ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
تون ته چوندي هئي ته پٿر آهي منهنجي دل
پو۽ اونداهي ۾ ڳوڙها ڇو پيو ڳاڙين
پو۽ اونداهي ۾ ڳوڙها ڇو پيو ڳاڙين
(نوٽ) ڪافي پراڻو شعر آهي ذهن ۾ آيو بس لکي ڇڏيو
سهڻا سائين انسان جي دل تمام نازڪ هوندي آهي اگرچه گهڻا ماڻهو عام انسان جي فطرت کان هٽي ڪري عمل ڪندا آهن پر توهان جي ڳالهه وانگر ته تنهائي ۾ اهي به دل ئي دل ۾ روئندا به آهن ته پنهنجي رويي تي پشيمان به ٿيندا آهن پنهنجي غلطي اندر جو قاضي محسوس ڪرائيندو آهي ليڪن ڪڏهن ڪڏهن شيطاني تڪبر ان غلطي کي تسليم ڪرڻ جي همت ڪرڻ نه ڏيندو آهي اهو ئي سبب آهي جو پوء اوهان جي ڳالهه وانگر ته اونداهي ۾ ڳوڙها ڳاڙي دل تا بار هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
يار مونسان ته مشڪل تڏهن ٿيندي آهي جڏهن گهر ۾ ٽي وي ۾ ايندڙ ڪي حساس ڊراما يا فلمون اينديون آهن، انهن ۾ ڳالهايل ڏکوئيندڙ يا خوشي ڏيندڙ مقالما يا ڪي اهڙا منظر جيڪي خوشي ڏين يا غم ۔۔۔ اهي ڏسي اندر ڀرجي ويندو آهي ۽ اکين مان پاڻي روڪڻ جي گهڻي ئي ناڪام ڪوشش ڪندو آهيان پر آخر اندر جو سور ڪٿي ٿو روڪي سگهجي ۔۔۔ بس پوءِ منهنجا ٻار مونکي ڏسي حيران ٿيندا آهن ته بابا جيڪو بظاهر ايترو سخت نظر ايندو آهي، ان جي اکين ۾ پاڻي ۔۔۔؟
جيتوڻيڪ آءُ گهڻي ڪوشش ڪندو آهيان ته هو منهنجي اندر جي نرمي محسوس نه ڪن پر ڪٿي؟
هر ڪوشش ناڪام ۔۔۔
فطرت پاڻ کي پاڻ ظاهر ڪرڻ جي سگهه رکندي آهي ۔۔۔ انڪري جڏهن دل چوي روئڻ لاءِ ته دل کولي روئجي ۽ جي دل چوي کلڻ لاءِ ته دل کولي کلجي ۔۔۔ نه ته فطرت کي روڪڻ جا نقصان اڻ ڳڻيا هوندا آهن ۔۔۔
پيرن کي روڪجي مگر نيڻن کي ڇا ڪجي؟
ادا بهترين ونڊ آهي .