جواب: ”سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو“: اديبن جون ريليون، ميڙاڪا
اسين پڻ سنڌ جي هن سهڻي اوطاق تان حڪومت وقت کان مطالبو ٿا ڪريون ته حقدارن کي حق ڏنو وڃي، سنڌ سنڌين جي آهي ۽ سنڌين جي رهندي، سنڌين جي ٻوليءَ سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ختم ڪري سنڌيءَ کي سنڌ جي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي ۔۔۔
اهو سنڌ جو حق ، سنڌين جو ملڪ آهي، سنڌين جي مال تي پورو پاڪستان ۽ دنيا جا ڏتڙيل ۽ ڀڄي آيل انسان پلجن ٿا پر پوءِ به سنڌ سان ٻه اکيائي، دشمني ڪيستائين هلندي ۔۔۔؟؟؟
سنڌ جي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏئي، سنڌ ۾ رهندڙ هر انسان کي سنڌي لکڻ ۽ سنڌي پڙهڻ جو پابند ڪيو وڃي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه وارن ادارن جي سالانه بجيٽ وڌائي وڃي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيقي ڪم اڳ کان اڳرو ٿي سگهي ۔۔۔
اآءُ مطالبو ڪريانٿو، سنڌ جي هر مڪتبه فڪر جي ڏاهن سنڌين کي ته هو اڳتي اچي سنڌي ٻوليءَ سان ساٿ نڀائن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي قومي ٻوليءَ واري قانوني حق ڏيارڻ ۾ پاڻ ملهائن ۔۔۔