گُل حسن ڪلمتيء جو نئون ڪتاب عشق جون ڳليون

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,269
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    [JUSTIFY]جڏهن به سنڌ جي رولاڪ عاشقن جو ذڪر نڪرندو ته انهن ۾ گُل حسن ڪلمتيء جو نالو به سونهري اکرن سان ياد ڪيو ويندو. سنڌ جي ملير جي علائقي سان تعلق رکندڙ گل حسن ڪلمتي ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي ، ڇو ته سندس لکيل ڪتاب ڪراچي سنڌ جي مارئي ڪراچيء جي تاريخ کي نئين سر جياريو آهي. سندس اهو ڪتاب هڪ دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. گل حسن نه فقط هڪ ليکڪ آهي پر هن سنڌ ، پنجاب ۽ بلوچستان جا سير سفر ڪري تحقيقي ڪم پڻ ڪيو آهي. هو هڪ اڻٿڪ انسان آهي، شايد مرزا قليچ بيگ کانپوءِ ڪراچي ۾ اسان کي ٻيو سنڌي رائٽر مليو آهي، جيڪو سمهڻ کان اڳ روزانو سوين صفحا لکي ۽ هزارين صفحا پڙهي بند ڪري ٿو.

    تازو ئي سندس ڪتاب عشق جون ڳليون جي مهورتي تقريب 12 جنوري 2011 تي ارينا ڪلب ڪراچيء ۾ ٿي جنهن جي صدارت سنڌ جي مشهور سماج سڌارڪ ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر سليمان شيخ ڪئي. سندس هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ ڪراچيء پاران انعام عباسي ڇپايو ويو آهي.

    مهورتي تقريب ۾ جن ماڻهن سندس هن ڪتاب ۽ سندس شخصيت تي ڳالهايو انهن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ ، عبدالحڪيم بلوچ ، تاج بلوچ ، ڊاڪٽر ايوب شيخ ، ممتاز مهر ، ڊاڪٽر اسحاق انصاري ، ذوالفقار هاليپوٽو، منصور قادر ، يوسف سنڌي، علي حسن چانڊيو ۽ چندر ڪيسواڻي شامل هئا.

    سندس هن ڪتاب عشق جون ڳليون جو مهاڳ محترم اعجاز منگيء لکيو آهي. عشق جون ڳليون ۽ ٻيون لکڻيون ڪتاب مختلف حصن تي ڪجه هن طرح مشتمل آهي.
    [/JUSTIFY]

    سفرنامه :

    • جهوڪ سرائڪيء ڏانهن سفر
    • پيردان : مهرڪ جي نگري
    • گاجي گنج بخش لکين دا ڏاتار
    • آري پير جو سفر

    تحقيق :

    • چوٽياريون ڊيم (ڊيلٽا جي موت جو پروانو )
    • زندگي ۽ موت جو ٻواٽو ( منڇر ڍنڍ جو الميو )

    ڪراچي :

    • ڪراچي: رهائشي اسڪيمون ۽ سواليه نشان بڻيل اصلوڪا ماڻهو

    شهري حڪومت :

    • ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش

    سنڌي قومي تحريڪ- هڪ الميو :

    • ڇا سنڌ جي بقا هڪ پارٽيڀ مان سئو پارٽيون ٺاهڻ ۾ آهي

    بلوچ :

    • پارليامينٽ کان پهاڙن تائين

    زندگي ۽ فلسفو :

    • عشق جون ڳليون : حسين بن منصور حلاج
    • بابا سريچند اسان وري اينداسين !


    ادبي ٽڪرا :


    • نئين صديء جي پهرين ڏينهن کي ڪيئن ڏٺو
    • گڏاپ جون بسون ۽ 21 صدي

    شخصيتون :

    • سوڀون سر گهرن (شهيد عبدالله مراد : هڪ محبوب شخص جو وڇوڙو)
    • جي جيء کي جيارين ( فقير مهمد لاشاريء جي لاڏاڻي تي )
    • سي لاهوتي لڏي ويا ( ڊاڪٽر در مهمد بلوچ جي لاڏاڻي تي )

    مهورتي تقريب جون تصويرون


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گُل حسن ڪلمتيء جو نئون ڪتاب عشق جون ڳليون

    سائين سليمان، تمام سهڻو ليک ونڊ ڪرڻ تي واڌايون، پر يار! ڪتاب جي ڪاپي هٿ ڪئي اٿوَ يا نه ۔۔۔ ڇاڪاڻ جو پڙهڻ جهڙو ڪتاب آهي ۔۔۔ سائين محترم گُل حسن ڪلمتي تمام جاکوڙي ليکڪ آهي، ۽ سنڌ سان محبت سندس لکڻين مان عيان آهي ۔۔۔ سنڌ جي انهن ڏاهن کي شابس آهي جو هو قوم جون اکيون کولڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪنٿا ۔۔۔۔

    لک ٿورا دوست سليمان ۔۔۔ ڪتاب ضرور هٿ ڪجو ۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,269
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گُل حسن ڪلمتيء جو نئون ڪتاب عشق جون ڳليون

    سائين نثار سلام

    اوهان ڪوبه فڪر نه ڪيو ۔ ڪاپي اوهان لاء وٺي ڇڏي آهي جي چئو ته موڪلي ڏيون۔ انشاء الله سنڌ سلامت ڪئليندر جون ڪجه ڪاپيون ۽ هي ڪتاب اوهان ڏانهن موڪلي ڏبو۔ گل حسن ڪلمتيء جو سٺو ڪتاب آهي جنهن م ادبي ، تحقيقي ۽ سفري مواد موجود آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو