قومي ٻولين جو سوال ۽ سنڌي ٻولي! ڊاڪٽر مير عالم مري [JUSTIFY] تازو پاڪستان جي وفاقي اسيمبلي جي ڪجهه ميمبرن پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ مختلف ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ بل پيش ڪيو آهي، جنهن موجب سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي، سرائيڪي، اردو ۽ ٻين ٻولين کي پاڪستان جون قومي ٻوليون، جڏهن ته انگريزيءَ کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. گڏوگڏ اسلامي تعليم کي بهتر طور سمجهڻ لاءِ عربي ٻولي کي به نصابي ٻولي طور برقرار رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اهو بل اسيمبلي ۾ ڪڏهن پيش ٿيندو ۽ منظور ٿيندو يا رد ٿيندو؟ انهن سوالن کان هٽي ڪري، خود انهيءَ بل ۾ جيڪو موقف اختيار ڪيو ويو آهي، ان جا به ڪجهه نقطا قابل اعتراض آهن. جيڪڏهن اسيمبلي ميمبر ان متعلق پهرين ٻولي جي ماهرن کان صلاح مشورو ڪن ها ته پَڪ سان کانئن اهڙي غلطي نه ٿئي ها. (1) پهريون اعتراض ئي اهو آهي ته اسيمبلي ميمبرن، ٻولي ۽ ٻولي جي لهجن جي فرق کي ئي نه سمجهيو آهي. هنن بل ۾ اهڙين ٻولين کي به قومي ٻولي قرار ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪي بنيادي طور تي ٻوليون ناهن پر لهجا آهن. (2) تجويز ڪيل بل تي ٻيو اعتراض هي آهي ته، عربي ٻولي کي بطور نصاب جي رکڻ به غير ضروري آهي. جڏهن عربي نصاب ۾ نه هئي، تڏهن به هتان جا ماڻهو ترجمي سان قرآن پاڪ ۽ نماز وغيره سکندا هئا ۽ پڙهندا هئا. عربي ٻولي نصاب ۾ ته جنرل ضياءُ الحق شروع ڪرائي هئي. هڪ شاگرد جي ذهن تي اهو وڏو بار ٿيندو ته عربي به پڙهي، سرڪاري ٻولي انگريزي به پڙهي، اردو به پڙهي ۽ وري پنهنجي مادري يا قومي ٻولي به پڙهي. شاگردن کي آرٽس، سائنس، ڪامرس جا ٻيا به سبجيڪٽ پڙهڻا آهن، رڳو ٻولين تي مهارت حاصل ناهي ڪرڻي. (3) ٽيون اعتراض اردو ٻولي کي ”قومي ٻولي“ طور بيان ڪرڻو آهي. اردو ٻولي نه ته ڪنهن مخصوص قوم يا خطي جي ٻولي هئي نه آهي، بلڪه تاريخ ۾ به ۽ هاڻي به ايشيائي ملڪن ۾ اها رابطي جي ٻولي آهي. پاڪستان ۾ به اردو ٻولي، رابطي جي ٻولي آهي ۽ هئڻ به گهرجي. اردو کان اهو سندس تاريخي مقام ڪير به کسي نٿو سگهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ڊيموڪريٽ فورم وارن انهيءَ بل جو شاندار تجزيو ڪري، مناسب تنقيد ۽ تجويزون ڏنيون آهن. جن جي روشني ۾ اسيمبلي ميمبرن کي انهيءَ بل جي نظرثاني ڪري ٻيهر کين پيش ڪرڻ گهرجي. پوءِ منظور ٿئي يا نه، کٽين ڀاڳ. هتي آئون ٻولي جي حوالي سان ڪجهه فڪري پهلو نمايان ڪرڻ چاهيندس. ٻولي ڇا آهي؟: هن سوال جو جواب، مختلف مڪتبه فڪر وارن ماڻهن وٽ مختلف آهي، پر عالمي سطح تي، فلسفي توڙي سائنس جي حوالي سان، مڃيل جيڪڏهن ڪا وصف آهي ته هيءَ آهي، ”ٻولي انساني رابطي جو اهو ذريعو آهي، جنهن وسيلي هڪ ماڻهو، پنهنجن جذبن، احساسن ۽ خيالن کي ٻين تائين پهچائي ٿو.“ ٻولي ڏانهن عام طور ماڻهن جا ٻه رويا آهن. هڪڙو انتهائي جذباتي، شديد ۽ حمايت وارو ۽ ٻيو ان جي ابتڙ ٻولي جي جائز اهميت کي به نظرانداز ڪرڻ وارو. اهي ٻئي رويا غلط آهن. انتهائي جذباتي ۽ شدت پسندي وارو رويو، ٻولي جي وسعت پذيري ۽ ترقي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿو ته ٻيو رويو ٻولي کي ترقي وٺرائڻ جي ضرورت ئي محسوس نٿو ڪري. اسين جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل وصف جي روشني ۾ ڏسنداسين ته ماڻهو جو ٻين ماڻهن سان سمجهڻ ۽ سمجهائڻ فقط جديد دور جي ٻولين وسيلي ئي نٿو ٿئي، پر ان جا ٻيا به ڪيئي قديم توڙي جديد طريقا موجود آهن. انساني تهذيب جي ارتقائي لحاظ سان، سڀ کان قديم ترين ٻولي، ”اشارن جي ٻولي“ آهي، جيڪا اڄ به هڪ لحاظ سان بين الاقوامي طور استعمال هيٺ آهي. ان کانپوءِ جيئن انسان ذات ترقي ڪئي ته هن ”آواز“ ذريعي پنهنجو مطلب سمجهائڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي جيئن لکت ايجاد ٿي ته وڌيڪ ترقي يافته ٻولين جون صورتخطيون ايجاد ٿيون ۽ ٻيون بنا لکت جي هلنديون رهيون. اهي ٻئي ڳالهيون اڄ به سڄي دنيا ۾ موجود آهن. رنگ: ٽيون ذريعو رنگ آهي، ماڻهن کي پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ جو. مثال طور ڳاڙهو رنگ، خطري جي نشاني، اڇو رنگ، امن جي نشاني، وغيره. رنگن جو اهو استعمال اڄ به بين الاقوامي سطح تي موجود آهي. انساني تاريخ جي لحاظ سان موسيقي ۽ رياضي جا انگ سڄي دنيا ۾ هڪجهڙا ئي سمجهيا ويندا هئا ۽ اڄ به ائين آهي. ٻين لفظن ۾ اشارو، رنگ، موسيقي ۽ رياضي جا انگ تاريخ وانگر اڄ به بين الاقوامي طور تي هڪ جهڙي استعمال هيٺ آهن. پر انساني تهذيب وڌيڪ ترقي ڪرڻ سبب ٻوليون، تحرير جي صورت وٺي بيٺيون. ٻولي جو استحڪام: ڪنهن به ٻولي جي استحڪام جا بنيادي سبب چار ٿي سگهن ٿا. (1) ته ان ٻولي ۾ ڪو خاص مذهب هجي. جيستائين ان مذهب جا مڃيندڙ موجود رهندا، تيستائين اها ٻولي زنده رهندي. (2) ته ان ٻولي ڳالهائيندڙن وٽ سياسي اقتدار هجي. اقتدار جي زور ۽ وسيلن تي اها ٻولي زنده رهندي. (3) ته ان ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد چڱو خاصو هجي. يعني جيتري وڏي تعداد ۾ ماڻهو ٻولي ڳالهائيندا، اها ٻولي اوتري ئي مستحڪم رهندي. مثال طور چيني ٻولي کي ڪو به خطرو ان ڪري نٿو ٿي سگهي، جو دنيا جي سڀ کان وڏي آبادي ۾ اها ڳالهائي وڃي ٿي. جڏهن ته آفريقا کنڊ ۾ ڪجهه ٻوليون اهڙيون آهن، جن جي ڳالهائيندڙن جو تعداد ڪجهه سئو مس آهي. اهي ٻه ٽي سئو ماڻهو جڏهن طبعي يا غير طبعي موت مري ويندا ته پنهنجي ٻولي به انهن سان گڏ دفن ٿي ويندي. (4) ته ان ٻولي ۾ سائنسي ايجادون ٿينديون هجن، جيستائين ان ٻولي ڳالهائيندڙن سائنسدانن جون ايجادون استعمال ۾ رهنديون تيستائين انهن جا اهي نالا، لفظ، محاورا ۽ ٻولي به استعمال هيٺ رهندي. سنڌي ٻولي: دنيا جون قديم ترين ٻوليون، جڏهن اهي لکت ۾ آيون ته اهي لفظن جي بجاءِ Pictorial) )تصويري هيون. جيئن مصر جي احرامن ۽ موهن جي دڙي مان لڌل ٻولي جا نمونا ان جا مثال آهن. گهڻي وقت گذرڻ کانپوءِ، انهن جي لِپي تيار ٿي ۽ ان کانپوءِ گرامر جا اصول جوڙيا ويا. جنهن بعد ٻولي جي لکت جا ٻه طريقا سامهون آيا، هڪ نثر ۽ ٻيو شعر. جيستائين ٻولي کي لکت ۾ محفوظ ۽ عام ڪرڻ جا طريقا اسان وٽ نه هئا، تيستائين سڀ ٻوليون ۽ انهن جا علم نسل در نسل، سينا به سينا، مدري روايتن طور منتقل ٿيندا رهيا. سنڌي ٻولي جي بڻ بڻياد طور ٻه نظريا آهن. هڪ ته اها سنسڪرت جي بگڙيل شڪل يعني پراڪرت آهي. تلڪ کان وٺي ڪاڪي ڀيرو مل تائين اڪثر هندي يا يورپي ماهر ان راءِ جا آهن. ٻيو ته اها خود قديم ٻولي آهي، پر ڪنهن جي بگڙيل شڪل يا شاخ ناهي. ان راءِ جا سراج کان وٺي عطا محمد ڀنڀري تائين جا ماهر آهن. مٿي مون ٻولي جي استحڪام جا چار مکيه سبب بيان ڪيا آهن. پڙهندڙ نوٽ ڪندا ته سنڌي ٻولي سان ان مان ٽي سبب لاڳو نٿا ٿين. يعني نه ته ڪو سنڌي ٻولي ۾ مذهب آهي، نه ته سنڌي سائنسي ايجادن جي ٻولي آهي ۽ نه ئي سنڌي ٻولي جو گذريل هڪ هزار سالن دوران ڪو سياسي اقتدار رهيو آهي. دلچسپ پهلو هي آهي ته خود سنڌي حڪمران قبيلن جي دور ۾ به، سنڌ اندر به سرڪاري زبان گهڻي ڀاڱي يا ته عربي هئي يا وري فارسي. (تمام ٿورڙن مثالن کي ڇڏي) پهريون ڀيرو گذريل هزار سالن دوران سنڌي ٻولي کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي، انگريزن جي دور ۾ قرا رڏنو ويو. تاريخي طور تي اهڙو تنزل يهودين جي عبراني ٻولي سان به ٿيو، پر اهي ٻه هزار سالن دوران مذهب جي بنياد تي عبراني کي بچائيندا رهيا، ڇاڪاڻ جو سرزمين فلسطين يهودين کان کسجي چڪي هئي، پر سنڌي ٻولي مذهب جي ڪري مستحڪم نه رهي. اها به پنهنجن ڳالهائيندڙن جي تعداد، سنڌي مائرن جي جهولي، لولي ۽ ڪلچر جي زور تي زنده رهي. ان کي ڪا به مذهبي، سرڪاري يا سائنسي سرپرستي يا همت افزائي حاصل نه رهي. انگريزن جي سنڌ تي قبضي وقت سنڌي ٻولي ٽن طريقن/لپين ۾ لکي ويندي هئي. (1) عربي-فارسي رسم الخط (2) ديوناگري ۽ (3) گُرمُکي. انگريزن سر بارٽل فريئر جي اڳواڻي هيٺ هڪ ڪميشن ويهاري، سنڌي ٻولي لاءِ، عربي-فارسي رسم الخط کي معيار Standard قرار ڏئي، ان کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو. ان جو فائدو ٿيو ته سنڌي کي سرڪاري سرپرستي ۽ هڪ رسم الخط مليو، پر نقصان اهو ٿيو جو اهي سنڌي قبيلا ۽ ذاتيون جيڪي ديوناگري ۽ گرمُکي ۾ سنڌي لکندا هئا، اهي سنڌي قوم جي قومي ڌارا کان ڪٽجي ويا. اهڙي ريت مسلمانن جي سنڌي ۽ هندن جي سنڌي جدا ٿي ويون. پر ان کان هڪ صدي اڳ ٻولي جي بنياد تي هندو-مسلم جهيڙي جو ٻج انگريز ڇٽي ويا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهرين اردو کي ۽ ڪجهه وقت بعد بنگالين جي پرزور ۽ پر تشدد مطالبي تي بنگالي ٻولي کي ”قومي ٻولي“ جو درجو ڏنو ويو. سنڌي کي ته ڪنهن ليکي ۾ ئي نه آندو ويو، جنهن جي ڪري ٻين شعبن وانگر ٻولي کي به وڏو ڌڪ رسيو. اوڀر پاڪستان جي ٽٽڻ بعد اولهه پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت دوران سنڌي کي سنڌ جي سرڪاري زبان قرار ڏنو ويو ته سنڌ ۾ تنگ نظر ماڻهن فساد ڪيا. وفاقي حڪومت هميشه وانگر مداخلت ڪري سنڌ کي سنڌي ۽ اردو ٻوليون ڳالهائيندڙ صوبو قرار ڏئي ڇڏيو. مختلف وقتن تي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جدوجهدون ٿينديون رهيون آهن، پر هن وقت تائين نتيجو نه نڪتو آهي. هاڻي تازو پيش ٿيل بل اسيمبلي مان منظور ٿئي ٿو يا نه، ان کان هٽي ڪري ڏسجي ته سنڌي ٻولي سنڌ جي قومي ٻولي ٿيڻ وارو مطالبو عين حق، سچو ۽ تاريخي آهي. اهو غلط آهي ته سنڌ به لساني خطو آهي. سنڌ گهڻ لساني خطو آهي، جنهن ۾ رهندڙ ماڻهو فقط سنڌي ۽ اردو نٿا ڳالهائين، پر ٻيون به ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائين ٿا. مثال طور ته بلوچي، سرائيڪي وغيره، پر جيئن ته سنڌ ۾ اڄ به اڪثريت سنڌي ڳالهائيندڙن جي آهي، تنهن ڪري سنڌ جي قومي ٻولي جو درجو سنڌي کي ملڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو ڪنهن به جاگرافيائي خطي جي اڪثريتي ٻولي ئي قومي درجي جي حيثيت رکندي آهي. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ائين آهي ۽ سنڌ ۾ به ائين ئي هجڻ گهرجي. اسان کي اتي اعتراض ڪونهي ته سنڌ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪندڙ باشندا، پنهنجي گهرن ۾ اردو، سرائيڪي يا بلوچي ٻوليون ڇو ٿا ڳالهائين؟ اسان کي يقين آهي ته تاريخ جي ارتقائي عمل دوران اهي گهريلو استعمال هيٺ ايندڙ ٻوليون آهستي آهستي پنهنجي حيثيت وڃائي ويهنديون. ان لاءِ اسان کي نه ته ڪنهن سازش ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ نه ئي Ordinance منظور ڪرڻ جي. ڇاڪاڻ جو اهو ارتقا جو اصول آهي ته اقليتي ٻوليون، اڪثريتي ٻولي آڏو مات کائينديون آهن. سنڌ ۾ ائين ئي ٿيو آهي، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ پنجابي، پٺاڻ ۽ بلوچ وغيره ڪجهه وقت گذرڻ بعد، صاف سنڌي ۾ ڳالهائين ٿا، ڇاڪاڻ جو ٻهراڙين ۾ اڪثريت سنڌي ڳالهائي ٿي. ان جي ابتڙ وري سنڌ جي شهرن خاص طور تي ڪراچي جي صورتحال هيءَ آهي جو ڪراچي ۾ خود سنڌي ڳالهائيندڙ به اردو ٻولي ڳالهائيندا آهن، ڇاڪاڻ جو ڪراچي ۾ اڪثريتي ماڻهو اردو ڳالهائين ٿا. ڪراچي ۾ اڪثريتي اردو ڳالهائيندڙ ٻن قسمن جا آهن. هڪڙا اهي، جن جي مادري زبان اردو آهي ۽ اهي هندستان مان ورهاڱي بعد لڏي اچي مستقل طور تي آباد ٿيا آهن، ٻيا وري اهي ماڻهو اردو ڳالهائين ٿا، جيڪي پاڪستان جي ٻين صوبن مان يا ٻين ملڪن مان لڏي ڪراچي ۾ آباد ٿيا آهن. انهن جي مادري زبان اردو ناهي، پر رابطي جي زبان هجڻ جي ڪري اهي اردو ڳالهائين ٿا. وفاقي اسيمبلي انهيءَ بل بابت ڪهڙو ٿي فيصلو ڪري، ان کان هٽي ڪري ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي شهرن ۾ خاص طور تي ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي رجحان کي عوامي سطح تي هٿي ڏجي. جيڪڏهن ٻه لساني صوبو به ٿوري دير لاءِ کين قبول ڪجي ته به ڪراچي ۾ سڀ نالا ۽ بورڊ وغيره اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ هجڻ گهرجن. پر حقيقت ۾ ائين ڪونهي. خود سرڪار وٽ پنهنجي ئي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي سنجيدگي ڪونهي. اردو ڳالهائيندڙن جي هڪ تنظيم پنهنجي شهري حڪومت جي دفترن، رستن ۽ پلين وغيره تي به سنڌي ۾ نالا نٿي لکرائي ته پوءِ اها ڀائپي ڪيئن چئبي؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي نه رڳو سنڌي سکڻ گهرجي، پر پنهنجي اثر وارن علائقن ۾ سنڌي ٻولي جو سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي استعمال ڪرڻ گهرجي. ساڳي ريت ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي گهرجي ته اهي به شهر اندر سنڌي ڳالهائين ۽ پنهنجا نالن ۽ ڪاروبار وارا بورڊ سنڌي ۾ ٺهرائين. ماڻهن جو تعداد پنهنجي جاءِ تي، اڪثريت جو زور پنهنجي جاءِ تي، پر جيستائين ڪا به ٻولي منڊي، ڪاروبار يا اقتصاديات ۾ نٿي ڳالهائي وڃي، تيستائين اها قومي ٻولي جون تقاضائون پوريون نه ڪندي. شهر مجموعي طور تي اقتصادي مرڪز هوندا آهن ۽ ٻهراڙيون ڪلچر جي نمائندگي ڪنديون آهن. اها سٺي ڳالهه آهي ته عمرڪوٽ، جيڪب آباد ۽ سيوهڻ ۾ سنڌي ڳالهائجي ٿي، پر وڌيڪ اهم ۽ ضروري آهي ته سنڌي ٻولي ڪراچي جهڙي اجگر شهر ۾ به لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي وڃي[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش تان ورتل
جواب: قومي ٻولين جو سوال ۽ سنڌي ٻولي! سائين مير عالم مريءَ جون ڳالهيون پنهنجي جاءِ ته پر سندس هيءَ صلاح ته تمام سٺي آهي ۔۔۔ عملي ڳالهه آهي، اسان سنڌين کي ان ڳالهه تي خاص توجهه ڏيڻ گهرجي، پر افسوس اهو به آهي ته سنڌي وڏن شهرن ۾ سنڌيت واري نشان کي لڪائيندا رهندا آهن ان خوف کان ته ڪٿي ڪو جهيڙو ٿئي ڪنهن به قوم جو سنڌين سان ته ۔۔۔ سندن ڪاروبار کي نقصان رسايو ويندو، جيئن اڪثر ٿيندو آهي ته وڙهندا سانهه آهن ۽ پٽبا ٻوڙا آهن ۔۔۔ ۽ پاڪستان هڪ اهڙي رياست آهي جت عوامي نقصان ٿيڻ جو پورائو ته پري جي ڳالهه پر جانيون هليون وڃن ته به حڪومت جي مٿي تي جونءَ نه ٿي چري ۔۔۔ اسين گهڻ پاسائان ڦاٿل آهيون ۔۔۔ انڪري ان مسئلي کي سنجيدگي سان قوم کي حل ڪرڻ گهرجي ۔۔۔ عمل جي دنيا ۾ اڳتي اچڻ گهرجي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت