ايم ڪيو ايم، نون صوبن ٺاهڻ جي حمايت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 فيبروري 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [justify]لڳي ٿو ته، ايم ڪيو ايم، جنهنجي تاريخ رتَ ۾ ٻُڏل آهي ۽ جنهنجي نالي ٻڌڻ سان، قتل، ٻورين ۾ بند لاش، دهشتگردي، باه ۾ سڙيل وڪيلن ۽ ٻين ماڻهن جا لاش، اغوا، ڦُرمار، ماڻهن جا اذيتن ڏنل جسم، ڀَتي خوري ۽ سياسي بليڪ ميل جهڙيون ڀوائتيون ۽ مڪروھ ڳالھيون ذهن ۾ اينديون آهن، ان وري سنڌ ۾ ڪنهن وڏي فتني جي سازش سَٽي آهي

    ٽيهين جنوريء تي ڪراچيء ۾ هڪ گڏجاڻيء کي ٽيليفون تي خطاب ڪندي، ان جماعت جي اڳواڻ ملڪ ۾ نون صوبن ٺاهڻ جي حمايت ڪئي۔ سنڌ ۾ ماڻهو ان بيان کي ايم ڪيو ايم جي سنڌ ورهائڻ واري پراڻي پاليسيء جو ورجاءُ سمجهن ٿا۔ ماڻهن جي خيال ۾ اهو هڪ تمام خطرناڪ بيان آهي ۽ لڪل نموني، سنڌ جي ايڪي خلاف جنگ جو اعلان آهي۔

    سنڌ جي گهڻين جماعتن ايم ڪيو ايم جي ان بيان جي شديد مذمت ڪئي آهي۔ سمجھ ۾ اها ڳالھ نه ٿي اچي ته اهو اعلان هڪ اهڙي گڏجاڻيء ۾ ڇو ڪيو ويو جنهنجو مقصد، خود ايم ڪيو ايم جي اعلانن مطابق، اهو هو ته ايم ڪيو ايم کي اردو کانسواء ٻين ٻولين ڳالهائيندڙ ماڻهن ۾ مقبول بنايو وڃي ۽ انهن ڏانهن دوستيء جو هٿ وڌايو وڃي۔ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جو دوستيء جو هٿ اهو آهي ته انهن جي دشمني ڇا هوندي؟ ان جو جواب ته ايم ڪيو ايم گذريل 25 کن سالن کان ڏيندي پئي اچي۔

    هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جي دلين مان هڪ ٻئي لاء بدگمانيون دور ڪيون وڃن ۽ انهن کي هڪ ٻئي جي ويجھو آندو وڃي ته جينئن صوبي ۾ امن امان قائم ٿئي ۽ عوام جا جائز مسئلا حل ٿين۔ اهڙي وقت ۾ نئين فتني ۽ فساد پيدا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ سنڌ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن کي سوچڻ گهرجي ته انهن کي جيئڻو مرڻو هڪ جاء تي آهي، انهن جا ڏک سک ساڳيا آهن ۽ انهن جا مفاد هڪ جهڙا آهن۔ انهن جي ڀلائي ان ۾ آهي ته اهي هڪ ٻئي تي بندوقون اڀيون ڪرڻ بدران، هڪٻئي ڏانهن سچي دوستيء جو هٿ وڌائين، نه ڪي ٺڳي، ڌوڪي ۽ دولاب واري دوستيء جو۔ انهن کي کپي ته اهي ايم ڪيو ايم جي اهڙين اشتعال پکيڙيندڙ سازشن کي ناڪام بنائين۔
    ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ جي تازي بيان سان سنڌ جي انهن حلقن جون به اکيون کلڻ کپن جن جو ڪم هاڻي رڳو اهو وڃي رهيو آهي ته اکيون ٻوٽي ايم ڪيو ايم تي ڪلما پيا پڙهن۔ سنڌ جي اردو ڳالهائيندڙ آباديء کي به ايم ڪيو ايم کان سوال پڇڻ کپي ته اها نفرتون پکيڙڻ، دشمنيون وڌائڻ، جنگ جدل، تشدد، مار ڌاڙ، قتل ۽ دهشتگردي ڇڏي، عام سياسي جماعتن وانگر سياست ڪڏهن شروع ڪندي؟

    انڊس هيرالد جي ٿورن سان
    [/justify]
     
  2. محسن مهر

    محسن مهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 فيبروري 2011
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    S.A.U Tandojam m parhando ahyan
    ماڳ:
    Shikarpur Sindh
    جواب: ايم ڪيو ايم، نون صوبن ٺاهڻ جي حمايت

    اسان جا پنهنجا سنڌي هن وقت ايم ڪيو ايم سان ٻڌا ويٺا آهن۔ اخر اءين ڇو؟
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ايم ڪيو ايم، نون صوبن ٺاهڻ جي حمايت

    ايم ڪيو ايم وارا ڏينهن جو تارا ڏسڻ چاهين ٿا
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ايم ڪيو ايم، نون صوبن ٺاهڻ جي حمايت

    [justify]

    ادا چوندا آهن نه ته ”ميرن کي به پنهنجن مان ئي لڳي هئي“ ته هاڻي هتي به اها ئي ڳالهه آهي هتي ايم ڪيو ايم سان اهي ماڻهو ٻٽ ٻڌي ويٺا آهن۔۔۔ يا ته اهي صفا اڻ‌ ڄاڻ ٿا لڳن يا وري ڄاڻ‌هوندي به پنهنجي ڪنهن مفاد تحت سنڌ جي مفاد کي نظرانداز ڪندڙن سان ڪلهو ڪلهي ۾‌ملائي پنهنجي سنڌين کي ئي گهٽ‌ وڌ ڳالهائين ٿا۔۔۔​
    [/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو