شبانه امتياز سمون
سينيئر رڪن
چند ڏينهن پهرين سائين نثاراحمد ناز جي ماما جي وفات تي سنڌ سلامت جا ساٿي ادا اسد مست ادا طاهر سنڌي هتي ٽنڊو محمد خان آيا هُئا اها منهنجي خوشنصيبي هُئي جو هُنن منهنجي چانهه جي دعوت قبول ڪئي جيئن ته سنڌ سلامت جو مين ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون به انهن ساڻ هُو، انهي جي مهرباني سان هي تصويرون ونڊ ڪريان پئي جيئن ته اڄڪلهه ادا نثاراحمد ناز ڪجهه ذاتي مصروفيات جي ڪري ۽ روزگار جي ڳولا جي ڪري ڪافي مصروف آهن مون کين کان پڇيو ته ادا اسد مست ۽ طاهر سنڌي جي ٽنڊو محمد خان جي دوري جي رپورٽ جيڪڏن پاڻ اجازت ڏين ته سنڌ سلامت تي تصويري صورت ۾ اماڻي ڇڏيان پاڻ تمام گهڻو خوش ٿيا ۽ چيائون ته ان ۾ اجازت جي ڪهڙي ضرورت آهي توهان پهرين فرصت ۾ ائين ڪريو جيئن توهان سکي سگهو هي تصويرون توهان سان شيئر ڪريان پئي پر ٻن ڪلاڪن کان مٿي ٿي ويو آهي ڪا غلطي هُجي ته معاف ڪري ڇڏجو۔


ادا نثارناز سان سندن ماما سائين جي وفات تي ادا اسد مست ۽ ادا طاهر سنڌي تعزيت ڪري رهيا آهن



ادا طاهر سنڌي جو ترجمون ٿيل ڪتاب ڏندڻ جا فضائل ادا طاهر سنڌي بلترتيب سائين نثارناز، عبدالغفور سمون ۽ ادا اسد مست ۽ منهنجي جيون ساٿي امتياز سمون کي انهيء ڪتاب جي اعزازي ڪاپي ڏئي رهيو آهي