شيخ اياز جي ڪتابن جي نئين سر ڇپائي

'شيخ اياز' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    شيخ اياز جي ڪتابن جي نئين سر ڇپائي​


    ستار پيرزادو
    شيخ اياز، جيڪو هاڻ جسماني طور تي منهنجي سامهون ناهي، يا مان سندس آڏو ويهي، سندس لکيل ڪٿا اتاري نه ٿو سگهان، تنهن هوندي به هن جا ڇپجي پڌرا ٿيل 86 ڪتاب منهنجي ڪتابن جي ڪٻٽن ۾ رکيل، جهاتيون پائي، مون کي گهوري رهيا آهن ته مان ائين چوندو آهيان ته هو هتي ڪٿي آهي ۽ پنهنجي شاعريءَ سان سنڌ جي سورن کي اجاگر ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان سنڌ جي اٻوجهه عوام کي ٻوجهه ڏئي رهيو آهي.
    سندس هن جهان يا اسان جي اکين کان اوجهل ٿئي ڀريا 11ورهيه گذري چڪا آهن تڏهن سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي 2009 جي آخري مهيني ۾ سندس ڇپيل ڪتابن کي سهيڙي هي 4 جلد ڇاپي پڌرو ڪيو آهي، انهن چئن جلدن ۾ سندس ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
    جلد پهريون:
    ڀونر ڀري آڪاس، ڪلهي پاتم ڪينرو، ڪي جو ٻيجل ٻوليو ۽ وڄون وسڻ آئيون.
    جلد ٻيون:
    ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري، پتڻ ٿو پُورَ ڪري، ٽڪرا ٽٽل صليب جا، واٽون ڦلن ڇانئيون.
    جلد ٽيون:
    لڙيو سج لڪن ۾، پن ڇڻ پڄاڻان، رڻ تي رم جهم، چنڊ جنبيليءَ ول، ڀڳت سنگهه کي ڦاسي.
    جلد چوٿون:
    راڄ گهاٽ تي چنڊ، بڙ جي ڇانءِ اڳي کان گهاٽي، اڪن نيرا ڦليا، جهڙ نيڻان نه لهي ۽ سُر نارائڻ شيام.
    شيخ اياز جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جي نئين سر ڇپائي ۽ ڀٽ شاهه ۾ سندس تربت جي اڏاوت لاءِ 2007 ۾ تڏهوڪي وزير اعليٰ شيخ اياز جي 82هين ڄم ڏڻ تي اعلان ڪيو هو ته شيخ اياز جي تربت جي بهتر نموني اڏاوت ۽ ڪتابن جي نئين سر ڇپائي لاءِ جوڳي رقم ڏيڻ لاءِ تيار آهي. اها رقم سنڌ حڪومت جي تڏهوڪي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽريءَ کي ڏني وئي ته اهو ڪم پنهنجي نظرداريءَ ۾ ڪرائي پورو ڪيو وڃي. ان ڪم جي جلد اڪلاءَ لاءِ تڏهوڪي سيڪريٽريءَ محترم عبداالقادر منگيءَ، جيڪو پڻ ادب دوست ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جو شيدائي هئڻ ڪري ٻه ڪميٽيون ترتيب ڏنيون ۽ جن ۾ هڪ تربت جي اڏاوت لاءِ ۽ ٻي ڪتابن جي سهيڙ، ترتيب ۽ ڇپائيءَ جا سمورا معاملا ڏسڻ جي واسطي.
    ڪتابن جي ترتيب ڏيڻ سان پتو پيو ته شيخ اياز جي سمورن ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جي ترتيب ڏبي ته 22 جلد جڙندا، جيڪي انهن جي ڇپائي جي ترتيب وار هر جلد ۾ چار پنج ڪتابن جي گڏجڻ سان لڳ ڀڳ اٺ سئو کن صفحا بيهندا، جنهن جو ڪم 2007 جي اپريل-مئي کان شروع ٿيڻو هو ۽ اهو 2009 جي آخر تائين ختم ٿيڻو هو پر ڪن اڻٽر سببن جي ڪري، اهو ڇپائيءَ وارو ڪم اڃا تائين مڪمل ٿي نه سگهيو آهي. تنهن هوندي به انهن ڪتابن جي ڇپائيءَ ۽ سهيڙ جو ڪم جاري آهي ۽ اسان کي جنوري 2010 يا کڻي ائين چئجي ته ڊسمبر 2009 ۾ به ڇپيل ڪتابن جو چوٿون جلد ڏسڻ لاءِ مليو آهي. باقي ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم ان رفتار سان نه ڄاڻ ڪڏهن پورو ٿي سگهندو ۽ شيخ اياز جي شائقن، پڙهندڙن ۽ پارکن کي ڏسڻ لاءِ ڪڏهن ملندو. ان لاءِ ڇپائيءَ لاءِ جوڙيل ڪاميٽيءَ کان جوڳو پڇاڻو ڪرڻ گهرجي.
    ڪتابن جي ڇپڻ ۽ ڏيک ويک جي جيڪا تعريف ڪجي اها ٿوري آهي. هر جلد جو چئن رنگن ۾ سر ورق ۽ ان تي ساڳي ڊزائين جو ڊسٽ ڪَوَرُ ڏسڻ سان دل کي خوشي محسوس ٿي ٿئي ۽ ائين ٿو ڀاسي ته شيخ اياز اسان پڙهندڙن ۽ سنڌ جي عوام جي چهرن ۾ جُوهه وجهي ڪي ڪجهه سوچي، چئي يا ڏسي رهيو هجي.
    شيخ اياز جي ڪتابن جي هن چوٿين جلد سان سندس ڇپيل، ترتيبوار 18 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، اڃا به سندس شاعريءَ جا ئي 25 ڪتاب رهن ٿا. شيخ اياز جي سنڌي ڪتابن کان سواءِ اردو، پنجابي ۽ انگريزيءَ جا ڪتاب آهن. انهن کان سواءِ سندس ترتيب ڏنل ۽ اڻ ڇپيل شاعريءَ جا ڪتاب رهيل آهن. سندس نثر جا ڪتاب جيڪي به تعداد ۾ ڪو ٿورا ناهن ۽ اڻ ڇپيل پڻ رهن ٿا، جيڪي پڻ ڳاڻاٽي ۾ ڪافي آهن. انهن ڪتابن جي ڇپجي پڌرو ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت درڪار آهي، ان کي هنگامي حالتن جيان اڪلاءُ ڪرڻ سان به خاصو وقت لڳي ويندو.
    مان هنن جلدن جي ترتيب تي ته ڪجهه به نه چوندس، باقي ايتري منٿ ضرور ڇپائي ڪميٽي ۽ ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ جي منهندارن کي ڪندس ته اهو ڪم به تربت جي تڪميل ٿيل ڪم جيان اسان کي جلد پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ملي ته هوند سڀني جا احسان ٿيندا۔ بشڪريه عوامي آواز
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شيخ اياز جي ڪتابن جي نئين سر ڇپائي

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شيخ اياز جي ڪتابن جي نئين سر ڇپائي

    ثقافت کاتي جو هي ڪم ساراه جوڳو آهي

    ثقافت کاتي هن دفعي ڪافي ڪتاب ڇپرايا آهن ۽ محترمه سسئي پليجو صاحبه جون ڪوششون قابل تعريف آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو