ڪراچيءَ ۾ امن لاءِ انتهائي قدم کڻڻ ضروري آهي: پير پاڳارو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪراچيءَ ۾ امن لاءِ انتهائي قدم کڻڻ ضروري آهي: پير پاڳارو​

    [​IMG]

    ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) : متحده مسلم ليگ جي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ انتهائي قدم کڻن جي ضرورت آهي. صوبي جو مان گهرو وزير هجان ها ته انتهائي قدم کڻان ها. اهڙن خيالن جواظهار هن ڪالهه ڪنگري هائوس تي سنڌ جي گهرو وزير ذوالفقار مرزا سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هو گهرو وزير جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي.هن چيو ته ذوالفقار مرزا کي مستقبل ۾ ڪا اهم ذميواري نه ملندي. هو جيڪا ذميواري نڀائي رهيو آهي. اها ئي اهم آهي. هن وڌيڪ چيو ته 2014ع ۾ حڪومت وڃڻ جي اڳ ڪٿي ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي. اها پوري ٿئي اهو الڳ معاملو آهي. هن چيو ته اسان فوج جا ماڻهو آهيون۽ ان جا اتحادي آهيون. مشرف جي پارٽي فوج جي پارٽي آهي. هن چيو ته رحمان ملڪ ڪراچي جي امن امان ۾ مداخلت گهٽائي آهي ته امن ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته ذوالفقار مرزا نه ڏيڻ آيو آهي نه وٺڻ آيو آهي. هن چيو ته ايندڙ وسڪاري کان پوءِ ٻوڏ دوران حڪومت درياهه جو کاٻو پاسو ٽوڙيندي يا ساڄو اهو اڳواٽ ٻڌائي ته جيئن ماڻهو پاسي تي ٿي وڃن. هن چيو ته مان اقتدار ۾ به آهيان. هوڏانهن ان موقعي تي صوبائي گهرو وزير ذوالفقار مرزا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رينجرز سان نئون ٺاهه ڪيو آهي ۽ ان جي صوبي ۾ مدي ۾ واڌ ڪئي آهي. رينجرز منهنجي ماتحت آهي. اها منهنجي چوڻ تي ڪم ڪندي. هن چيو ته مڪاني چونڊون هجن يا عام چونڊون پير پاڳارو اسان سان گڏ هوندو. هن چيو ته ملير ۾ ٿيل ڌماڪي جا سي سي فوٽيج ملي ويا آهن. ان ۾ هڪ شڪي شخص نظر آيو آهي. جاچ جاري آهي. بشڪريه عوامي آواز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو