ڏهه ڪروڙ موبائيل صارفن جو ملڪ رشيد ملڪ/ظفر الله اڄ پاڪستان ۾ ڏهه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو موبائيل فون استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪو ٽيليڪام سيڪٽر جي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، يقينن جديد معاشري جو بنياد رکڻ لاءِ دنيا ۾ متعارف ٿيندڙ جدتن کي اختيار ڪرڻ هڪ لازمي شيءِ آهي، جهڙي طرح انسان جي تقدير بدلائڻ ۾ ڦيٿي کي بنيادي اهميت حاصل رهي آهي، اهڙي طرح ڪمپيوٽر جي ايجاد به دنيا جي حيثيت تبديل ڪري عالمگيريت جي تصور کي تقويت ڏني، دراصل دنيا جون وسعتون ماپڻ جي لاءِ جيتريون به ڪوششون ٿيڻيون آهن ان جي پڄاڻي ڪڏهن ٿيندي، ان بابت ڪا به قياس آرائي نه ٿي ڪري سگهجي، اڏندڙ جهاز کي ڏسي انسان ڪيترو ششدر ٿيو هو ته بني آدم ائين آسمان جي بلندين ۾ سفر ڪندو، واقعي حيران ڪندڙ آهي ته ايڪيهين صدي انساني زندگي جو نئينِ گهرجن کي جنم ڏنو، دنيا ۾ موبائيل فون متاعرف ٿيڻ بعد ان شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ڪيتري قدر تيزي سان معاشرتي ضرورت جو روپ ڌاري ورتو. ان جو اندازو موبائيل فون ايجاد ڪندڙن کي به نه هو، موبائيل فون دنيا جي فاصلن کي تمام گهڻو سميٽي ورتو آهي، پر ان سان گڏوگڏ انسان کي به مصروف ڪري ڇڏيو آهي، اهي اُهي جدتون آهن جن کي اختيار ڪري معاشرتي ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طئه ڪيون پيون وڃن، پاڪستان ۾ موبائيل فون جي استعمال ۾ واڌ پوري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ان وقت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ تيزي سان موبائيل فون استعمال ڪندڙ ملڪن ۾ پاڪستان کي اهم ترين ملڪ شمار ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ۾ موبائيل فون صارفين جو تعداد ڏهه ڪروڙ ويهه لک کان ٽپي ويو آهي، حيرت انگيز طور تي پنهنجي ارتقا ۾ موبائيل فون کي هڪ قيمتي آسائش جو درجو حاصل هو ۽ ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ لاءِ اعليٰ کان اعليٰ سفارش ڪرائڻ به معاشري ۾ عام رواج هو پر اڄ پاڪستان ۾ ڪروڙين ماڻهو موبائيل فون استعمال ڪري رهيا آهن ته ان جي محرتڪات کي ڄاڻڻ به نهايت ئي ضروري آهي، هتي جيڪڏهن پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جو ذڪر نه ڪيو وڃي ته مان سمجهندس ته تاريخ جا ورق لکندي وقت شايد مان وڏي ناانصافي ڪندس. اصل ۾موبائيل فون ڪمپنين ۽ انهن جي صارفين وچ ۾ بداعتمادي جي عنصر کي ختم ڪري سگهجي ۽ سروس فراهم ڪندڙ ڪمپني ۽ صارفن ۽ ٻين ڌرين ۾ مثبت توازن قائم ڪري سگهجي ۽ سروس فراهم ڪندڙ ڪمپني ۽ صارفن ۽ ٻين ڌرين وچ ۾ مثبت توازن قائم ڪري سگهجي. پي ٽي اي ان کان وڌي ڪري ان ڪردار جو ادراڪ ڪندي ملڪ ۾ موبائيل فون جي شعبي ۾ هڪ عام ماڻهو کي ان سهولت جو لاڀ ڏيڻ لاءِ عام واڪ تحت وارد ٽيليڪام ۽ ٽيلينار کي نوان لائسنس جاري ڪيا، انهن ڪمپنين جي اچڻ سان پاڪستان ۾ ترقي جو هڪ نئون دروازو کليو. روزگار جا ڪيترائي موقعا فراهم ٿيا، هڪ ڪمپني کي اهو لائسنس 29 ڪروڙ 30 لک ڊالر ۾ عام واڪ تحت ڏنو ويو، انهن ڪمپنين پنهنجي مواصلاتي بزنس کي بهتر انداز ۾ هلائڻ لاءَ لکيل پڙهيل نوجوانن جون خدمتون حاصل ڪيون ۽ پوءِ ان جي صلاحيتن جي ٻل تي سيڙپڪاري جي نون لاڙن جي شروعات ڪئي، پي ٽي اي ان دوران موبائيل فون ڪمپنين جي مقابلي ۾ لاڙن کي تقويت ڏني، جنهن سان انهن ڪمپنين ۾ ڪال ريٽس جي هڪ جنگ شروع ٿي، اها جنگ صارفن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ ايڪيهين صدي ۾ ڪاروبار جي ميدان ۾ هڪ اهڙو هٿيار ثابت ٿي جنهن ڏسندي ڏسندي پاڪستان ۾ ڏهه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جي هٿن ۾ موبائيل فون ڏيئي ڇڏي، ڪمپنين پنهنجي صارفن کي گهٽ کان گهٽ ڪال جا اگهه ڏئي ٽيليڪام جي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. پي ٽي اي جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد ياسين سان ان حوالي سان جڏهن به ڳالهه ٻولهه ٿي ته هو ان عزم جو اظهار ڪندي نظر آيو ته اڃا ڪافي ڪجهه ڪرڻ باقي آهي، ٿري جي ٽيڪنالاجي کي پاڪستان ۾ آڻڻو آهي، ويليو ايڊيڊ سروس کي هٿي ڏيڻ لاءِ روزگار جا وڌيڪ دروازا مهيا ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻا آهن، وغيره ۽ هاڻي ان ڳالهه جو اعلان به ٿي چڪو آهي ته ٿري جي ٽيڪنالاجي هلندڙ سال جي پهرين ششماهي ۾ شروع ٿي ويندي، هڪ اندازي مطابق حڪومت کي هن ٽيڪنالاجي جي فقط ٽن لائسنسز مان هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم حاصل ٿيندي، اها رقم سيڙپڪاري جي نون پهلوئن کي اجاگر ڪندي، روزگار جا وڌيڪ موقعا فراهم ٿيندا ۽ موبائيل فون سان سلهاڙيل ڏهه ڪروڙ صارفن جو تعداد هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي جو سفر شروع ڪندو. موبائيل فون جي شعبي ۾ مقابلي جي لاڙن جي حوصلا افزائي يقينن ضروري آهي، جڏهن ته ڏهه ڪروڙ صارفن جو حدف حاصل ڪرڻ پي ٽي اي سان گڏ موبائيل فون ڪمپنين لاءِ به خوشي جي ڳالهه آهي، ان حوالي سان پي ٽي اي جي انتظام هيٺ سمورن موبائيل آپريٽرن جي ڀائيواري سان 19 جنوري تي ”100 ملين سيليولر موبائيل سبسڪرپشن سيليبريشن“ جي عنوان سان شاندار تقريب ڪوٺائڻ هڪ اهم اڳڀرائي هئي جنهن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي ماهرن هڪ هنڌ گڏ ٿي نئينِ جدتن خاص طور تي ٽيليڪام جي شعبي ۾ پنهنجي پنهنجي ڪمپنين جي حوالي سان نهايت ڄاڻ ڏيندڙ ڳالهيون ڪيون ۽ وسيلن ۽ مسئلن جو صحيح معنيٰ ۾ ادراڪ ڪيو، اها تقريب ڏهه ڪروڙ موبائيل صارفن جي حوالي سان نه صرف يادگار هئي پر ملڪ اندر تاريخ ۾ هڪ وڏي انقلاب جي پيشنگوئي به ثابت ٿي.
جواب: ڏهه ڪروڙ موبائيل صارفن جو ملڪ ادا مهرباني جتي هن فائده ڏنا آهن اتي ميسيج بنڊلز ۽ رات وارن پيڪيجن به سور ڏئي ڇڏيا آهن۔ هر روز ايس ايم باڪس فل ٿيو وڃي۔ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هڪ زماني ۾ فون تي ڳالهائڻ وڏو مسئلو هوندو پر هاڻي گهڻيون آسانيون آهن۔ اتي موبائل جو غلط استعمال به عام آهي خاص ڪري سم حاصل ڪرڻ جيڪا بغير تصديق جي پري -ايڪٽو لڳي پئي آهي۔ ڪجه ڏينهن اڳ جڏهن مان پنهنجي شناختي ڪرڊ نمبر ذريعي جاچ ڪئي ته منهنجي نالي تي 154 سم اشو ٿيل هيون۔ ڳاله سمجه ۾ ئي ڪونه آئي ۔