خُدارا سنڌ لاءِ ڪجهه سوچيو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جواد رضا طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2011۔

  1. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    خُدارا سنڌ لاءِ ڪجهه سوچيو!

    عبدالوهاب منشي

    نيٺ اهو ئي ٿيو، جنهن جي پڪ هئي، گذريل ڏينهن اوچتو رات جو دير سان بريڪنگ نيوز ۾ ٽيليوزن چئنلز ذريعي اها خبر نشر ڪئي وئي ته ”سنڌ حڪومت طرفان ٻيهر ڪراچي ۾ امن و امان بابت 31 جنوري تي رٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ملتوي“. يقينن ڪراچي ۾ دهشت گردي، بدامني ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو مسئلو رڳو هن حڪومتي دور ۾ جنم ورتل ڪونهي، اهو ماضي جي حڪومتن طرفان سنڌ جي ماڻهن کي ڏنل تحفو آهي. توهان کي حيران ٿيڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي، ته سرڪاري آل پارٽيز ڪانفرنس جي ملتوي ٿيڻ سان ڪو بحران گهٽجي ويندو، اهو بحران 2 ڪروڙ ماڻهن جي زندگي ۽ موت جي سوال جو آهي، هن شهر کي انتظامي نموني سان ڪنٽرول ڪرڻ بدران وسيلن کان اڳي نيڪ نيتي ۽ نيڪ ادراڪ جي ضرورت آهي. هن 2 ڪروڙ شهرين جي آبادي واري شهر ۾ دهشت گردن جو انگ نڪو لکن ۾ آهي نه هزارن ۾، اهي ڪجهه سئو ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي دهشت گردي سان ڪراچي جهڙي ميٽروپوليٽن شهر جي معشيت ۽ ماڻهن کي ڊيڄاري يرغمال ڪيو ويٺا آهن، يقينن اهو ناممڪن آهي هن سڄي معاملي ۾ ڪا سياسي پشت پناهي نه هجي، ڪراچي جو جيڪڏهن ماضي جي حوالي سان ٿورو جائزو ورتو وڃي، ته ڪراچي اسان جو مِني پاڪستان آهي، هي اهو شهر آهي جيڪو سڄي پاڪستان مان ايندڙ ماڻهن کي کلئي دل ۽ خلوص سان قبول ڪري کين روزگار ۽ اَجهو فراهم ڪري ٿو. هي اهو شهر آهي، جنهن پاڪ ــ هنڌ جي ورهاڱي کان پوءِ هندستان مان لُٽيل، اُجڙيل پناهگيرن کي پنهنجي جهولي ۾ پناهه ڏني پوءِ ڪراچي ۾ پنجابي، پٺاڻ، ڪشميري، گلگتي، بنگالي، برمي، ايراني ۽ افغانين کي هڪ سازش تحت ڪراچي ۾ آباد ڪيو ويو. جيستائين سنڌين جو تعلق آهي، ته ڪراچي سنڌ واسين جي ميراث آهي، ڪراچي نه رڳو سنڌ جي دل پر سنڌ جو گادي وارو شهر به آهي، پر هاڻ هتي وارثن کي اقليت برابر سمجهيو وڃي ٿو، گهر ڌڻي جي حيثيت مسواڙي وانگر سمجهي وڃي پئي، جيڪا يقينن نادان دوستن جي نادان سوچ آهي. ڳالهه ڪراچي بابت آل پارٽيز ڪانفرنس جي ملتوي ٿيڻ جي پيئي هلي، ته آخر اهڙا ڪهڙا سبب هئا، جو سنڌ حڪومت کي ٻه ڀيرا ڪراچي ۾ سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس کي ملتوي ڪرڻو پيو؟ ڇا سنڌ حڪومت ايتري جرئت ۽ سگهه نه ٿي رکي ته ڪراچي جي مسئلن کي مستقل بنيادن تي مفاهمت سان حل ڪري. آخر اهي ڪهڙا ڪارڻ ۽ قوتون هيون، جن ڪراچي جي مسئلي تي رکيل آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيڻ نه ڏني هئي؟ يقينن اهڙا سوال نه رڳو منهنجي دل ۽ دماغ بلڪ هر هڪ سنڌ دوست جي ذهن ۾ جنم وٺندڙ سوال هوندا، هاڻي سنڌ حڪومت جي ذميوار آهي ته هو ماڻهن کي سچ ۽ حقيقت کان آگاهه ڪري ته معاملا ڇا هئا، پر اسان جي با خبر ذريعن بابت جيڪا ڄاڻ آهي معاملا ڪجهه ٻيا هئا، هڪڙو ته حڪومت پاران سڏايل اي پي سي ۾ سنڌ جي قوم پرست جماعتن کي دعوت نه ڏيڻ جو سنگت کي حڪم مليل هو، ته ڪراچي جو معاملو رڳو اتحادي ڌرين جو مسئلو آهي، تنهن ڪري سنڌ جي قوم پرستن جي شرڪت سان معاملو مونجهاري جو شڪار ٿي سگهي ٿو، ٻئي پاسي سنگت آڏو اهو مطالبو به رکيو ويو ته جيڪڏهن ڪراچي جي امن بابت سڏايل اي پي سي ۾ گهرو کاتي جو صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا شرڪت ڪندو ته ڪجهه دوست ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪندا، ساڳئي هنڌ مسلم ليگ (ن) تازو جيڪو سنڌ ۾ دهشت گردي جي حوالي سان جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي، اتي ڪا اهڙي ڳالهه نه ٿيندي جنهن سان سياسي نا اتفاقي پيدا ٿئي. ڪراچي جي معاملي تي حڪومت نه ٿي چاهيو ته هو وري ڪنهن ٻئي سياسي بحران جو شڪار ٿئي، تنهن ڪري سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ امن ۽ امان جي بحالي لاءِ 31 جنوري تي ڪوٺايل ڪل جماعتي آل پارٽيز ڪانفرنس ملتوي ڪري ڇڏي.
    هڪ ڌر جو خيال آهي، ته ڪراچي ۾ جيڪڏهن آل پارٽيز ڪانفرنس ملتوي نه ٿئي ها ته سياسي مفاهمتي معاملن تي ڪو گهرو اثر نه پوي ها. پر شايد سنڌ حڪومت کي ڊپ هو ته ڪل جماعتي اي پي سي ۾ ان جي اتحادي ڌر کي سخت تنقيد بردداشت ڪرڻي پوي ها. نيٺ وزيراعظم جي دؤري کان پوءِ اوچتو رات جي آخري پهر ۾ اي پي سي ملتوي ڪرڻ جو ڪهڙو جواز هو؟ ٻئي حلقي جو چوڻ آهي ته اها اي پي سي ان ڪري ملتوي ڪئي وئي ته سنڌ حڪومت کي يارن جو اهو واضح پيغام آهي ته هو دوست ڪيترا طاقتور آهن، هو جيئن چاهين جڏهن چاهين اتحاد جي نالي تي پنهنجا من پسند فيصلا ڪري سگهن ٿا، ها ڪراچي ۾ هلندڙ دهشت گردي جي لهر، ٽارگيٽ ڪلنگ، بدامني ۽ موجوده حالتون اسان جي حڪومت لاءِ ڪنهن ”چارج شيٽ“ کان گهٽ ڪونهي؟.
    ڪراچي ۾ دهشت گردن ۽ جلادن ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ته ٻئي پاسي ڳوٺن ۾ ڌاڙيلن عام ماڻهن جي زندگي آزار ڪري ڇڏي آهي. پر ڪيراهو نه ٿو ٻڌائي ته ڪراچي سوڌو سنڌ جو امن ڪڏهن مستقل بنيادن تي بحال ٿيندو. ايندڙ مهيني پيپلز پارٽي جي حڪومت کي چار سال پورا ٿي ويندا. پر انهن چئن سالن جي عرصي ۾ مجموعي طور اينڊ آرڊر، گوڊ گورننس جي صورت حال تي نظر وجهون، ته ٽارگيٽ ڪلنگ جي نالي تي هزارين نوجوانن جا لاش اسان جي اکين آڏو ايندا، گهٽيا ڪونهن، پر ڪير اقتدار ڌڻي اها ذميواري قبول نه ٿو ڪري ته هو ڪراچي جي حالتن جو ذميوار آهي؟ وفاقي وزير جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي کي ڏسون ته هو پنهنجي وزارت جي عرصي ۾ مڪمل طور ناڪام ٿيندي نظر آيو آهي، پر خبر ڪونهي ته ڪهڙي منظور نظر اکين جو آشيرواد آهي جو هو هزارين ماڻهن جي بي گناهه قتل ٿيڻ کان پوءِ به هڪ ذميوار وزير جي حيثيت سان پنهنجي عهدي تان نه ٿو هٽي. ڪير اها اخلاقي جرئت نه ٿو ڪري ته اسان ڪراچي شهر جي امن و امان کي بحال ڪرڻ، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ بدامني کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون تنهن ڪري اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪندي، هو پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي.اڄ ٻه ڪروڙ ماڻهن جي آبادي واري شهر ڪراچي جي معشيت کي جهڙي طرح تباهه ڪيو وڃي پيو، اهڙو مثال ڪنهن آمر جي ڪاري دؤر ۾ به نه ٿي مليو پر اسان هن وقت به خاموش مفاهمت جو شڪار آهيون جيڪا يقينن اسان جي بي حسي آهي. گذريل ڏينهن سنڌ جي گهرو کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ هفتي کان پوءِ ملڪ جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني اوچتو ڪنگري هائوس پهچي حرن جي روحاني پيشوا ۽ بزرگ سياستدان پير صاحب پاڳاري سان ملڪي معاملات سوڌو ڪراچي جي معاملي تي انتهائي اهم ملاقات ڪئي، ملاقات کان پوءِ پير صاحب پنهنجو بيان جاري ڪندي چيو ته ”هاڻي رحمان ملڪ کي ڪراچي جي معاملات ۾ پنهنجي مداخلت بند ڪرڻ گهرجي ڇو ته هاڻي ون يونٽ جو دؤر ڪونهي“ ساڳئي هنڌ پير صاحب حڪومت کان اهو مطالبو ڪيو ته ڪراچي مان دهشت گردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي خاتمي لاءِ ڪراچي کي فوج حوالي ڪيو وڃي. حقيقت ۾ ڪراچي اهو شهر آهي جتي هاڻي امن و امان نه رهيو آهي، روشنين جو شهر هاڻي مقتل گاهه ۽ موت جو شهر بڻجي ويو آهي. ڪراچي جتي حقيقي وارثن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش هلي پئي، هي اهو شهر آهي جتي دهشت گردن، ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندڙ ۽ آپگهاتي حملا ڪندڙن جو راڄ آهي جتي قبضا مافيا، گٽر باغيچا ۽ قبرستان جي زمين کي نه ٿي بخشيو وڃي، جتي چندي جي نالي تي کلي عام ڀتاخوري هلي پيئي، منشات فروشي کان ويندي ناجائز هٿيار جي سپلاءِ کي ڪو قانون نه ٿو روڪي سگهي، هاڻي ڪراچي بارود جو ڍير بڻجي ويو آهي جتي هڪ چڻنگ ڪو وڏو ڌماڪو ڪري سگهي ٿي ٻئي پاسي اقتدار جي اصل قوتن وٽ ڪراچي ۾ امن و امان قائم ڪرڻ لاءِ ڪا مثبت حڪمت عملي ڪونهي، ڪا ري آف دي اسٽيٽ ڪونهي، حڪومت هوندي سرڪار مفاهمت جي نالي تي خاموش، بيوس ۽ لاچار نظر اچي پيئي، اڄ ڏينهن تائين ڪو اهو سمجهي نه سگهيو آهي ته اها ڪهڙي سياسي مفاهمت آهي، اهڙِيون ڪهڙيون سياسي مصلحتون آهن، جيڪي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشت گردي ڪندڙ هزارين ماڻهن جي زندگين کي قتل ڪندڙن کي منظري عام تي نه ٿيون اچڻ ڏين، آخر ڪهڙا پوليٽيڪل پريشر آهن، جيڪي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندڙن دهشت گردن جا پڪا ثبوت هجڻ باوجود کين عوام آڏو ظاهر نه ٿا ڪيا وڃن. تازو ڪراچي ۾ بهادر صحافي ولي خان بابر جي بي رحماڻا قتل کان پوءِ سنڌ حڪومت رينجرس ۽ انٽيلجنس ادارن ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندڙ هڪ گروپ کي نوري آباد ويجهو گرفتار ڪيو، هنن بابت جيڪي حقيقتون مختلف اخبارن سوڌو انٽرنيٽ تي شايع ٿيون سي ايتريون خطرناڪ هيون، جنهن جو اندازو ڪو عام ماڻهو نه ٿو ڪري سگهي، پر تنهن هوندي به دهشت گردن کي ڪير منظرعام تي آڻڻ لاءِ تيار ناهي. دهشت گردي جي حوالي سان اسان جي سامهون هڪ انتهائي عجيب منظر آهي، جڏهن سنڌ جو گهرو وزير ذوالفقار مرزا ڪنهن ڌر جو دهشت گردي ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪري ٿو ته ٻئي ڏينهن وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ڪراچي پڄي انهيءَ جي ترديد ڪري ٿو، ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۽ دهشت گردي ۾ ڪا ٽين ڌر ملوث آهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هي ڪهڙي سياسي مفاهمت آهي جتي حڪومت سوڌو انتظاميا بيوس بڻيل آهي؟ ڪير ڪڇڻ لاءِ تيار نه آهي ته ڪراچي ۾ هن وقت تائين ڪيترا دهشت گرد ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندڙ گرفتار ڪيا آهن؟ ڪيترن دهشت گردن کي ڪورٽن ۾ چالان ڪيو ويو آهي؟ هن مهل تائين ڪيترن ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندڙن کي قانون موجب سزائون آيون آهن ۽ انهن جو تعلق ڪهڙي ڌر يا جماعت سان آهي؟ ڪراچي ۾ جهنگ جو قانون هلي پيو سمورن چئلينجز وانگر هاڻ حڪومت کي گهرجي ته ڊبل سواري تي پابندي سوڌو امن و امان جي ڳالهين لاءِ پوليس ۽ رينجرس جا اختيارات وڌائڻ ۽ پنهنجي کنيل قدم تي ٻيهر غور ويچار ڪري، سرڪار کي حالتن کي سمجهڻو پوندو، حڪومت کي عوام ۾ پنهنجي ساک کي بحال ڪرڻ لاءِ بهادري، جرئت ۽ نيڪ نيتي سان دهشت گردي جو مقابلو ڪرڻو پوندو، جنهن سان ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، بدامني رتوڇاڻ ۽ دهشت گردي گهٽ ٿي سگهي.
    Wahab_munshi@yahoo.com
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: خُدارا سنڌ لاءِ ڪجهه سوچيو!

    ادا مهرباني

    مان سمجهان جو اسان اڃان به سنڌ لاء صرف سوچيندا رهنداسين ته اسان جو ڪم لهي ويندو تنهنڪري سوچڻ بجاء سنڌ لاء ڪجه ڪرڻو پوندو تڏهن ئي ڪا ڪاميابي ملي سگهي ٿي۔

    هنن پارٽين جي مان ڪا هڙ حاصل ڪونه ٿيندي۔ هتي ڪميٽيڊ ماڻهن جي کوٽ آهي
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: خُدارا سنڌ لاءِ ڪجهه سوچيو!

    سڀ سنڌ سڄڻ رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن ۽ اسانجو سنڌي عوام الائجي ڇو ڀنگ جا پيالا پي کونگهرن واري ننڊ ۾ آهي ۔۔۔؟

    ڪا ته ڳالهه آهي ۔۔۔ يا

    * اڃان کين پاڪستان ۽ پاڪستاني حڪومتن مان کين ڪي اميدون آهن
    * يا ته مغل بادشاهن جي مهاوري جيئان ” دلي دور است“
    * يا وري اڃان سندن پيٽ ڀريل آهن
    * يا وري هو سنڌ جي ليڊرن يا سياستدانن (قومپرست يا وفاقي) ۾ ڪو حال نٿا ڏسن
    * سنڌ جا مذهبي ڌڙا ته ڪلما ۽ قل پڙهي ” الحمد الله“ جا نعرا هڻي سڀ ٺيڪ آهي ويٺا ڪن ۽ پاڪستان کي ڪامل دين سمجهي ويٺا آهن، انڪري انهن کان ڪا توقع ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي۔
    * يا ته سنڌ جو عوام ۔۔۔ بنگالين، بلوچن ۽ هاڻ وزيرستان جي ماڻهن جي رتو ڇاڻ ڏسي، هن فوج جي ڪارن ڪرتوتن کان ايترو ته ڊنل آهي جو هو اهو سمجهي ٿو ته هن ملڪ جي فوج نه ته اسلامي آهي نه سنڌي آهي، انڪري جڏهن کين حڪم ٿيو ته سنڌ کي ٽامو ڪري سڀ ختم ڪري ڇڏيندا ۔۔۔

    مطلب ته سنڌ جي حالت ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين تي سوچجي ته ڪارو انڌيرو ڏينهن به ڏينهن گهاٽو نظر اچي ٿو ۽ وري جڏهن سنڌ جي عوام کي ڏسجي ٿو ته گهري ننڊ ۔۔۔

    انڪري حيرت جا گهوڙا ڊوڙائڻا پون ٿا ۔۔۔

    قصور ڪنهنجو آهي ڪا خبر ئي نٿي پوي ۔۔۔

    ڏسجي ته تاريخ جو طوفان سنڌي قوم کي اڏاري ڪهڙي پاسي وڃي اڇلائي ٿو ۔۔۔
     
  4. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: خُدارا سنڌ لاءِ ڪجهه سوچيو!

    بلڪل ڀاءُ‌ جيئن چوندا آهن ته سوچندي سوچندي گاڏي نڪري ويندي آهي انهي ڪري اڄڪلهه زمانو به اهڙو آهي جو انسان ڪجهه ڪري ڏيکاري ته انهي کي مڃيو ويندو آهي۔ باقي اسان اگر سوچڻ سوچڻ ۾ هونداسين ته ڪجهه به حاصل نه ٿيندو۔۔۔
     
  5. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: خُدارا سنڌ لاءِ ڪجهه سوچيو!

    ادا اهي گهوڙا بلڪل ڊوڙائڻا ته پوندا پر انهن جي لاءِ‌گهوڙي سوار جي ضرورت آهي مونکي ته اڃا انهي جا سوار پنهنجي سنڌ ۾ تمام گهٽ نظر ٿا اچن۔۔۔
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: خُدارا سنڌ لاءِ ڪجهه سوچيو!

    واقعي خبر نه ٿي پوي اسان وٽ اهڙا نوجوان به آهن جيڪي سالن کان قوم پرست جي ليبل سان مشهور آهن ليڪن لڳي ٿو ته انهن ۾ به اڃا اها صلاحيت ڪانهي جيڪا ٻي ڌر جي هڪ فرد ۾ آهي جيڪو ڪهڙي به طريقي نه فقط سنڌ پر پوري ملڪ تي حاوي آهي. سائين جي ايم سيد جهڙو ڏاهو ماڻهو به پوري زندگي اهو منشور ڏيندو رهيو ليڪن سجاڳي ڇو نه ٿي اچي قصور ڪنهنجو آهي عوام جو يا ليڊر شپ جو ؟ آهي ڪو اهڙو رهبر جيڪو اهڙو منشور پيش ڪري جنهن سان ڪايا پلٽجي پوي يا رڳو ائين ئي دانهون ٿينديون رهنديون بالفرض سنڌ الڳ ٿئي ته ڇا پوء اسان امن واري زندگي گذاري سگهنداسين اندروني سنڌ ۾ ته هن وقت سنڌي سنڌي کي ايذائي رهيو آهي ڇا اها منفي سوچ به ختم ٿي سگهي ٿي ؟ وڏيرا راڄ ڌڻي سنڌي ، ڌاڙيل سنڌي ، پوليس سنڌي ، رشوت خور وڌا آفيسر سنڌي................. ائين ٿيڻ گهرجي ائين ٿيڻ گهرجي ائين نه ٿيڻ گهرجي ... اهو ته سڀڪو امن پسند چوي ٿو ليڪن اهو ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيندو ..... والله اعلم....... الله تعالي کان دعا آهي ته پاڻ ئي ڪا راه هموار ڪري جنهن ۾ اسان جي ڀلائي هجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو