ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
انقلاب پري آهي اڃان
انقاب جون ڳالهيون ڄڻ ستلن جا خواب آهن
معاشري جي ماڻهن ۾ خاميون بي حساب آهن
انقلاب لاءِ رت، ست، جي پوندي آهي ضرورت
خواهشن کي کڏ ۾ پورڻ وارا نه ڪي نواب آهن
حيا نه شرم، لڄ نه ڪائي ديد، احساس نه اميد
بي مقصد رڍن اڳيان ڪئي وڄايا رباب آهن
اسانجي انقلاب جون ڳالهيون اسانجي عبادت جيان
جيئن بي روح بندگيءَ جا بي روح ثواب آهن
ڇو ٿا ڏيو اوهان عام عوام کي ڌوڪو اي
نفس پرست هن ٻيڙي جا اختيارِ ارباب آهن
ڪنهن وقت به هنن جو وفاؤن وينديون بدلجي
ارغونن جي آغوش ۾ نازل غريبن تي عذاب آهن
جيڪي پنهنجي ذات ۾ تبديلي جا ناهن قائل
پاڻ ۾ تبديلي حقيقت ۾ انقلاب جا آداب آهن
مونکي منهنجن دوستن اٿاريو اهو چئي محفل مان
ڏاڏل سچو آهين پر طنز تنهنجا ڏاڍا خراب آهن۔
معاشري جي ماڻهن ۾ خاميون بي حساب آهن
انقلاب لاءِ رت، ست، جي پوندي آهي ضرورت
خواهشن کي کڏ ۾ پورڻ وارا نه ڪي نواب آهن
حيا نه شرم، لڄ نه ڪائي ديد، احساس نه اميد
بي مقصد رڍن اڳيان ڪئي وڄايا رباب آهن
اسانجي انقلاب جون ڳالهيون اسانجي عبادت جيان
جيئن بي روح بندگيءَ جا بي روح ثواب آهن
ڇو ٿا ڏيو اوهان عام عوام کي ڌوڪو اي
نفس پرست هن ٻيڙي جا اختيارِ ارباب آهن
ڪنهن وقت به هنن جو وفاؤن وينديون بدلجي
ارغونن جي آغوش ۾ نازل غريبن تي عذاب آهن
جيڪي پنهنجي ذات ۾ تبديلي جا ناهن قائل
پاڻ ۾ تبديلي حقيقت ۾ انقلاب جا آداب آهن
مونکي منهنجن دوستن اٿاريو اهو چئي محفل مان
ڏاڏل سچو آهين پر طنز تنهنجا ڏاڍا خراب آهن۔