پيارا دوستو،
ڪافي عرصي کان منهنجي خواهش هئي ته سنڌي ٻولي جي لا هڪڙو هِجي چڪاسيندڙ ٺاهجي ته جيئن اسان جا سنڌي ڀائر پنهنجي تحريرن کي چڪاسي سگھن۔ اردو وارن دوستن ته اڳ ۾ ئي اهڙو اسپيل چيڪر ٺاهيو آهي۔ تنهنڪري مون پنهنجي همت پاڻ سان هڪ ننڍڙو اسپيل چيڪر ٺاهيو آهي جنهن ۾ڏھ هزار کان ڪجھ وڌيڪ سنڌي جا لفظ شامل آهن۔
اسپيل چيڪر اصل ۾ صرف لفظن جي هڪ سادي فهرست هوندي آهي، جڏهن ته چيڪ ڪرڻ ۽ صحيح هِجي ٻڌائڻ جو ڪم پروگرام جو پنهنجو هوندو آهي۔ اهڙي سادي لسٽ ٺاهڻ ڪو وڏو ڪم نه آهي۔ پر جيئن ته سنڌي ٻولي ۾ فعلن جا ڪيترائي فارم ٿيندا آهن (جيئن، هئڻ، آهي، هوندو، هوندس، هئي، هو، هئاسين، تقريبا چاليھ کان مٿي آهن)، تنهنڪري هڪ مڪمل اسپيل چيڪر جي لا گھٽ ۾گھٽ پنجاھ هزار کن الفاظ هئڻ گھرجن۔ پر تنهن هوندي به هِن اسپيل چيڪر ۾ سنڌي جا عام استعمال ٿيندڙ ڏھ هزار لفظ آهن ۽ ان کي استعمال ڪري سگھجي ٿو۔ وڌيڪ بهتري لا استعمال ڪندڙ شامل نه ٿيل لفظن کي ڪسٽم ڊڪشنري ۾ شامل ڪري سگهي ٿو۔
اهو هِجي ڪندڙ اوپِن آفيس سافٽويئر جي لا آهي جيڪا هڪ مفت واري آفيس آهي۔ ان کي اوهان هتان ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا۔
http://www.openoffice.org
جڏهن ته سنڌي هِجي چڪاسيندڙ کي هن جا تان ڊائونلوڊ ڪري سگھجي ٿو۔
http://extensions.services.openoffice.org/en/project/sindhispellchecker