جواب: سنڌ يونيورسٽيءَ جون بسون
سائين نثار سلام
سنڌ يونيورسٽيء جي پوائنٽ بسن جي ته مونکي ايتري ڄاڻ ڪونهي پر مان جڏهن شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ بي ايس سي ۾ پڙهندو هوس ته ڪنڊيارو ۽ ٺري ميرواه کان ٻه پوائنٽش اينديون هيون جيڪي کچا کچ ڀريل هونديون هيون ۽ شاگرد ڇت تي چڙهي به سفر ڪندا هئا۔ مونکي به انهن مان ڪنهن هڪ ۾ چڙهي يونيورسٽيء پهچڻو پوندو هو ۽ جي سيارو هجي ته پوء ڇا حشر ٿيندو هوندو اوهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا
دعا آهي ته سنڌ سان انصاف ٿئي ۽ سنڌي ماڻهوخوش رهن