ڊبليو ايف پي ۽ يونيسيف سنڌ جي مشترڪه ڪوششن سان هي ننڍڙو ڪتابچو حامله ۽ کير پياريندڙ عورتن جي رهنمائي لاءِ جاري ڪيو ويو آهي. هي مختصر ڪتابڙو ٻن حصن تي مشتمل آهي. * پهرين حصي ۾ حامله ۽ کير پياريندڙ عورتن لاءِ رڌ پچاءُ جون ترڪيبون لکيون ويون آهن ۽ انهيءَ ۾ 14 نسخا شامل آهن. * ٻئي حصي ۾ کير ڇڏائيندڙ ٻارن لاءِ 12 نسخا لکيا ويا آهن. هن مختصر ڪتابچي کي تمام سولو بڻايو ويو آهي. مثال طور: 1- رڌ پچاءَ لاءِ گهربل شيون 2- انهن جو مقدار 3- وزن 4- طريقو 5- خرچ هي ڪتابڙو اسان جي سنڌ سلامت جي سرتين لاءِ تمام ڪارائتو آهي، جنهن مان ڀرپور فائدو وٺي سگهجي ٿو. پي ڊي ايف فارميٽ ۾ هتان ڪاپي ڪريو. ڊي او سي (ورڊ) فارميٽ ۾ هتان ڪاپي ڪريو.