• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هارڊ ويئر ڪلاس پهريون .............

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
السلام عليڪم سنڌ سلامت فورم جا سڄڻو

اڄ مان هارڊ ويئر بابت هڪ ڪورس شروع ڪري رهيو آهيان هن ڪورس ۾ مان اوهان کي ڪمپيوٽر هارڊ ويئر بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس هن ڪورس ۾ توهان ان پٽ آئوٽ پٽ ڊيوائسز جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا جيئن ته هي ڪورس هارڊ ويئر بابت آهي پر هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر ٻئي اهم آهن سو مان اوهان کي سافٽ ويئر بابت به معلومات ڏيندس .
هارڊ ويئر ڇا کي چئبو آهي ؟

دوستو ڪمپيوٽر ۾ موجود هر اها شي جنهن کي توهان ٽَچ يا ڇُهي سگهو ان کي هارڊ ويئر چئبو آهي
هارڊ ويئر ۾ هيٺيان پارٽس اچي وڃن ٿا
1. هارڊ ڊسڪ
url

2.رئم
url

3. ايڪسٽينشن بس
url

4. سي پي يو

سي پي يو جي تصوير مٿي ڏنل آهي
5. سي ڊي روم ڊرائيو
url

6. پاور سپلائي
url

7. مدر بورڊ
url

8.پرنٽر
url

9۔ اسڪينر
url

10۔ مائوس
url

11۔ ڪي بورڊ

12۔ مائڪرو فون

13۔ جواء اسٽڪ
url

14۔ ايل سي ڊي مانيٽر

15. يو ايس بي اسٽڪ

16. هيڊ فون
اهي سڀ پارٽس هارڊ ويئر ۾ شمار ٿين ٿا ان سان گڏوگڏ سافٽ ويئر جي به پنهنجي اهميت آهي هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر ٻئي هڪ ٻئي لا۽ ضروري آهن سافٽ ويئر کان سواء هارڊ ويئر ڪنهن ڪم جو نه آهي هارڊ ويئر کان سواء سافٽ ويئر ڪنهن ڪم جو نه اهي

سافٽ ويئر ڇا کي چئبو آهي ؟

اها اپليڪيشن جيڪا انسٽال ٿئي ۽ اسان ان کي اسعتمال ڪري سگهون پر ان کي ڇُهي نه سگهو ان کي سافٽ ويئر چئبو آهي سافٽ ويئر جا ڪافي قسم آهن هر پروگرام لا۽ هڪ الڳ سافٽ ويئر هوندو آهي .

هن پهرين ڪلاس ۾ مان اها ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن مان اوهان دوستن کي تمام سولي نموني سان هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر بابت ٻڌائي سگهان پر جيڪڏهن اڃان به ڪا غلطي ٿي وئي هجي يا توهان کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته توهان هن ٿريڊ اندر ان جي باري ۾ پڇي سگهو ٿا .

دوستو توهان جي راين جو شدت سان انتظار رهندو

سدائين گڏ
 
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس پهريون .............

هن پهرين ڪلاس ۾ مان اها ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن مان اوهان دوستن کي تمام سولي نموني سان هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر بابت ٻڌائي سگهان پر جيڪڏهن اڄا به ڪا غلطي ٿئي وئي هجي يا توهان کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته توهان هن ٿريڊ اندر ان جي باري ۾ پڇي سگهو ٿا .

دوستو توهان جي ريپلائي جو شدت سان انتظار رهندو

ادا فقير تمام گهڻي خوشي ٿي۔۔۔اوهان هي تمام سٺو ڪم شروع ڪيو آهي۔
خاص ڪري اسان جهڙن اناڙي دوستن جي لاء تمام ڪارائتو آهي۔
فقير اوهانجي سمجهاڻي به صفا وي آء پي آهي۔
ها هڪ ڳالھ جو خاص خيال رکو ته سنڌي سهي نموني سان لکو۔۔ان ڳالھ جو خاص خيال ڪريو۔
اسان کان ته غلطيون ٿينديون رهنديون آهن۔۔پر اهي غلطيون اوهان کان نه ٿين ڇوته اسان سکڻ واري لسٽ ۾ آهيون ۽ اوهان سيکارڻ واري لسٽ ۾۔۔۔خير مولا سلامت رکي اوهانکي اوهان جي محنت قابل تعريف آهي۔۔۔اُميد ته رنجيت جيان اوهان هڪ سبق ڏئي سال غائب نه ٿي ويندا وقت سر سبق ڏيندا رهندا۔
پهرين سبق جي سمجهاڻي تمام بهترين آهي۔​
 
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس پهريون .............

هون ته آ ڪمپيوٽر جي باري ۾ پڙهڻ کان به لوائيندو اهيان ۽ ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ ڪنهن خلائي مخلوق جي باري ۾ پڙهڻو هجي ۔۔۔ پر اڄ اوهانجو سبق پڙهي سچ پڇو ته ڳالهه سمجهه ۾ به اچي وئي ۽ اڃان سکڻ جو شوق پئدا ٿي پيو آهي ۔۔۔

پهرين سبق جو حاصل مطلب ته؛

هارڊ ويئر جنهنکي هٿ لائي سگهجي ، ڇهي سگهجي ۔۔۔ انساني جسم جيئان، جن کي هٿ لائي سگهجي
سوفٽ ويئر؛ جنهنکي هٿ لائي يا ڇهي نه سگهجي ۔۔۔ انساني سوچ ۽ جذبي جيئان جن جو ڪم يا نتيجو ته نظر اچي يا محسوس ٿئي پر پاڻ نظر نه اچن ۔۔۔

واهه سائين ۔۔۔ ڏسو آ سمجهي ويو آهيان ۔۔۔ پهريون سبق ياد ٿي ويو
 
فقير سائين مهرباني

اوهان بهترين شروعات ڪئي آهي ۽ يقينن فائديمند ڪورس رهندو انهن لاء جيڪي ڪمپيوٽر جي بنيادي ڄاڻ ۽ هارڊويئر جي ڄاڻ حآصل ڪرڻ چاهين ٿا۔

سائين نثار ابڙو صاحب ته ڀڙ لڳو پيو آهي ۽ جڏهن سچل ڳوٺ آيو ته مان کانئن وڌيڪ سکي وٺندس۔

فقير هي سلسلو جاري رهڻ گهرجي
 
فقير سائين ماشآء الله توهان پهرئين سبق ۾ خوبصورت انداز ۾ سمجهاڻي ڏني آهي اميد ته اسان سڀني کي اوهان جي علم مان ڀرپور فائدو ٿيندو اوهان چيو آهي ته جيڪڏهن ڪا ڳالهه رهجي وئي هجي ته ڀلي ان جي نشاندهي ڪريو ان لاء عرض ته ڪجهه هارڊ ويئر منهنجي ذهن ۾ آهن شايد اوهان ڄاڻي واڻي ڇڏيون هجن جيئن اسپيڪر، مانيٽر، يو ايس بي ، هيڊ فون پورٽيبل هارڊ ڊسڪ وغيره يا اهي ڪنهن ٻئي شعبي آئوٽ پٽ ڊوائسز ان پٽ ڊوائسز ۾ ٻڌائڻ لاء اوهان ڇڏيون آهن اگر ائين آهي ته پوء ته بس اگر ائين نه آهي ته پوء انهن کي شامل ڪرڻ گهرجي ٻيو ته ڪجهه شين جون تصويرون رهيل آهن جيئن ڪي بورڊ يا مائڪرو فون يا وري مون کي نظر نه ٿيون اچن بهرحال تمام
بـــــــــــــــــــــهــــــــــــــــــتــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــرين
محنت آهي
الله تعالي توهان کي ان بنا اجوري محنت جو اجر عطا فرمائيندو.
 
فقير سائين اوهان جي مهرباني .
جو توهان تمام بهترين نموني سان اسان کي سکيا ڏني .
 
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس پهريون .............

ادا فقير تمام گهڻي خوشي ٿي۔۔۔اوهان هي تمام سٺو ڪم شروع ڪيو آهي۔
خاص ڪري اسان جهڙن اناڙي دوستن جي لاء تمام ڪارائتو آهي۔
فقير اوهانجي سمجهاڻي به صفا وي آء پي آهي۔
ها هڪ ڳالھ جو خاص خيال رکو ته سنڌي سهي نموني سان لکو۔۔ان ڳالھ جو خاص خيال ڪريو۔
اسان کان ته غلطيون ٿينديون رهنديون آهن۔۔پر اهي غلطيون اوهان کان نه ٿين ڇوته اسان سکڻ واري لسٽ ۾ آهيون ۽ اوهان سيکارڻ واري لسٽ ۾۔۔۔خير مولا سلامت رکي اوهانکي اوهان جي محنت قابل تعريف آهي۔۔۔اُميد ته رنجيت جيان اوهان هڪ سبق ڏئي سال غائب نه ٿي ويندا وقت سر سبق ڏيندا رهندا۔
پهرين سبق جي سمجهاڻي تمام بهترين آهي۔​

پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا

باقي ڪوشش ته ڪندو آهيان ته سنڌي سهي نموني سان لکي سگهان ٻيو ته ادا هتي بجلي جو وڏو بحران آهي ان ڪري تڪڙ ۾ ڪا سنهي ٿلهي غلطي ٿئي سگهي پئي سو ان جي نشاندهي ڪندا ڪريو ٻيو ته وڏن شهرن ۾ اهي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن ها ها ها
باقي توهان کي فقير جي ڪوشش وڻي معنى گنج ٿئي ويو باقي رنجيت پرديس ۾ آهي ان جي مٿان ڪافي ذميواريون آهن ۽ اسان هٿ سڄو ڏينهن واندا اصل توهان چنتا ئي نه ڪريو توهان کي سيکاري پو۽ ئي ڇڏيندس

سدائين گڏ
 
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس پهريون .............

هون ته آ ڪمپيوٽر جي باري ۾ پڙهڻ کان به لوائيندو اهيان ۽ ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ ڪنهن خلائي مخلوق جي باري ۾ پڙهڻو هجي ۔۔۔ پر اڄ اوهانجو سبق پڙهي سچ پڇو ته ڳالهه سمجهه ۾ به اچي وئي ۽ اڃان سکڻ جو شوق پئدا ٿي پيو آهي ۔۔۔

پهرين سبق جو حاصل مطلب ته؛

هارڊ ويئر جنهنکي هٿ لائي سگهجي ، ڇهي سگهجي ۔۔۔ انساني جسم جيئان، جن کي هٿ لائي سگهجي
سوفٽ ويئر؛ جنهنکي هٿ لائي يا ڇهي نه سگهجي ۔۔۔ انساني سوچ ۽ جذبي جيئان جن جو ڪم يا نتيجو ته نظر اچي يا محسوس ٿئي پر پاڻ نظر نه اچن ۔۔۔

واهه سائين ۔۔۔ ڏسو آ سمجهي ويو آهيان ۔۔۔ پهريون سبق ياد ٿي ويو

واليڪم السلام سائين

سائين پهريائين پهريائين جڏهن مان ڪمپيوٽر خريد ڪيو هيم ته مون کي هارڊ ويئر ڇا هوندي آهي ڪا خبر ئي نه هوندي هئي پو۽ دڪاندارن جا چڪر لڳائي لڳائي ڪري اهڙو ته بِرُ ٿيس جو اصل عهد ڪيم ته مان پاڻ هارڊ ويئر جي معلومات حاصل ڪندس سو ٿورڙئي جستجو کان پو۽ اوهان جهڙو مهربان رهبر ملي ويو پو۽ پاڻ ڪمپيوٽر کي ڊاهڻ ۽ ٺاهڻ شروع ڪيم .

سائين اهي ته هيون ڳالهيون بهرحال توهان کي پهريون سبق سمجهه ۾ آيو اهو ئي مون جي لا۽ گنج آهي

مون جي به اها ئي ڪوشش آهي ته هن فورم جي ذريعي وڌ کان وڌ معلومات ونڊ ڪريان

توهان جهڙن دوستن جي ساٿ رهيو ته هي فورم هڪ ڏينهن دنيا جو وڏي ۾ وڏو فورم هوندو

سدائين گڏ
 
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس پهريون .............

فقير سائين مهرباني

اوهان بهترين شروعات ڪئي آهي ۽ يقينن فائديمند ڪورس رهندو انهن لاء جيڪي ڪمپيوٽر جي بنيادي ڄاڻ ۽ هارڊويئر جي ڄاڻ حآصل ڪرڻ چاهين ٿا۔

سائين نثار ابڙو صاحب ته ڀڙ لڳو پيو آهي ۽ جڏهن سچل ڳوٺ آيو ته مان کانئن وڌيڪ سکي وٺندس۔

فقير هي سلسلو جاري رهڻ گهرجي

واليڪم السلام ادا
پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا

بلڪل ادا هي ڪورس دوستن لا۽ فائديمند آهي مان ووٽنگ ڪرائي چڪو آهيان باقي توهان دوستن جو ساٿ رهيو ته ڪورس انشالله جاري رهندو

باقي سائين جيسيتائين ڪراچي اچي تيسيتائين توهان مون جي شاگردي ۾ اچي وڃو ڇو جو مان سائين جو شاگرد آهيان توهان مون جا شاگرد ٿيو ته سائين به اعتراض نه ڪندو :d:d:d

ڇا خيال آهي سائين :)):)):)):))

سدائين گڏ
 
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس پهريون .............

فقير سائين ماشآء الله توهان پهرئين سبق ۾ خوبصورت انداز ۾ سمجهاڻي ڏني آهي اميد ته اسان سڀني کي اوهان جي علم مان ڀرپور فائدو ٿيندو اوهان چيو آهي ته جيڪڏهن ڪا ڳالهه رهجي وئي هجي ته ڀلي ان جي نشاندهي ڪريو ان لاء عرض ته ڪجهه هارڊ ويئر منهنجي ذهن ۾ آهن شايد اوهان ڄاڻي واڻي ڇڏيون هجن جيئن اسپيڪر، مانيٽر، يو ايس بي ، هيڊ فون پورٽيبل هارڊ ڊسڪ وغيره يا اهي ڪنهن ٻئي شعبي آئوٽ پٽ ڊوائسز ان پٽ ڊوائسز ۾ ٻڌائڻ لاء اوهان ڇڏيون آهن اگر ائين آهي ته پوء ته بس اگر ائين نه آهي ته پوء انهن کي شامل ڪرڻ گهرجي ٻيو ته ڪجهه شين جون تصويرون رهيل آهن جيئن ڪي بورڊ يا مائڪرو فون يا وري مون کي نظر نه ٿيون اچن بهرحال تمام
بـــــــــــــــــــــهــــــــــــــــــتــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــرين
محنت آهي
الله تعالي توهان کي ان بنا اجوري محنت جو اجر عطا فرمائيندو.

سائين يو ايس بي ۽ هيڊ فون شامل ڪري ڇڏيا آهن باقي انهن جو تصويرون نه ٿو ڏئي سگهان ڇو جو فورم تي ڪجهه پابنديون آهن انهن تصويرن نه ڏيڻ جي سبب جي توهان کي خبر آهي باقي درخواست ڪري ڇڏي آهي جئين ئي ان لميٽيڊ تصويرون اپ لوڊ ڪرڻ جا اختيار مليا ته اصل گهٽ نه ڪبي

محترم سائين اهڙي ئي نموني سان توهان جي صلاح مشورن جو انتظار رهندو

قرب سائين لک لائق

سدائين گڏ
 
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس پهريون .............

تمام سٺو۔۔۔
پر شاگردن طرفان ڪو سوال نه آيو آهي۔۔۔ ان جو مطلب ته سڀئي شاگرد ڳالهه کي سمجهن ٿا۔۔۔ پر مون وٽ ڪجهه سوال آهن۔۔۔؟
هارڊويئر ۾ اهي ڪهڙا هارڊ وئير آهن جيڪي جيڪڏهن نه هجن ته اسان ڪمپيوٽر آپريٽ ڪري نه سگهنداسين۔۔۔؟
سافٽويئر بابت ڪجهه وڌيڪ ٻڌايو۔۔۔؟ ڇا ونڊوز به سافٽويئر آهي ؟ جيڪڏهن ها ته آفيس پروگرام ڇا آهي۔۔۔؟
اهو به ٻڌايو ته ونڊوز ۽ آفيس ۾ ڪهڙو فرق آهي۔۔۔۔؟
جي جواب تڪڙا مليا ته ٻيا به سوال ڪبا۔۔۔
 
سائين پهرين دوستن کي سوال ڪرڻ‌ ڏجن ته بهتر رهندو۔۔۔ اوهان جا سوال تمام زبردست آهن اميد ته انهن جو جواب به پيرائتو ملندو
 
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس پهريون .............

تمام سٺو۔۔۔
پر شاگردن طرفان ڪو سوال نه آيو آهي۔۔۔ ان جو مطلب ته سڀئي شاگرد ڳالهه کي سمجهن ٿا۔۔۔ پر مون وٽ ڪجهه سوال آهن۔۔۔؟
هارڊويئر ۾ اهي ڪهڙا هارڊ وئير آهن جيڪي جيڪڏهن نه هجن ته اسان ڪمپيوٽر آپريٽ ڪري نه سگهنداسين۔۔۔؟
سافٽويئر بابت ڪجهه وڌيڪ ٻڌايو۔۔۔؟ ڇا ونڊوز به سافٽويئر آهي ؟ جيڪڏهن ها ته آفيس پروگرام ڇا آهي۔۔۔؟
اهو به ٻڌايو ته ونڊوز ۽ آفيس ۾ ڪهڙو فرق آهي۔۔۔۔؟
جي جواب تڪڙا مليا ته ٻيا به سوال ڪبا۔۔۔

جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته حال فلحال ٿورو ترسو ..:d:d:d:d:d

سدائين گڏ
 
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس پهريون .............

فقير سائين اوهان کي هڪ بهترين ڪورس شروع ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪ باد هجي۔۔۔
ڪمپيوٽر زير استعمال هجي ۽ ان جي هارڊ ويئر سافٽ ويئر جي باري ۾ ڄاڻ‌ نه هجي پوءِ ايئن لڳندو آهي ڄڻ‌ ڪنهن شخص سان ڳالهايون ٿا پر سندس قد ڪاٺ، عمر، جنس، رنگ جي باري ۾ خبر نه آهي۔۔۔۔۔۔
اميد ته مون جهڙن ڪم علم دوستن کي اوهان جي هن ڪورس ۾‌تمام گهڻو فائدو ملندو۔۔
هاڻي مان به عاشق وانگر اُٿي بيهي ٻنهي هٿن سان اوهان کي سلام ڪري وري ادب جا هٿ ٻڌي عرض ڪندس ته
۔۔۔۔

۔۔۔
۔
۔۔۔
۔۔
۔۔
اهڙي ڪوششن کي جاري رکو۔۔
 
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس پهريون .............

تمام سٺو۔۔۔
پر شاگردن طرفان ڪو سوال نه آيو آهي۔۔۔ ان جو مطلب ته سڀئي شاگرد ڳالهه کي سمجهن ٿا۔۔۔ پر مون وٽ ڪجهه سوال آهن۔۔۔؟
هارڊويئر ۾ اهي ڪهڙا هارڊ وئير آهن جيڪي جيڪڏهن نه هجن ته اسان ڪمپيوٽر آپريٽ ڪري نه سگهنداسين۔۔۔؟
سافٽويئر بابت ڪجهه وڌيڪ ٻڌايو۔۔۔؟ ڇا ونڊوز به سافٽويئر آهي ؟ جيڪڏهن ها ته آفيس پروگرام ڇا آهي۔۔۔؟
اهو به ٻڌايو ته ونڊوز ۽ آفيس ۾ ڪهڙو فرق آهي۔۔۔۔؟
جي جواب تڪڙا مليا ته ٻيا به سوال ڪبا۔۔۔

سائين رشيد صاحب سافٽويئر جا ٻه قسم هوندا آهن هڪڙو سسٽم سافٽويئر ٻيو ايپليڪيشن سافٽويئر ونڊوز سسٽم سافٽويئر ۾ اچي ٿو ۽ آفيس ايپليڪيشن سافٽويئر ۾ ايندو آهي۔
 
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس پهريون .............

تمام ڀلو ادا همانگير ۔۔۔۔۔۔۔
سائين مٿي موڪليل ٽن سوالن منجهان هڪ جو ته جواب آيو آهي۔۔۔ باقي ٻه سوال اڃان به رهن ٿا۔۔۔۔ جڏهن ته ادا همانگير جي جواب کان پوءِ سيکڙاٽن جي ذهن ۾ هڪ وڌيڪ سوال به اڀري ٿو ۔۔۔
سسٽم سافٽويئر ۽ ايپليڪيشن سافٽويئر جي وصف ٻڌايو۔۔۔؟
 
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس پهريون .............

تمام سٺو۔۔۔
پر شاگردن طرفان ڪو سوال نه آيو آهي۔۔۔ ان جو مطلب ته سڀئي شاگرد ڳالهه کي سمجهن ٿا۔۔۔ پر مون وٽ ڪجهه سوال آهن۔۔۔؟
هارڊويئر ۾ اهي ڪهڙا هارڊ وئير آهن جيڪي جيڪڏهن نه هجن ته اسان ڪمپيوٽر آپريٽ ڪري نه سگهنداسين۔۔۔؟
سافٽويئر بابت ڪجهه وڌيڪ ٻڌايو۔۔۔؟ ڇا ونڊوز به سافٽويئر آهي ؟ جيڪڏهن ها ته آفيس پروگرام ڇا آهي۔۔۔؟
اهو به ٻڌايو ته ونڊوز ۽ آفيس ۾ ڪهڙو فرق آهي۔۔۔۔؟
جي جواب تڪڙا مليا ته ٻيا به سوال ڪبا۔۔۔

سوال نمبر هڪ
هارڊويئر ۾ اهي ڪهڙا هارڊ وئير آهن جيڪي جيڪڏهن نه هجن ته اسان ڪمپيوٽر آپريٽ ڪري نه سگهنداسين ؟

جواب ؛ جيڪڏهن اسان وٽ مائوس ۽ ڪي بورڊ نه هجي ته اسان ڪمپوٽر آپريٽ ڪري نه سگهنداسين

سوال نمبر ٻه ؛
سافٽويئر بابت ڪجهه وڌيڪ ٻڌايو۔۔۔؟ ڇا ونڊوز به سافٽويئر آهي ؟ جيڪڏهن ها ته آفيس پروگرام ڇا آهي۔۔۔؟
اهو به ٻڌايو ته ونڊوز ۽ آفيس ۾ ڪهڙو فرق آهي۔۔۔۔؟

جواب ؛ سافٽويئر جا ٻه قسم هوندا آهن هڪڙو سسٽم سافٽويئر هوندو آهي ٻيو ايپليڪيشن سافٽويئر هوندو آهي ونڊوز سسٽم سافٽويئر ۾ اچي وڃي ٿو ۽ آفيس ايپليڪيشن سافٽويئر ۾ اچي وڃي ٿو

سسٽم سافٽويئر ۽ ايپليڪيشن سافٽويئر جي وصف ٻڌايو۔۔۔؟

سسٽم سافٽ ويئر ،

ڊسڪ اپريٽنگ سافٽ ويئر هوندا آهن جيئن ونڊوز 95، 98 ونڊوز 2000 ، ونڊوز ايڪس پي وغيره انهن کي سسٽم سافٽ ويئر چئبو آهي .

اپليڪيشن سافٽ ويئر ،

اهي سافٽ ويئر هوندا آهن جئين مائڪرو سافٽ آفيس ، ايڊوب ڦوٽو شاپ وغيره وغيره انهي اپليڪيشن سافٽ وئير چئبو آهي

دوستو مون ڪوشش اها ڪئي آهي ته جئين دوستن کي تمام آسان نموني سان معلومات پهچائي سگهان
اميد ته سوالن جا جواب سمجهه ۾ اچي ويا هوندا

ادا رشيد توهان جي ٻين سوالن جو انتظار رهندو

سدائين گڏ
 
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس پهريون .............

سوال نمبر هڪ
هارڊويئر ۾ اهي ڪهڙا هارڊ وئير آهن جيڪي جيڪڏهن نه هجن ته اسان ڪمپيوٽر آپريٽ ڪري نه سگهنداسين ؟

جواب ؛ جيڪڏهن اسان وٽ مائوس ۽ ڪي بورڊ نه هجي ته اسان ڪمپوٽر آپريٽ ڪري نه سگهنداسين
منهنجا سائين لڳي ٿو توهان کان چُڪ ٿي وئي آهي ۔۔۔۔ اسان مائوس کان سواءِ ته آپريٽ ڪري سگهو ٿا پر مانيٽر کان سواءِ نه ٿا ڪري سگهون۔۔۔
سوال نمبر ٻه ؛
سافٽويئر بابت ڪجهه وڌيڪ ٻڌايو۔۔۔؟ ڇا ونڊوز به سافٽويئر آهي ؟ جيڪڏهن ها ته آفيس پروگرام ڇا آهي۔۔۔؟
اهو به ٻڌايو ته ونڊوز ۽ آفيس ۾ ڪهڙو فرق آهي۔۔۔۔؟

جواب ؛ سافٽويئر جا ٻه قسم هوندا آهن هڪڙو سسٽم سافٽويئر هوندو آهي ٻيو ايپليڪيشن سافٽويئر هوندو آهي ونڊوز سسٽم سافٽويئر ۾ اچي وڃي ٿو ۽ آفيس ايپليڪيشن سافٽويئر ۾ اچي وڃي ٿو

سسٽم سافٽويئر ۽ ايپليڪيشن سافٽويئر جي وصف ٻڌايو۔۔۔؟

سسٽم سافٽ ويئر ،

ڊسڪ اپريٽنگ سافٽ ويئر هوندا آهن جيئن ونڊوز 95، 98 ونڊوز 2000 ، ونڊوز ايڪس پي وغيره انهن کي سسٽم سافٽ ويئر چئبو آهي .

اپليڪيشن سافٽ ويئر ،

اهي سافٽ ويئر هوندا آهن جئين مائڪرو سافٽ آفيس ، ايڊوب ڦوٽو شاپ وغيره وغيره انهي اپليڪيشن سافٽ وئير چئبو آهي

ادا رشيد توهان جي ٻين سوالن جو انتظار رهندو

ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته ڪمپيوٽر مشين کي هلائڻ لاءِ اسان کي سسٽم سافٽويئر جي ضرورت پوندي جهڙوڪ ؛ ونڊوز، ڊاس، لينڪس، يونيڪس وغيره
اهڙي طرح ڪنهن به ايپليڪيشن سافٽويئر هلائڻ‌لاءِ به اسان کي سسٽم سافٽويئر جي ضرورت پوندي۔۔۔ ؟
 
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس پهريون .............

منهنجا سائين لڳي ٿو توهان کان چُڪ ٿي وئي آهي ۔۔۔۔ اسان مائوس کان سواءِ ته آپريٽ ڪري سگهو ٿا پر مانيٽر کان سواءِ نه ٿا ڪري سگهون۔۔۔

ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته ڪمپيوٽر مشين کي هلائڻ لاءِ اسان کي سسٽم سافٽويئر جي ضرورت پوندي جهڙوڪ ؛ ونڊوز، ڊاس، لينڪس، يونيڪس وغيره
اهڙي طرح ڪنهن به ايپليڪيشن سافٽويئر هلائڻ‌لاءِ به اسان کي سسٽم سافٽويئر جي ضرورت پوندي۔۔۔ ؟

جي ادا بلڪل ڪمپيوٽر مشين کي هلائن جي لا سسٽم سافٽويئر ضروري آهي۔ ان کان پوءِ اپليڪيشن سافٽويئر کي به هلائڻ جي لاءِ پهريان ڪمپيوٽر مشين ۾ سسٽم سافٽوئير انسٽال ڪرڻ لازمي آهي ان کانسواءِ ڪمپيوٽر نه هلي سگهندو۔
 
Back
Top