• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

متان وساريو ته...۔۔۔شاهه عبداللطيف ڀٽائي

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
متان وساريو ته...۔۔۔شاهه عبداللطيف ڀٽائي​

2b8faw.jpg
انور پيرزادو
ڀٽائي صاحب جو تڙ ڏاڏو شاهه ڪريم بلڙي وارو جيڪو سورهين صدي عيسوي جو عظيم سنڌي شاعر هو، ان جي ڪچهريءَ مان هن جو هڪ پڙ پوٽو جيئن ئي اتي پٺي ڏئي گهر روانو ٿيندو هو ته شاهه ڪريم هن جي ادب ۾ اٿي بيهندو هو. ايستائين هو اکين کان اوجهل ٿي ويندو هو.
جڏهن شاهه ڪريم اٿي بيهندو هو ته هن جي ڪچهري ۾ ويٺل مريدن سميت سڀئي ماڻهو اٿي بيهندا هئا، هڪ ڏينهن سندس مريدن کانئس پڇيو ته مرشد! اوهان پنهنجي ٻين پڙ پوٽن جي احترام ۾ ته ڪو نه اٿي بيهندا آهيو، هن لاءِ ڇو ٿا اٿي بيهو؟ ته وراڻيائين هن مان هڪ پٽ جو اولاد پيدا ٿيندو، مان ان جي احترام ۾ اٿي بيهندو آهيان!!
شاهه ڪريم جو اهو پڙ پوٽو شاهه حبيب هو ۽ جنهن جي احترام ۾ بلڙيءَ واري شاهه ڪريم جهڙو عظيم سنڌي ڪلاسيڪل شاعر ۽ صوفي بزرگ اٿي بيهندو هو، سو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي هو.
سنڌ جي ان ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جو يوم ولادت اڄ ان وقت شروع ٿيندو جڏهن پهرين رجب وارو ڏينهن سج لهڻ مهل پورو ٿيندو ۽ رجب جي ٻي تاريخ جو وار جهڙو سنهڙو چنڊ آسمان جي اڀرندي سطح تي اڀري ايندو ۽ ڪنهن کي نظر ايندو ته ڪنهن کي نظر نه به ايندو.
اسان سنڌي روايتي طور مڙني بزرگن جا رڳو عرس ڪندا آهيون جيڪي سندن وفات جا ڏينهن هوندا آهن، پر انهن شخصيتن جا جنم ڏينهن ورلي ملهائيندا آهيون، اها رسم ايشيا، هند، سنڌ ۽ پنجاب ۾ هڪ جهڙي آهي.
پر ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”شاهه لطيف آف ڀٽ“ ۾ ٻين تفصيلن کان علاوه ڀٽائي صاحب تي جيڪو اهم باب لکيو آهي ان جو عنوان آهي Birth of a Classic (هڪ ڪلاسيڪل شاعر جو جنم)
سو متان وساريو ته سنڌ ۽ هند سميت مذهبي جنونيت جي ماريل هن ڌرتي جي گولي کي هن عظيم ڪلاسيڪل سنڌي شاعر جو جنم ڏينهن مبارڪ هجي.
بشڪريه عوامي اواز
 
Back
Top