مڙني کي هيٺ نشاندهي ڪرايان ٿو۔
    هي تحرير اسان واري فورم تي شيعه دوست فورم کان ئي نقل ٿيل آهي۔ٻنهي پوسٽن جي تاريخ ڏسڻ ۽‌لفظن جي پڙهڻ سان ئي خبر پوي ٿي ته اها اصل تحرير ڪٿي جي آهي؟


    http://sindhsalamat.com/showthread.php?t=4547 استاد ۽ شاگرد 11/6/2010 جڏهن ته اها تحرير شيعه دوست تي http://www.shiadost.com/forum/viewtopic.php?f=57&t=359 8/1/2010 تي ڏنل آهي.

    http://sindhsalamat.com/showthread.php?t=4589 ادا مائي خيران جو منهن ڪارو 12/6/2010 جڏهن ته اها تحرير شيعه دوست http://www.shiadost.com/forum/viewtopic.php?f=57&t=73 اربع ڊسمبر 09, 2009 1:19 am

    http://sindhsalamat.com/showthread.php?t=5122 ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجھ اچي بوءِ بهار جي 12/7/2010 جڏهن ته اها تحرير شيعه دوست http://www.shiadost.com/forum/viewtopic.php?f=77&t=1338 جمعو جون 11, 2010 11:43 am


    پو‌ منهنجا مٺڙا ڀا‌‌ انهن جي به دانهن ته ضرور ٿيندي ته اهڙين تحريرن جو جواب ڇا هوندو منهنجي خيال ۾ انهي ڳالهه ۾ ايترو وزن ڪونهي جو اوهان ايڏي دانهن ڪئي آهي؟
    بهرحال انهي ڳالهه جو اسان جا دوست ئي فيصلو ڪندا ته رڳو شيعه دوست فورم وارا نه پر انهي ۾ اسان به قصور وار آهيون۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت

    ادا عمران صاحب مون رڳو شيعه دوست فورم لاء ناهي چيو ته ڪو هي ٻين جون تحريون چورائن ٿا، ، پر مون اهيو ضرور چيو آهي ته منهنجي لکيل هڪ تحرير مون شيعه دوست فورم تي ڏٺي آهي، جنهن ۾ ڪنهن به حوالي جو ذڪر ڪونهي ،( نه منهنجي نالي جو نه وري سنڌ سلامت جي فورم جو، )اگر اسان جي ڪنهن دوست به شيعه دوست فورم تان يا ڪنهن ٻئي فورم تان يا اخبار مان ڪا تحرير کنئين به آهي ته ان ۾ ڪو به ڏوهه ڪونهي، ۽ اگر ڪنهن کي ڪا سٺي شيء يا ڪا سٓٺي ڳالهه، تحرير ، ونڊ لڳي ٿي ته ان ۾ ڪو به عيب نه آهي، مگر يا ته ان دوست کي ان تحرير جي ليکڪ جو نالو ڏيڻ گهرجي يا پوء جنهن فورم تان اها تحرير کنئين وئي آهي ان جو نالو ڏيڻ گهرجي۔
    باقي ادا توهان لکيو آهي ته اسان کي اها تحرير شيعه دوست فورم تي نظر ئي ڪا نه ٿي اچي ان لاء عرض ته اها تحرير ڪنهن چالاق انهيء مهل ئي شيعه دوست فورم تان هٽائي ڇڏي آهي، مگر ان تحرير تي منهنجو نالو ڏيڻ پسند ناهي ڪيو افسوس جي به اهيا انتها آهي ۔ لڳي ٿو ته اهو شخص اسان جي سنڌ سلامت جي ساٿين مان ئي آهي، خير۔۔۔۔
    باقي توهان کي ان لاء هڪ ٻيو ثبوت به ڏيڻ چاهيان ٿو جنهن کي توهان هت ڪلڪ ڪري ڏسي سگهو ٿا، جنهن مان توهان کي خبر پوندي ته اها تحرير شيعه فورم تي پهرين ڪهڙي جاء تي موجود هئي ۽ هاڻي اتان اها تحرير هٽائي وئي آهي۔ وڌيڪ توهان گوگل ۾ لکيل تحريري لائين ۔۔۔شيعه دوست فورم • موضوع جو مشاهدو - ڪاڇي جي تاريخ هڪ مختصر جائزو .. ڪلڪ ڪندو ته شيعه دوست فورم جي اهائي جاء کلي ويندي جت پهرين اها منهنجي تحرير ڪاڇي جي تاريخ هڪ مختصر جائزو لڳائي وئي هئي جيڪا هاڻي هٽائي وئي آهي ۽ هاڻي اتي هي الفاظ نظر ٿا اچن۔۔۔۔۔۔گهربل موضوع موجود نه آهي
    .‎
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت


    هڪ شڪايت هت نوٽ ڪرائجي ٿي ته هي منهنجو لکيل ۔۔۔۔ مضمون۔۔۔۔ دادو جي دل دادو جو آوازاحمد شاه استاد بخاريٌء۔۔۔۔ عاشق سولنگي صاحب شايد توهان ئي پنهنجي هڪ ذاتي سائيٽ تي ونڊ ڪيو آهي جنهن ۾ نه منهنجو نالو ، ۽ نه وري سنڌ سلامت جو نالو استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪا ڳالهه قانونن درست نه آهي، جنهن ڳالهه جو توهان به اظهار ڪري چڪا آهيو۔۔۔۔ ۽ توهان پاڻ اهيو لکيو اهي ته۔۔۔ ادا ممتاز هي ته تمام خراب ڳالھ آهي جو محنت اوهانجي ۽ اوهانجو نالوبه نه آهي۔۔۔۔۔۔ سو ادا ان پنهنجي ڪيل ونڊ تي منهنجو نالو ڏيندا ته بهتر ٿيندو، مان توهان کي ان لاء ٿو چوان جو ان پوسٽ ڪيل مضمون ۾ توهان جو ئي نالو ۽ توهان جي تصوير ئي نظر ٿي اچي ۔۔۔۔باقي توهان پاڻ ئي سوچيو ته ڇا بهتر آهي ۽ ڇا بهتر نه آهي۔۔۔ مهرباني۔
    سنڌ سلامت تي اصل صورت ۾ منهنجو مضمون۔۔۔۔ دادو جي دل دادو جو آوازاحمد شاه استاد بخاريٌء۔۔۔۔ ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو ۽ منهنجو ساڳيو مضمون پنهنجي ذاتي سائيٽ تي ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو۔ مهرباني۔
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    عاشق سولنگي صاحب کان هڪ شڪايت آهي

    عاشق سولنگي صاحب کان هڪ شڪايت آهي​



    هڪ شڪايت هت نوٽ ڪرائجي ٿي ته هي منهنجو لکيل ۔۔۔۔ مضمون۔۔۔۔ دادو جي دل دادو جو آوازاحمد شاه استاد بخاريٌء۔۔۔۔ عاشق سولنگي صاحب شايد توهان ئي پنهنجي هڪ ذاتي سائيٽ تي ونڊ ڪيو آهي جنهن ۾ نه منهنجو نالو ، ۽ نه وري سنڌ سلامت جو نالو استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪا ڳالهه قانونن درست نه آهي، جنهن ڳالهه جو توهان به اظهار ڪري چڪا آهيو۔۔۔۔ ۽ توهان پاڻ اهيو لکيو اهي ته۔۔۔ ادا ممتاز هي ته تمام خراب ڳالھ آهي جو محنت اوهانجي ۽ اوهانجو نالوبه نه آهي۔۔۔۔۔۔ سو ادا ان پنهنجي ڪيل ونڊ تي منهنجو نالو ڏيندا ته بهتر ٿيندو، مان توهان کي ان لاء ٿو چوان جو ان پوسٽ ڪيل مضمون ۾ توهان جو ئي نالو ۽ توهان جي تصوير ئي نظر ٿي اچي ۔۔۔۔باقي توهان پاڻ ئي سوچيو ته ڇا بهتر آهي ۽ ڇا بهتر نه آهي۔۔۔ مهرباني۔
    سنڌ سلامت تي اصل صورت ۾ منهنجو مضمون۔۔۔۔ دادو جي دل دادو جو آوازاحمد شاه استاد بخاريٌء۔۔۔۔ ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو ۽ منهنجو ساڳيو مضمون پنهنجي ذاتي سائيٽ تي ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو۔ مهرباني۔
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عاشق سولنگي صاحب کان هڪ شڪايت آهي

    هل ته سهي ۔۔۔ يار عاشق ائين نه ڪر ٻيلي ۔۔۔ سنڌ سلامت سان ياري رکي، سنڌ سلامت جي دوستن کي ڏک نه رسا، جنهن شئي جي ضرورت هجي ته دوستن کي اطلاع ڪر يا وري انهن جو حوالو، يا انهن جي ڪا مڃتا ۔۔۔ ؟

    ڏاهو ٿي ۔۔۔ دوستي ۾ ڳالهه سڌي ڪجي يا وري دوستي نه رکجي ۔۔۔ ادي ممتاز جي ڳالهه بلڪل سهي آهي ۔۔۔ اوهانکي ان سان معذرت ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي بلاگ تي موجود ليک کي ممتاز صاحب جي معرفت ونڊ ڪرڻ گهرجي ۔۔۔

    نه ته ڪاڪي آچار جي عدالت کليل آهي
     
  10. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت


    السلام عليڪم

    دوست ممتاز اها تحرير ته مون به ان فورم تي ڏٺي هئي جيڪا مخلصي نالي ڪنهن دوست شيئر ڪئي هئي ۔۔۔ بحرحال اوهان جو فريضو اهو ئي بڻبو هو ته اوهان ان دوست کي ان ئي فورم تي ذاتي پيغام ذريعي آگاه ڪيو ها بجاء ان جي جو اوهان هتي نئون ڌاڳو ٺاهيو ۔۔۔۔ ۔۔۔
    ٻي ڳاله ته جي ڪڏنهن ڪو نالو ڏئي ٿو ته سٺي ڳاله آهي پر جي نالو نه ڏنو اٿائين ته ان ۾ ايترو ناراض ٿيڻ جي ڳاله نه آهي مهنجو سوال اهو آهي ته اوهان مضمون پهنجو مشهور ٿيڻ جي لاء لکيو آهي يا ڪنهن ٻي غرض لاء ۽ معلومات ڏيڻ لاء لکيو آهي ۔ جي مشهور ٿيڻ جي لاء لکيو آهي ته بروبر اوهان کي مشهور ڪرڻ گهرجي ۽ اوهان جو نالو ڏيڻ گهرجي ۔۔ پر جي نيڪ نيتي سان لکيو آهي ته جي نالو نه به آهي ته پوء به انسان کي ناراض نه ٿيڻ گهرجي اگر چه مان به ان ڳاله جي خلاف آهيان ته ڪنهن جو نالو نه نو وڄي ۔ ليڪن اگر ڪنهن ڪنهن مصلحت تحت نالو نه ڏنو آهي ته ان ۾ ايتري ناراضگي ڏيکارڻ به درست نه آهي بلڪه ان دوست کي اوهان ان متعلقو سايٽ تي ميسيج ڪري آگاه ڪيو ته هو ٻيهر اهڙو ڪم نه ڪري ۔ ادي عمران جي لاء اهو عرض آهي ته ادا
    مهنجو خيال آهي ته نيٽ جي دنيا تي خاص ڪري غير مذهيي ۽ بنا تحقيق ڀنز و مزاح جهڙآ موضوع اڪثر ڪري بنا حوالي جي ئي پيش ڪيا ويندا آهين ڇو ته هو ايترا ته مشهور هوندا آهين جو سڀ ڪنهن کي خبر هوندي آهي ۽ شعيه دوست فورم تان به اهڙي قسم جي ئي موضوعن کي هتي پيش ڪيو ويو آهي ۔ جنهن ۾ ناراض ٿيڻ جي ڳاله نه آهي ۔۔
    مهنجي خيال ۾ ته هڪ ٻئي کي الزام ڏيڻ ، فضول ڳالهين ۾ پهنجو وقت ضايع ڪرڻ جا شآيد اسان سنڌي عادي ٿي چڪا آهيون ان ڪري اهڙي قسم جا بحث تمام گهڻا ۽ ڪم جو ڳالهيون تمام گهٽ آهين
    ادا ممتاز جي مان اوهان تي اهو الزام هڻان ته اوهان اهو ڌاڳو شرورع ڪري شيعه فورم جي ايڊو ٽائز ڪري رهيا آهيو ته پوء؟؟؟ اوهان جو ڇا جواب هوندو ۔۔۔؟
    بحرحال مهنج و خيال آهي ته اسان پهنجو پاڻ کي اهڙي قمسن جي بحثن کان آجو ڪيون۽ هڪ ٻئي جي هٿ ۾ هٿ ملائي ڪري هلون جيڪي ااسان سان گڏ نٿا هلڻ چاهين انهن کي پيار ۽ محبت سان پهنجي سيني سان لائي ڪري هلون نه ڪي نفرتن جا باب کولي ڪري هر ڪنهن کي پهنجي واٽ جو واهو ٻنائي پاڻ اڪيلا رهجي وڄون اميد ۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ ۔

     
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت

    ادا علي علي صاحب۔۔وعليڪم سلام منهنجا پيارا ڀاءُ۔ الله توهان کي هميشه خوش ۽ آباد رکي آمين۔ ادا ڀاءُ، مٓٺا دوست ۽ ساٿي ۔۔۔ توهان جون سڀ ڳالهيون اکين تي مگر ادا توهان به اهو ئي ڪم ڪيو آهي جنهن ڳالهه جي توهان مون کي هدايت ڪئي آهي ته مان ان شخص کي ذاتي مسيج ڪيان هان، جڏهن ته شيعه فورم تي اهو منهنجو مضمون ۔۔۔۔۔۔ڪاڇي جي تاريخ هڪ مختصر جائزو + ( ڊاڪيومينٽري )۔۔۔ ڪنهن پوسٽ ڪيو آهي، مون کي معلوم نه آهي ۽ وري نه هو، سو ان ڪري اها شڪايت مان ذاتي ميسيج به ڪيان هان ته ڪنهن کي ڪيان هان ، سو ان ڪري مون سنڌ سلامت تي اهو اوپن ميسيج رکيو آهي، اهو به ان لاء ته جنهن اهو منهنجو مضمون ۔۔۔۔ڪاڇي جي تاريخ هڪ مختصر جائزو + ( ڊاڪيومينٽري ۔۔۔) شيعه دوست فورم تي رکيو آهي اهو به سنڌ سلامت جو ميمبر ئي آهي يا پوء سنڌ سلامت کان واقف آهي ۽ سنڌ سلامت جو فورم استعمال ڪندڙ آهي، ۔۔۔ ادا علي علي صاحب توهان منهنجي لاء لکيو آهي ته ۔۔ ( ٻي ڳاله ته جي ڪڏنهن ڪو نالو ڏئي ٿو ته سٺي ڳاله آهي پر جي نالو نه ڏنو اٿائين ته ان ۾ ايترو ناراض ٿيڻ جي ڳاله نه آهي مهنجو سوال اهو آهي ته اوهان مضمون پهنجو مشهور ٿيڻ جي لاء لکيو آهي يا ڪنهن ٻي غرض لاء ۽ معلومات ڏيڻ لاء لکيو آهي ۔ جي مشهور ٿيڻ جي لاء لکيو آهي ته بروبر اوهان کي مشهور ڪرڻ گهرجي ۽ اوهان جو نالو ڏيڻ گهرجي ۔۔ پر جي نيڪ نيتي سان لکيو آهي ته جي نالو نه به آهي )۔۔ سو ادا ان لاء عرض ته مون کي نه مشهوري گهرجي نه ڪو ٻيو منهنجو مطلب آهي، باقي انصاف ته اهو آهي ته جيڪا شيء جنهن جي هجي اها ان جي نالي سان سڏي وڃي، ۽ اگر ائين نه هجي هان ته دنيا ۾ ڪنهن به ڪتاب، مضمون، مقالي، شاعري، ۽ ڪالم تي ڪنهن جو نالو ئي نه هجي هان، ۽ ان ڳالهه مان شايد توهان به چڱي طرح واقف آهيو، ۽ حصرت علي سائين جي هڪ قول جو مفهوم به اهيو آهي ته انصاف اهو آهي ته جيڪا شيء جتي سونهين اها اتي رکجي، ۽ مون کي اميد آهي ته حضرت علي رضه سائين جي ان ڳالهه سان اتفاق صرور ڪندا۔ ۔۔۔ نوٽ۔۔۔ اهيو به ياد رهي ته مون حضرت علي رصه سائين جا چيل هوبهو الفاظ ته اتعمال نه ڪيا آهن مگر ان جو مفهوم پيش ڪيو آهي ) باقي ادا مان ان ڳالهه تي ناراض نه آهيان ۽ نه وري ٿيندس۔ انشاءالله۔ ۽ ادا علي صاحب توهان وڌيڪ لکيو آهي ته ۔۔۔ ( ادا ممتاز جي مان اوهان تي اهو الزام هڻان ته اوهان اهو ڌاڳو شرورع ڪري شيعه فورم جي ايڊو ٽائز ڪري رهيا آهيو ته پوء؟؟؟ اوهان جو ڇا جواب هوندو ۔۔۔؟ )۔۔۔ سو ادا ان لاء عرض ته شيعه دوست فورم جي توهان ته ايڊو ٽائز ڪري سگهو ٿا مگر مان نه، ڇو جو منهنجي ان ۾ ڪا دلچسپي ڪانهي۔ ۔۔ ان کان علاوه توهان کي مان اهيو به ٻڌائيندو هلان ته جڏهن ته مان به شيعه دوست فورم تان يا اخبارن مان، مختلف سائيٽن تان ڪافي ونڊون کڻندو آهيان مگر مان ان جي ليکڪ جو نالو ۽ فورم جو نالو ضرور ڏيندو آهيان، اگر ليکڪ جو نالو ناهي ملندو ته پوء مان فورم جو ئي نالو ڏئي ڇڏيندو آهيان ۽ اگر فورم جو نالو سمجهه ۾ ناهي ايندو ته مان ان ليکڪ جو نالو ته ضرور ڏيندو آهيان۔، ۽ اهڙي ريت اسان جي سنڌ سلامت فورم جا ڪافي سارا دوست آهن جيڪي مختلف فورمن تان پنهنجي پسند جون ونڊون هت سنڌ سلامت تي وند ڪن ٿا، ته پوء توهان ٻڌايو اگر اهي انهن فورمن جو يا سائيٽن جو حوالو ڏين ٿا ۽ انهن فورمن جو، سائيٽن جو نالو استعمال ڪن ٿا ، ڇا پوء اها ايڊو ٽائز نه آهي۔؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ باقي رهي ڳالهه عاشق سولنگي جي ته ان لاء مان اهيا ڳالهه مڃان ٿو ته مون کي کيس ذاتي ميسيج ڪرڻ گهجي هان، جنهن لاء مان کيس کان ان ڳالهه تي شرمندا آهيان۔ باقي ادا توهان جي مرضي توهان راض جا راڻا آهيو۔
     
  12. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت

    ادا ممتاز يار ڪهڙا ٿو حال پڇين بابا مان به ته اهو ئي چوان ته انصاف پسندي ته انسان جي فطرت ۾ آهي پر جي ڪو انصاف نو ڪري ته ان جي مرضي اهو ڄاڻي ان جو رب ڄاڻي باقي اسان جي جيڪو ڪم ڪرڻو آهي سائين نثار ابڙي جي ڳاله وانگر وٺ رينگٽ کي سو اوهان به وٺو رينگٽ کي باقي ۔۔۔ زمانو آهي ڪسيون پڪيون پيون ٿينديون اوهان پاڻ سمجهدار آهيو ۔۔ باقي ادا ڪنهن به ويب سايٽ تان مواد کڻڻ ۽ ڌاڳي اندر يا ان جي آخر ۾ ان سايٽ جو نالو لکڻ ٻي ڳاله آهي پر ڪنهن به فورم جو حوالو ڏيڻ ڪجه ڏکيو هوندو آهي ان ڪري اڪثر فورمن تي ٻي ڪنهن فورم جو نالو ڏيڻ منع آهي بحر حال اوهان شيعه دوست فورم جي مخلصي دوست کي جنهن اهو ريڊ شيئر ڪيو هو آئي ڊي ٺاهي ڪري ان کي ميسيج ڪري ٿي سگهيا جاني اها ڪا مشڪل ڳاله نه آهي باقي ادا مون کي ڪنهن ٻي فورم جو مشهوري جو شوق ناهي مان ٽايم نه هئڻ ڪري پهنجا ٽي فورم بند ڪري چڪو آهيان ۔۔۔ خير اوهان جي جواب کان پوء هن ڌاڳي کي بند ڪو ويندو مهرباني اوهان جي ۔۔۔
     
  13. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: عاشق سولنگي صاحب کان هڪ شڪايت آهي

    ادا ممتاز ادو عاشق اسان جو تمام دادلو دلبر آهي ۽ تمام پيارو آهي ٿي سگهي ٿو انهن کان جلدي ۾ وسري ويو هجي يا وري انهن ڏيڻ مناسب نه سمجهيو هجي اوهان انهن کي پي ايم ڪري اطلاع ڏيو ها ته ۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ خير الله ڪرم ڪندو
     
  14. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت

    علم ڪڏنهن به چوري نه ٿيندو آهي پر هڪ سينين مان ٻين سينن ڏانهن وڏندو آهي۔ انسان کي مٽيريلسٽڪ نه هُئڻ گُهرجي، اساب به جيڪي مضمون شيئر ڪندا آهيون اهي ڪٿان نه ڪٿا اخذ ڪيل هوندا آهن ۽ اسين اُن جا اصلي مالڪ نه هوندا آهيون۔ جيڪڏنهن ڪنهن علم جي خيرا،ت زڪوات، صدقو قطب آندو به اهي ۽ اڳين سينن ۾ اُماڻيو اهي به ته خيرات، زڪوات ۽ صدقو ڪندڙ کي اڻ جي پرچا ر نه ڪرڻ کپي، نه ته اها ضايع ٿي ويندي آهي۔ مذهبي علم به اسان وٽ اهڙي ريت پُهتو اهي ۽ اڄ جو علام به ان کي پنهنجي نالي سان بيان ٿو ڪري ۽ ڪتبن ۾ آڻي ٿو۔ اجر الله ڏيندو توهان پنهنجي علم جو قدم وڌائيندا وڃو ۽ پوئتي نهارڻ وساري چڏيو ته ان جو فائدو ڪنهن ڪنهن ورتو۔ جراڪ الله
     
  15. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت


    ادا مان به ان ڳاله تي ئي زور ڏنو آهي ۽ مان به اوهان سان ڳاله 100 متفق آهيان ۽ ادو ممتاز به ان ڳاله کي تسليم ڪري ٿو پر ڳاله آهي ڏک جي اوهان اهو ٻڌو آهي نه ته جڏنهن پيارو مآڻهون ڏکڙا ڏيندو آ ۔ ۔قسم آ خدا جو ڏاڍو ڏک ٿيندو آ ۔۔ سو ادي ممتاز به شايد ان عنوان سان ڳاله ڪئي آهي
     
  16. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت

    ادا مون به رڳو شيعه فورم جو نه چيو آهي ، مون ته اوهان کي پنهنجي فورم جو ۽‌ شيعه فورم جي تبادلي جو چيو آهي ، انهي ڪري مان به ناراض نه ٿيو آهيان ۽‌ ناراض به نه ٿيندس۔ انهي جي مون رڳو نشاندهي ڪرائي آهي۔ ۽‌ ادا توهان چوري جو عنوان ڏئي انهي ڳالهه کي چڱي طرح سمجهايو اٿو ته هن تحرير کي نقل ٿيڻ تي اوهان ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي۔

    ادا اها تحرير ڪنهن هٽائي ۽‌ نالو نه ڏنو انهي جو ڏک مونکي به ٿيو ڇو جو مان به توهان جي تحرير کي ڏسي ڪري ڪلڪ ڪيو ته ڪجهه نظر نه آيو مون سمجهيو ته هي شايد ادا ممتاز کي ڀل ته ڪونهي ٿي ڇوجو مون به اوهان جي هڪ تحرير شيعه دوست تي ڏني هئي انهي ۾ ته مون اوهان جو نالو به ڏنو هو، مونکي شڪ ٿيو ته شايد انهي جي نالي ٿا چئو وڌيڪ ڏسڻ لا‌هتي ڪلڪ ڪندا


    ادا علي علي صاحب و عليڪم السلام اوهان کي اهيو ٻڌائيندو هلان ته مون ته ڪجهه تحريرن مان هڪ مثال آندي هئي ، انهي تي توهان ٿا ناراض ٿيو نه ادو ممتاز ۽ مان مون ته رڳو هڪ ڳالهه تي تجزيو ڪيو هو ۽ هن خيال جو اظهار ڪرڻ ته هر هڪ ممبر جو حق آهي
    منهنجي خيال ۾ اسان جي فورم تي ڪئي تحريرون آهن جيڪي مذهبي به آهن انهن مان هڪ مون پهريان به نشاندهي ڪرائي هئي ۽‌ٻيون به گهڻيون مثالون آهن ۔انهي ۾ مان ناراض ته ڪونه ٿيو آهيان۔
     
  17. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت

    ادا مون شيعه دوست فورم ۾ اهيو ئي ڪرڻ ٿي چاهيو ته مان ۔۔ ان ۾ ميمبر ٿئي پوء اهيا شڪايت ات ڪريان مگر ادا شيعه دوست فورم ۾ ميمبر ٿيڻ جي لاء بارها ڪوشش جي مون کي ڪاميابي نه ملي، ۽ ان جي ميمبر شپ جو طريقو ڪجهه مشڪل ڪيو ويو آهي، يا مون کي مشڪل لڳو، ۽ مان ڪامياب ٿيڻ ۾ ناڪام ويس۔ باقي ادا توهان لکيو آهي ته ۔۔۔۔ ( باقي ادا مون کي ڪنهن ٻي فورم جو مشهوري جو شوق ناهي ) سو ان لاء عرض ته ڀاء توهان جي هر تحرير هيٓٺان هنن الفاظن جو استعمال ٿيل آهي، ۔۔۔۔ ( علي علي ٽوئرز ڊاٽ ڪام،،،،،، آئي ٽي جهان ڊاٽ نيٽ ،،،،،،، چاهت ڊاٽ نيٽ۔۔۔۔)۔۔۔جڏهن ته پهرين اهي لنڪون پڻ کلنديون هيون جيڪي هاڻي نه به کلن ٿيون مگر انهن فورمن جي نالن جي ته ايڊو ٽائيز ٿئي پئي، جنهن کي توهان مڃون يا نه مڃون اهو اسان توهان جي مٿان ٿا ڇڏي ڏيون۔ ادا اسان جو والد صاحب مرحوم غلام مصطفه وگهيو چوندو هو ته پٽ ملڪ ۾ مزو ۽ انصاف نه هجي ته پنهنجو مزو ۽ انصاف نه وڃائجو۔ سو ادا ملڪ ۾ ته واقعي انصاف ڪونهي، مگر اسان جو اهيو ته فرض آهي ته پاڻ انصاف لاء ڪوشش ڪريو، ۽ انصاف لاء واڪا ۽ وو ڪندا رهون۔ بقول شاهه صاحب ته ۔۔۔ ( وو ڪندي وت، متا ڇڏين وو کي ) ناراض به نه ٿيندا ڇو جو مون صرف توهان جي سوالن جا جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، نه ڪي ڪنهن جي دل ازاري ڪرڻ جي لاء هي جواب ڏنو آهي۔
     
  18. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت

    ادا عمران توهان جي مهرباني جو توهان منهنجو نالو استعمال ڪيو آهي باقي اها تحرير۔۔۔۔۔واديء سنڌ جو قديم تختگاهه اروڙ۔۔۔ شيعه دوست فورم تي موجود آهي ۽ منهنجي نالي سان ئي موجود آهي انجي ته مون کي خبر به نه هئي ۽ ان لاء مون کي ڪو به عتراض ڪونهي۔ مهرباني
     
  19. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: منهنجي مضمون جي چوري جي هڪ شڪايت

    ادا علم واقعي ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه آهي مگر اگر توهان جو ئي لکيل مضمون مان پنهنجي نالي سان ڪٿي ونڊ ڪيان ته توهان کي اهيو ڏک ته نه ٿيندو ته منهنجو علم منهنجي محنت ڪنهن جي ڪم اچي ٿي، بلڪه توهان کي ته هڪ دلي خوشي ٿيندي، پر توهان پنهنجي دل کان ئي پڇو ته اگر توهان جي محنت تي ڪو ٻيو پنهنجو نالو ڏيندو يا توهان جي نالي کي لڪائيندو ته توهان کي ڀلي ڪاوڙ نه به اچي مگر توهان کي ڏک ضرور ٿيندو۔ادا ميمڻ صاحب توهان لکيو آهي ته ۔۔۔ ( اسان به جيڪي مضمون شيئر ڪندا آهيون اهي ڪٿان نه ڪٿا اخذ ڪيل هوندا آهن۔۔۔ ) ادا توهان جي اهيا ڳالهه سوُ سيڪڙو درست آهي ۽ مان به اهيو چوندس ته لازمي آهي ته علم ۽ ڄاڻ ٻئي وٽان ئي حاصل ٿيندي آهي، ۽ هر ڪو پيٽ مان حاصل ڪري ناهي ايندو، مگر اهو علم حاصل ڪرڻ جو ڪو ذريعو ته هوندو آهي، پوء اهو ڪو عالم هجي، اديب هجي، ڪتاب هجي، اخبار هجي، نظارو هجي، ۔۔۔۔ پر دوست انهن جو حوالو ڏيڻ سٓٺي ۽ قانوني ڳالهه آهي، باقي توهان جي مرضي توهان مرضي جا مالڪ آهيو۔
    ادا مان ڪو پراڻي زماني جو حڪيم نه آهيان جو انهن وانگر پنهنجي ڄاڻ ، يا علم پاڻ سان کڻي ته مرڻ پسند ڪيان مگر اهو ڪنهن ڏانهن منتقل نه ڪيان،۔۔۔ ادا دعا آهي ته الله سائين اسان کي اهيا سوچ ئي نه ڏئي، بلڪه اهيا طاقت ڏئي ته اسان پنهنجو گهڻي مان ًگهڻو علم ٻين تائين پهچايون، ان لاء هي ناچيز پنهنجي وس مطابق پوري پوري ڪوشش به ڪري ٿو۔ جنهن لاء مان توهان کي اهيو ئي چوندس ته منهنجو اهيو ثبوت آهي ته توهان منهنجو سنڌ سلامت تي ونڊون ڏسي سگهو ٿا۔
     
  20. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: عاشق سولنگي صاحب کان هڪ شڪايت آهي

    ادا واقعن عجيب آهي بهرحال ۔۔۔
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو