• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اوهان جي جذبن جو قدر آهي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
اوهان جي جذبن جوقدر آهي

اوهان جي جذبن جو قدر آهي
پر ڇا ڪجي سچ تي نظر آهي

ظلم ٿو فري پيو دندنائيندو
ڇو نه فري، ستل سڄو شهر آهي

پيءَ ڌيئرون ٿي ماريون پاڙي ۾
ڪنهن کي نه ڪائي خبر آهي

سچي کي دسي وڌي اٿن ڌوڙ
سچ ۾ ايڏو ڪو وڏو زهر آهي

ڏاڏل چوين ڪجھ ڪرين ڪجھ
برو ٿيئڻو تنهنجو ڏاڍو حشر آهي​
 
جواب: اوهان جي جذبن جو قدر آهي

سائين اوهان مڙني مهربانن جي مهرباني هن ٽٽل الفاظن تي همت افزائي ڪرڻ جي
وسلام
 
جواب: اوهان جي جذبن جو قدر آهي

پيءَ ڌيئرون ٿـــي مـاريون پاڙي ۾ ،
ڪنهن کي نه ڪائي خبر آهي ۔

سچل ڳوٺ ۾ ٿيل اهو قهر اوهانکي اڃان ياد آهي ۔۔۔

هڪ بادشاه کي ڪنهن نجوميءَ چيو ته ڀيڻ سان شادي ڪر ته بادشاهي بچي وينديءَ، ڇاڪاڻ تنهنجي ڀيڻ جي قسمت ۾ راڻي لکيل آهي ۔۔۔

بادشاه اچي پريشان ٿيو ته هي ّظلم ڪيئن ڪريان ۔۔۔؟
ماڻهن ۾ بدنامي ٿيندي، ڪيئن اهو ڪم ڪريان ۔۔؟

ڏاهي وزير کيس چيو ته بادشاه سائين، اوهين اجايو ٿا فڪر ڪريو، ماڻهن جي ياداشت تمام ڪچي هوندي آهي، ڪجهه ڏينهن ته کين ڪا ڳالهه ياد هوندي آهي پر ٿوري ئي عرصي ۾ اها ياد پس پرده هلي ويندي آهي ۽ وري معاملو ساڳيو جو ساڳيو ۔۔۔

چيائين ثابت ڪري ڏيکار ته ڪيئن؟

وزير ڇا ڪيو جو هڪ گڏهه تي مٽي هڻي ان تي ڪڻڪ ڇٽي پاڻي ڏنائين ته ڪڻڪ ڦٽي پئي ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ گڏه تي قدرتي طور ساوڪ ڦٽي آئي هجي ۔۔۔؟

گڏهه کي شهر ۾ گهمايو ويو ته ڏسو خدا جي قدرت گڏهه تي ساوڪ ڦٽي آئي آهي، ماڻهون حيران، ڏسي وائڙا ٿي ويا ۽ ماڻهن ۾ چوٻول ته يار خدا جي قدرت ته ڏسو ۔۔۔۔؟ وغير وغيره ۔۔۔

ان ڏينهن کان پوءِ گڏهه کي غائب ڪيو ويو، ماڻهن ۾ ٻه ٽي ڏينهن ان گڏهه جو چوٻول رهيو ۽ آخر چوٻول يا ان گڏهه جو ذڪر ختم ٿي ويو ۔۔۔

وزير چيو بادشاه کي سائين ڏسو هاڻ ماڻهن کي ان گڏهه جي ياد ئي ناهي ۔۔۔ انڪري اوهان شادي ڪريو، ڪجهه ڏينهن ماڻهون ڳالهيون ڪندا پر آخر انهن جي فطرت ۾ هر ڏينهن نئين پريشاني آهي سو اوهان واري ڳالهه وساري ڇڏيندا ،۔۔۔

سو ڳالهه نڪتي ته انسان جي چوڌاري روزانه ڪيترائي ڪيس ٿين ٿا پر انهن جو احساس ڪي گهڙيون رهي ٿو ۽ انسان انهن ڏاڍاين يا ڏوهن کي وساري ڇڏي ٿو ۔۔۔

ساڳي طرح سچل ڳوٺ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل واقعو ڪيترو نه دل کي صدمو ڏيندڙ هو پر افسوس جو اسانجي ماحول ۾ هن چوڻيءَ جيئان انڌير ٿي پيو آهي ” رات وئي ڳاله وئي“

اوهانجا احساس تمام گهرا ۽ قابل تعريف آهن ۔۔۔ لک ٿورا
 
Back
Top