نثارابڙو
نائب منتظم
ننڍڙا نياپا
________________________________________
دوستو؛ ڪجه ڏينهن اڳ منهنجو پراڻو، ڪاليج جي زماني جو عزيز دوست نالي سائين سليم شاهاڻي هت مڪي ۾ پنهنجي والده سڳوريءَ کي عمري ڪرائڻ لاءِ وٺي آيو هو ... دوست انتهائي سلڇڻو، قومپرست ۽ بهادر انسان آهي، هو هر ڳالهه کان اڳ سنڌ جي محبت ۾ گرفتار آهي ... هوٽل جي ڪمري ۾ ويٺي ويٺي هي ڪجهه هيٺيان ايس ايم ايس ڪيا اٿس ...
پڪ سان هي ڪن دوستن جي شاعري هوندي يا ڪنهن جا قول پر مونکي ڏاڍا سهڻا لڳا سي اوهان سان ونڊ ڪرڻ مناسب لڳا ...
نثار ابڙو
________________________________________
1
محبت جي بدلي نفرتون ملن پيون.
عجيب آ دنيا شڪستون ملن پيون.
هت هر ڪو انسان گهايل آ يارو!
چاهتن جي عيوض تحمتون ملن پيون،
رهجي وياسين اڪيلا سوچن جي ساگر ۾
بس زندگي جي سفر ۾ اذيتون ملن پيون.
2
سنڌ سان سچائي وڏي ڳالهه آهي،
مٽيءَ سان وفائي وڏي ڳالهه آهي،
ڀلي مير، غالب يا اقبال هجي،
پر سهڻو ڀٽائي وڏي ڳالهه آهي.
3
جيڪو اجرڪ جي عظمت جو نه قائل هجي،
جيڪو منهنجي مٺڙي ٻولي ڏانهن نه مائل هجي،
تنهن سان ڪهڙو ڀلا منهنجو ناتو هتي،
تنهنکي چئه منهنجي نگري مان نڪري وڃي،
تنهنکي چئه منهنجي سنڌڙي مان نڪري وڃي.
4
مان فقير ... تون امير
مان مريد ... تون مرشد
مان عاشق ... تون معشوق
مان چنڊ ... تون روشني
مان تنهائي ... تون محفل
مان جسم ... تون روح
مان شاعر ... تون شاعري
مان خواب ... تون حقيقت
””””””پر“““““
” مان تنهنجو “ ” تون منهنجو“
5
مارئي جي ديس جهڙا اجرا پرين،
تنهنجي ڪينجهر جهڙن نيڻن
اسانکي سچ پچ موهيو آهي،
ڪارونجهر جي ڪور تي
مور جهڙا ماڻهون،
توکي اسانجي اداس دل جي
واهر ڪيئن وسري!
تو اهو به نه سوچيو ته خوابن جاهرڻ
تعبيرن جا گس نه لهي
ڪيترا نراس هوندا،
ڪنوار جي ڪجلين اکين جهڙا بانورا پرين،
تون ضد جي آڪاش تان لهي ڏس
تولاءِ هن دل ۾ ڪيترو پيار آهي!!!!
6
سنڌ جيجل کي چيم ته اي منهنجي امان!
اڄ تون ايترو اداس ڇو آهين؟
چيائين
انهيءَ کان پهريان جو ڌاريا
منهنجي پاڪ دامن کي
داغدار بڻائين
اٿو، جاڳو، هلو ڪفن ڪنڌ سان ٻڌي
منهنجي حفاظت ڪريو
اگر اوهان اڃان به خاموش رهيا
ته مان اوهانکي ڪڏهن به معاف نه ڪندس.
7
ڪي ماڻهو آهن ڳاٽ ڳڻيا،
تو ارپي جن کي موت مڻيا،
تاريخ اندر هو ڌڙڪن ٿا
ڪجه وقت اجهامي ڀڙڪن ٿا
هن ڀونءِ جي بنبت بنبت تي
ڪنهن وقت اچانڪ پرگهٽ ٿي
هوپنهجو ٻارڻ ٻارن ٿا
۽ ڳٽ ڳچين جا ڳارين ٿا.
8
بهار جي موسم جو قسم!
مهندي جي رنگن جو قسم!
گلاب جي گلن جو قسم!
تون ڪنوار جي حسرتن
کان به حسين آهين،
تون لطيف جي وائي
اياز جا نظم ۽
باغي جا گيت لڳندو آهين،
او! رابيل جهڙا پرين دعا آهي
تون هميشه مهراڻ جي
موجن جيئان مرڪندو رهه.
9
جيڏو تنهنو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱيا
ري ٿنڀين، ري ٿوڻين، تون ڇپر تون ڇانءُ
ڪڄاڙو ڪهانءُ، توکي معلوم سڀڪا.
10
اي پرين تون منهنجي دل ۽ دماغ کي تازگي بخشي آهي
پرين مون توکي دنيا جي هر حسين شئي منجه تلاش ڪيو آهي
خوبصورت منظرن، دلفريب نظارن ، باغ جي گلزارين،
مرڪندڙ مشڪندڙ سدا بهار چهرن ۾،
اي پرين! مون توکي حسن اول کان حسن آخر تائين
دنيا جي سموري نظارن سمنڊن، پهاڙن، وارياسي، خشڪ،
ساوڪ، ميدانن، آبادين، ويرانين، شهرن، ملڪن، کنڊرن، تاريخ جي ورقن،
ماضيءَ جي شاندار مڪانن، محلن، دريائن، ، ڍنڍن،
چشمن جي پرڪشش هنڌن، پنهنجي حقيقي تحريرن ۾ تلاش ڪيو
ته دل ۾ خيال آيو،
چريا! ان شفق، افق، رنگن، گلن ڦلن جي رنگين سدا بهار ۽ چمڪندڙ چهري کي قبول ڪر،
تون منهنجي دل ۾ ليئو پائي ڏس، تنهنجي لاءِ سچو حسن، رنگين شگفتي، خوبصورت پيار آهي
منهنجي دل تون آهين ۽ تون ئي منهنجي دل آهين ...
(نوٽ؛ هي نياپو ٻن قسطن ۾ آيو هو ...)
11
چنڊ چيو مان چاهه ڏيان،
سج چيو مان ساه ڏيان،
مون چيو، مونکي سنڌ کپي،
باقي هر شئي کي مان باه ڏيان.