سانگهڙ شهر ضلعي هيڊڪوارٽر هوندي به نڌڻڪو بڻيل؟ امير بخش بڙدي سانگهڙ سهڻي ۽ خوبصورت ڌرتي نه صرف اسان جي تاريخ جي قديم دور جي شاهد ۽ امين آهي پر ساڳئي وقت انگريز سامراج کي هن ڌرتي مان تڙي ڪڍڻ جو جدوجهد جي پڻ هڪ داستان آهي. سانگهڙ ضلعي جي جاگرافيائي محل وقوع تي تاريخ جا تمام وڏا واقعا ۽ ڪارناما ٿي گذريا آهن جن اڳتي هلي اسان جي ثقافتي ۽ سماجي زندگي کي نوان روپ ڏنا. جڏهن ته سانگهڙ جي تاريخ جا اهم اهڃاڻ برهمڻ آباد منصوره ان تبديلي جا ٻه وڏا اسم خاص آهن. جن مان تاريخ جي ان تبديلي جي واضح شاهدي ملي ٿي ۽ اها سانگهڙ ضلعو ان ڌرتي جي مقام تي واقع آهي جتان هاڪڙو هاڪ سان وهندو هو ۽ نارو ناز ڪندو هو، نه صرف اهو پر هن ڌرتي جي حرن پنهنجي ريٽي رت جي قرباني سان تحريڪ آزادي جي لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي آهي. اها جدوجهد شايد قيامت تائين ماڻهن جي دلين تان نه وسري سگهندي. ان ڪري سانگهڙ کي دليرن ۽ دودن جو به شهر سڏيو ويندو آهي. سانگهڙ ضلعو مشتمل آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي هن تاريخي شهر جا حال ڏسي ٻاهران ايندڙ ماڻهو ڏندين آڱرين پئجي ويندا آهن ته هن ضلعي جا ڪرتا ڌرتا جنرل ضياءَ الحق جي دور کان وٺي حڪمراني مشين جا پرزا رهيا آهن ان هوندي به سانگهڙ شهر لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي. اڄ به شهر کندرات جو ڏيک ڏئي ٿو. شهرين جي لاءِ پيئڻ جو پاڻي خراب آهي ان ۾ گٽرن ۽ جانورن جو وهنجڻ ٿئي ٿو. شهر کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ واٽر لائين ۾ سڄو ڏينهن مينهون هونديون آهن. جيڪو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. نه صرف اهو پر شهر جي ڪيئي پاڙن ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن. روڊ رستا نالي ماتر آهي، شهر ۾ حد دخلين جو آزار آهي، جڏهن ته سانگهڙ تاريخي شهر هوندي به ان شهر ۾ ڪا به لائبريري نه آهي، ميونسپل ڪميٽي ۾ گرهوڙي لائبريري هوندي هئي، اها به ڪافي وقت کان ختم ڪئي وئي آهي شهرين لاءِ ڪو به پارڪ نه آهي. جڏهن ته سوسائٽي ۾ وفاقي وزير حاجي خدابخش راڄڙ هائوس آڏو لکين روپين جي ماليت سان پارڪ ٺاهيو ويو هو. اهو پارڪ به ختم ڪيو ويو آهي. بااثر لوهي سيخون به پٽي کڻي ويا آهن. جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل آفيس سامهون پڻ ڪروڙين رپين جي پارڪ جو بنياد وجهي اهي پئسا به هڙپ ڪيا ويا اڄ ان پارڪ ۾ گندگاهه آهي ۽ مالوند مال چاري رهيا آهن. پارڪ جا مين لوهي گيٽ به بااثر پٽي کڻي ويا آهن. سانگهڙ شهر ۾ ڪو به اهڙو پارڪ نه آهي جتي شهري سيروتفريح ڪن. سانگهڙ لاءِ اهو به چيو ويندو آهي ته سنڌ ۾ ٽئين نمبر تي وڏي بجيٽ رکندڙ ضلعو آهي. سانگهڙ ضلعي جا ماڻهو هميشه اقتدار ۾ رهيا آهن هاڻ به هڪ وفاقي وزير آهي. هڪ مملڪتي وفاقي وزير ٻه صوبائي صلاحڪار آهن ۽ ٽي صوبائي وزير آهن جن ۾ حاجي خدابخش راڄڙ، فقير جادم مڱريو، شازيه مري، امام دين شوقين، سرفراز راڄڙ، شاهد خان نظاماڻي، عبدالسلام ٿهيم شامل آهن. پر ان هوندي سانگهڙ ضلعي هيڊڪوارٽر هوندي نڌڻڪو شهر بڻيل آهي. سانگهڙ ضلعي کي خوبصورت ۽ مثالي بڻائڻ لاءِ پير پاڳاري کي گهرجي ته ان جو نوٽيس وٺي ۽ پنهنجي چونڊيل نمائندن کان سانگهڙ کي موهن جو دڙو بڻائڻ جي جانچ ڪري ۽ سانگهڙ ۾ پارڪ، صاف پاڻي، ترقياتي ڪمن، صحت ۽ تعليم تي خاص توجهه ڏئي سانگهڙ جي مستقبل کي روشن ڪيو وڃي. اڄ به سانگهڙ جي عوام جون نظرون پير پاڳاري ۾ کتل آهن ته پاڻ ڪڏهن سانگهڙ کي پئرس بنائين ٿا. بشڪريه عبرت