مها ڪوي شيخ اياز جا ڪتاب

'شيخ اياز' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مها ڪوي شيخ اياز جا ڪتاب​

    [​IMG]

    ادل سولنگي

    سنڌ حڪومت، 2007 ۾ مها ڪوي شيخ اياز جي 82هين جنم ڏهاڙي تي اعلان ڪيو هو ته شيخ اياز جي سمورن ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن کي نئين سر نئين ترتيب هيٺ ڇپايو ويندو. اهڙو اعلان ان وقت جي وڏي وزير ڪيو هو. ان سان گڏ سنڌ حڪومت اهو به اعلان ڪيو هو ته ڀٽ شاهه ۾ شيخ اياز جي تربت جي خوبصورت نموني سان تعمير ڪرائي ويندي. جنهن کي واعدي موجب مڪمل ڪرايو ويو آهي. سنڌ حڪومت پاران ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري عبدالقادر منگي کي رقم جي فراهمي ڪندي هدايت ڪئي وئي ته هو انهن ڪمن کي پنهنجي نگراني ۾ مڪمل ڪرائي.
    ثقافت کاتي جي سيڪريٽري انهن ٻنهي ڪمن کي تڪڙو ۽ بهتر نموني اڪلائڻ لاءِ 2 ڪميٽيون جوڙي ڪم جي شروعات ڪئي. هڪ ڪميٽيءَ کي شيخ اياز جي مزار جي تعمير جي ذميواري ۽ ٻي ڪميٽيءَ کي ڪتابن جي ڇپائي جي ذميواري ڏني وئي.
    ڪتابن جي ڇپائي واري ڪميٽي جو چيئرمين محمد ابراهيم جويي ۽ سيڪريٽري تاج جويي کي بڻايو ويو. جن ڪتابن کي نئين ترتيب ڏني ۽ ثقافت کاتي کي ٻڌايو ته شيخ اياز جي سمورن ڪتابن کي نئين ترتيب سان جلدن ۾ ڇپائبو ته ڪتابن جا 22 جلد تيار ٿيندا، هڪ جلد ۾ 800 جي لڳ ڀڳ صفحن جي گنجائش هوندي ۽ هڪ جلد ۾ 4 کان 5 ڪتاب شامل ڪيا ويندا. ڪتابن جي مڪمل ڇپائي لاءِ اپريل 2007 کان ڊسمبر 2009 تائين جو مدو مقرر ڪيو ويو. پر ڪن اڻٽر سببن جي ڪري ڪتابن جي ڇپائي وارو ڪم مقرر مدي اندر مڪمل نه ٿي سگهيو. توڻي جو اڳوڻي حڪومت ڪتابن جي ڇپائي جو اعلان ڪيو هو پر پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪو به ڪتاب ڇپائي نه سگهي. موجوده حڪومت جي اچڻ بعد ڪتابن جي اشاعتي سلسلي کي اڳتي وڌايو ويو، جهن ۾ سنڌ ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو جي گهڻي دلچسپي رهي جنهن سبب شيخ اياز جي ڪتابن جا 9 جلد ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتا آهن. جڏهن ته اپريل 2010 تائين شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ جي ڪتابن جا پنج جلد ڇپجي آيا آهن، جڏهن ته شاهه جو رسالو منظوم اردو ترجمو، بوءِ گل نالئه دل، حلقه ميري زنجيرڪا، اردو شاعري ۽ سانگ آف فريڊم انگريزي شاعري سميت چار جلد ٻيا به ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ڪتابن جي ترتيب ۽ ڇپائي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. چئن رنگن ۽ ٽائٽل جنهن ۾ شيخ اياز جي تصوير ڏنل آهي. جڏهن ته هر هڪ جلد ۾ شامل ڪتابن جا عڪس بيڪ ٽائٽل تي ڏنا ويا آهن، جيڪي انهن جلدن ۾ شامل آهن.
    سنڌ ثقافت کاتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان پوءِ جيڪو گهڻو ۽ عمدو ڪم ڪيو آهي اهو شيخ اياز بابت ڪيو آهي ان لاءِ ثقافت کاتو جس لهڻي. شيخ اياز جي ڪتابن جي پنجن جلدن جو وچور هن ريت آهي:
    جلد پهريون، شامل ڪتاب: ڀونئري ڀري آڪاس، ڪلهي پاتم ڪينرو، ڪي جو ٻيجل ٻوليو ۽ وڄون وسڻ آئيون.
    جلد ٻيو، شامل ڪتاب: ڪپر ٿو ڪُن ڪري، پتڻ ٿو پور ڪري، ٽڪرا ٽٽل صليب جا، واٽون ڦلن ڇانئيون.
    جلد ٽيون، شامل ڪتاب: لَڙيو سج لڪن ۾، پن ڇڻ پڄاڻان، رڻ تي رم جهم، چنڊ چنبيليءَ ول، ڀڳت سنگهه کي ڦاسي.
    جلد چوٿون، شامل ڪتاب: راڄ گهاٽ تي چنڊ، بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي، اڪن نيرا ڦليا، جهڙ نيڻان نه لهي ۽ سر نارائڻ شيام
    جلد پنجون، شامل ڪتاب: اڀر چنڊ پس پرين، هينئڙو ڏاڙهون گل جيئن، الودائي گيت ۽ ننڊوليون، سميت هنن پنجن جلدن ۾ 22 ڪتاب شامل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ثقافت کاتي جي پبليڪيشن ڪميٽي جي رٿا موجب، شيخ اياز جي شاعري جا 11 جلد ڇپائي پڌرا ڪيا ويندا، جڏهن ته شيخ اياز جي اردو شاعريءَ جا 2 جلد، انگريزي شاعريءَ جو هڪ جلد ۽ شاهه جو رسالو، منظوم اردو ترجمو، پڌرو ڪرڻ سان اياز جي ڪتابن جي ٻيهر ڇپائي واري سلسلي جا 9 جلد مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 13 جلد اڃا ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن، جنهن ۾ شيخ اياز جي اردو شاعري جي ترجمي جي ڪتابن جا 2 جلد، شيخ اياز جي نثر جي ڪتابن جا 5 جلد، شيخ اياز جي اردو نثر جي ترجمي جا 2 جلد، شاعر موسيقار مصور، ڪن فيڪون 1 جلد، جڏهن ته شيخ اياز جي سنڌي شاعري جا 2 جلد وڌيڪ ڇپايا ويندا، هن ڪتابي سلسلي جي ڇپائي جي ذميواري سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو چيئرمين نور احمد ميمڻ نڀائي رهيو آهي. اشاعتي سلسلي جون مختلف ذميوارين نڀائڻ ۾ محمد ابراهيم جويو، تاج جويو، ثقافت کاتي جو سيڪريٽري شمس جعفراڻي، ڊائريڪٽر جنرل ثقافت کاتو، مونس اياز، ڊائريڪٽر ثقافت کاتو ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، قاضي منظر حيات، آسي زميني، موهن مدهوش ۽ حميده قاضي جا نالا شامل آهن. شيخ اياز جي سنڌي شاعري جي 5 جلدن ۾ شامل ڪتابن ۾ منظوم ڊراما، نوٽ بڪ، بيت، وايون، نظم، نثري نظم، هائيڪا،ٽيڙو، گيت، ٽه سٽا، غزل، لوڪ گيت، چوڻيون، ڊائري، متفرقات، مختلف ڇاپن جا مهاڳ، پبلشرن جا نوٽ، شامل ڪيا ويا آهن. لطيف شناسيءَ کان پوءِ اياز شناسيءَ جي ڏس ۾ ثقافت کاتي جيڪو ڪم ڪيو آهي اصل ۾ اهو عمل سنڌ شناسي آهي. سنڌ شناسيءَ واري هن چڱي ڪم ۾ اسان جي ثقافت کاتي جي سڄاڻ وزير محترمه سسئي پليجو جو اهم ڪردار آهي. شيخ اياز جي فن، فڪر، ڏات ۽ ڏانءَ کان سنڌ چڱيءَ ريت واقف آهي، پر نئين سنڌ اڏڻ جا خواب ڏسندڙ نئين نسل جي فڪري سجاڳيءَ لاءِ شيخ اياز جي علمي ۽ ادبي پورهئي کي هڪ بهتر انداز سان هڪ سيريز ۾ ترتيب ڏئي سنڌ ثقافت کاتي جيڪو سنڌ جي نئين نسل کي علم ۽ شعور جو بي مثال تحفو ڏنو آهي، ان تي ادب دوستن ۽ اياز جي چاهيندڙن کي سرهائي محسوس ٿئي ٿي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيڪي قومون پنهنجي ماضيءَ تهذيبي ورثي، ثقافت، ٻوليءَ، ادب ۽ پنهنجي عالمن، فاضلن، دانشورن، مدبرن، شاعر، ڏاهن، اڪابرن، سورهين ۽ سورمن کي وساري ويهنديون آهن. انهن جو مستقبل اونداهو هوندو آهي. سنڌ ثقافت کاتي ۾ هاڻوڪي قيادت جي موجودگيءَ ۾ اسان کي وڏيون اميدون آهن، گذريل ٿوري عرصي ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ننڍن توڙي وڏن شهرن م علم، ادب دوست ماڻهن ۽د انشورن سان جيڪي رهاڻيون رچايون ويون آهن ۽ ان سان گڏ سنڌ جي سورهين ۽ سورمن، شاعرن، اديبن، عالمن ۽ مفڪرن جا جيڪي ڏهاڙا ملهايا ويا آهن ۽ ساڻن جيڪي رهاڻيون رچايون ويون آهن، صوفي بزرگن ۽ شاعرن جي عرس جون تقريبون ڪوٺايون ويون آهن، اهي علمي، ادبي ۽ ثقافت حوالي سان نهايت ئي ڪارائتيون ڪوششون آهن، جن سان سنڌ واسين کي پنهنجي شاندار مستقبل ۾ ويساهه ٿئي ٿو. سنڌ ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو تازو ئي شڪارپور ۾ شيخ اياز ”قومي ڪانفرنس، جي موقعي تي شيخ اياز کي ڀيٽا ڏيندي چيو آهي ته شيخ اياز سنڌ جي وڏن شاعرن منجهان آهي، جنهن سنڌي ٻولي، علم، ادب کي نوان رخ ڏنا، سندس فڪري لاڙن سنڌي ماڻهن ۾ شعوري تبديلي آندي، سندس شاعري ۾ اهڙو فڪر سمايل آهي جيڪو قوم دوستي ۽ انسان دوستي جي علامت آهي. شيخ اياز جو فڪر اهڙي اميد ۽ حوصلو ڏئي ٿو جو هيڻو ماڻهو به پاڻ کي نهايت ئي سگهارو محسوس ڪري ٿو. شيخ اياز جي شاعري ۽ سندس منظوم ڊراما يا نثر اسان کي شاگرديءَ واري زماني کان متاثر ڪندو پيو اچي. اڄ به سندس فڪر مظلوم قومن جي رهبري ڪري ٿو. شيخ اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو اهم نالو آهي. اسان کي فخر آهي ته شاهه لطيف کان پوءِ شيخ اياز جي نالي ۾ سنڌ کي ماضي حال ۽ مستقبل جو وڏو شاعر مليو آهي۔۔۔ بشڪريه عوامي آواز
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مها ڪوي شيخ اياز جا ڪتاب

    زبردست ادا .
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو