دوستو گذريل سال سنڌ سلامت طرفان ڪيلينڊر 2010 ڇپرايو ويو هو ۔۔۔ جنهن ۾ دوستن جي بي انتها محنت سان سنڌ جي سورمن کي ڀيٽا ڏيندي انهن جي سالگره ۽ ورسي جي ڏينهن ياد رکڻ لاءِ تاريخون مهينن جي حساب سان ترتيب ڏنيون ويون هيون ۔۔۔۔۔ ڪيلينڊر جي بي انتها مقبوليت جو اندازو سنڌ سلامت تي رڪنن جو تعداد ۽ موضوع اضافو ۽ ڪيلينڊر تي رابطي لاءِ ڏنل منهنجي نمبر تي لاتعداد ڪالز مان لڳائي سگهجي ٿو ۔۔۔۔ ڪيلينڊر تي ٿيل خوبصورت ڪلرن جي مزاج ۽ بي انتها محنت سان سهيڙين معلوماتي ڊيٽا جي هر ڪنهن تعريف ڪئي۔۔۔
هن سال 2011 لاءِ سنڌ سلامت ڪيلينڊرس جي گهر ڪافي طرفن کان ايندي رهي پر مارڪيٽ ۾ ڪاغذ جي ريٽ ۾ اضافي ۽ پرنٽن جي خرچن جي ٻيڻي هئڻ ڪري هن دفعي ساڳي محنت ۽ وڌيڪ معلومات سان ڪيلينڊر آڻڻ هڪ ڏکيو ڪم هيو ان ڪري اڪثر دوستن جي فرمائش کي نظر انداز ڪري معزرت ڪرڻي پئي۔۔۔
ڪيترن ئي دوستن پنهنجي طرفان هن پروجيڪٽ لاءِ امداد جي پيشڪش به ڪئي پر ساڻن معزرت ڪئي وئي ۔۔۔ پر اسان جي معتبر ۽ مهربان دوست محترم سليمان وساڻ ۽ محترم طاهر سنڌي راضي نه ٿيا ۽ بار بار ڪيلينڊر آڻڻ تي زور ڀريندا رهيا۔۔۔ پر مون جڏهن ساڻن ذڪر ڪيو ته سنڌ سلامت تي ايندڙ اڪثر عام ۽ انتظامي رڪن بيروزگار آهن ۽ ساڻن مٿان سنڌ سلامت طرفان ڪو اضافي بار ڏيڻ مناسب نه لڳندو ته محترم سليمان وساڻ جهڙي ڀلي ماڻهون سمورو خرچ پنهنجي ڪلهن تي کڻڻ جي حامي ڀري ۔۔۔ پر ظاهر آهي منتظمِ اعلى طور مون کي اهو مناسب نه لڳو ان ڪري هن دفعي پروجيڪٽ کي ڪجهه گهٽ خرچ ۽ مختلف انداز سان بنائڻ جو سوچيم ۔۔۔ جنهن کي هڪ تصوراتي عڪس ڏئي جڏنهن سنڌ سلامت انتظاميه جي سامهون رکيم ته سڀني رڪنن کي سرهائي ٿي ۽ فوري طور ان پروجيڪٽ تي عمل ڪرڻ جو زور ڏنائون ۔۔۔۔ جنهن کان پوءِ هن دفعي محترم ابو واصف (سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010 جو پروجيڪٽ بنائندڙ) کي سندس مصروفيت ڪري تڪليف نه ڏيڻ جو سوچيندي ۔۔۔ محترم خليل احمد المعروف ابوزين کي پروجيڪٽ بابت ٻڌايم ۽ هڪ خيال عڪس به ساڻس اڳيان آندم ۔۔۔ سندس لک لائق جو پاڻ فوري طور هن پروجيڪ تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا۔۔۔ پر افسوس جو اڃان پاڻ شروعات ئي ڪيائون ته کين نوڪري جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي وڃڻو پئجي ويو جتي سندن وٽ ڪمپيوٽر جي سهولت نه هئي ۔۔۔ ان ڪري پاڻ اهو پروجيڪٽ هڪ دفعو ٻيهر سندن چاچا محترم ابوواصف ڏانهن منتقل ڪيو۔۔۔ جن هن پروجيڪٽ کي هڪ هفتي اندر تيار ڪري ورتو۔۔۔
پنهنجي موڪلن تي وڃڻ کان اڳ مون ڪيلينڊر جي سائيز ۽ لاڳت کي طئي ڪندي پروجيڪٽ کي پرنٽنگ پريس تائين پهچائڻ لاءِ سنڌ سلامت جي رڪن ۽ پرنٽنگ پريس جي بهترين معلومات رکندڙ محترم جاويد قاضي جن جي حوالي ڪيو ۽ ادا سليمان کي سار سنڀال لاءِ چيو۔۔۔ پروجيڪٽ جلدي مڪمل ٿي وڃي ها پر ڪجهه غلطين جي نشاندهي، ادا سليمان جي سان پيش ايندڙ روڊ حادثي، جاويد قاضي صاحب جن جي امتحانن جي اچڻ ۽ منهنجي موڪل تي هجڻ ڪم کي روڪي وڌو ۔۔۔ پر حالتن جي بهتر ٿيندي ئي ڪم کي ٻيهر عمل ۾ آندو ويو ۽
اڄ اهو ٻڌائيندي مون کي انتهائي سرهائي ٿئي ٿي ته سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 مڪمل تيار ٿي چڪو آهي۔۔۔۔
ان موقعي تي مان پنهنجي پوري ٽيم سميت انتهائي شڪر گذار آهيان پنهنجي محسن دوستن محترم ابوواصف (جن پنهنجي بي انتها مصروفيت باوجود سنڌ سلامت جي فرمائيش کي مان ڏيندي هڪ دفعو ٻيهر هي محنت طلب ڪم مڪمل ڪيو)، محترم ابوزين (جن پنهنجي گهري نظر سان ڪيلينڊر جي غلطين کي درست ڪيو)، محترم رحيم بخش ڏاهري (جن وقت ڪڍي ڪيلينڊر تي نظر گهمائي ۽ غلطين جي نشاندهي ڪئي۔۔۔)، محترم سليمان وساڻ (جن جي ڪوششن ۽ لڳاتار رابطن ذريعي هي پروجيڪٽ مڪمل ٿيو۔۔)، محترم نثار ابڙو ۽ محترم طاهر سنڌي (جن جي مسلسل همٿائڻ۔۔۔) ۽ انهن سمورن دوستن جو جن بار بار فون ڪري ڪيلينڊر بابت پنهنجا رايا ڏنا ۽ سال 2011 لاءِ ڪيلينڊر جي اشاعت بابت زور ڀريو۔۔۔۔

گذريل ڪيلينڊر جي مقابلي هن دفعي گهڻ پنن جي بجاءِ سائيز ۾ معمولي اضافو آڻيندي هڪ ڪارڊنما پني جنهن سائيز 14x20 آهي تي ڪيلينڊر بڻايو ويو آهي جنهن ڪري گذريل سال جي مقابلي ۾ هن دفعي ڪيلينڊر پنهنجي پورن رنگن ۽ بي انتها خوبصورتي باوجود اڌ قيمت يعني صرف 15 روپين ۾ جڙي تيار ٿيو آهي۔۔۔۔
دوستن کي درخواست آهي سنڌ جي ثقافتي ورثي ۽ شخصيتن کي پنهنجي خوبصورت رنگن ۽ سنڌي ٻولي جي لکائي جي حامل هن ڪيلينڊر کي مختلف تعليمي ادارن تائين پهچائين ۽ پنهنجي دوستن، احبابن، استادن ۽ شاگردن ۾ تحفي طور تقسيم ڪن ته جئين سنڌ، سنڌ جي ثقافت، سنڌي شخصيتن کي ڀيٽا ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت سان گڏو گڏ سنڌ سلامت فورم جي تشريهه کي عام ڪري سگهجي۔۔۔۔
ان سلسلي ۾ پهريون قدم اڳتي وڌائيندي منتظمِ اعلى طور 100 ڪيلينڊر خريد ڪري مختلف تعليمي ادارن ۽ لائبريرن سميت پنهنجي دوستن ۾ تقسيم ڪرڻ جو وچن ڪريان ٿو۔۔۔ ۽ توهان دوستن مان به اهڙي اميد ڪريان ٿو۔۔۔
نوٽ ؛ ڪيلينڊر حاصل ڪرڻ لاءِ مهرباني فرمائي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي پروجيڪٽ انچارج محترم سليمان وساڻ سان رابطي ۾ اچو۔۔۔
سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011
سنڌ جا سڄڻ دوستو ۔۔۔!
اچو ته سنڌي زبان کي دنيا جي نون علمن سان سنواريون ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملايون۔۔۔
اچو ته سنڌ سلامت جي هن وشال اڱڻ تان هڪ ٻئي جي خوشين ۽ غمن جا ساٿي بڻجي، هڪ ٻئي جي رهنمائي ۽ رهبري ڪندي دنيا ۾ سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪريون۔۔۔۔
اسان جو نعرو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي