• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجو عمل تنهنجو ئي شان آهي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
تنه
تنهنجو عمل تنهنجو ئي شان آهي​

تنهنجو عمل تنهنجو ئي شان آهي
منهنجو عمل ته منهنجو مان آهي

هتي ڇو ڪجي وڏائي جي وروڌ
هن دنيا تي جي پل جو مهمان آهي

الله سماوات وما في العرض آيت
اعتبار نه ڪرين ته شاهد قرآن آهي

روحِ صلات تنها فهشاءِ والمنڪر
نماز به پڙهندو ۽ ڏيندو آذان به آهي

مالدارجو نادار تائين پهتو ناهي مال
الائي ڪهڙو شڪر و احسان آهي

غصو، نفرت، انا، خودي و عُجب اڃان
اَٿس هر سال ڪندو عيدِ قربان آهي

هر قسم جي دوا هن ڏئي کي روئي چيو
ملي نه ٿو ميوو پريشان باغبان آهي

حرام کي حلال ڪرڻ ڪو ڏاڏل کان سکي
قلمي، ڪتابي ،سخني وڏو مسلمان آهي
 
جواب: تنهنجو عمل تنهنجو ئي شان آهي

تنه
تنهنجو عمل تنهنجو ئي شان آهي​

تنهنجو عمل تنهنجو ئي شان آهي
منهنجو عمل ته منهنجو مان آهي

هتي ڇو ڪجي وڏائي جي وروڌ
هن دنيا تي جي پل جو مهمان آهي

الله سماوات وما في العرض آيت
اعتبار نه ڪرين ته شاهد قرآن آهي

روحِ صلات تنها فهشاءِ والمنڪر
نماز به پڙهندو ۽ ڏيندو آذان به آهي

مالدارجو نادار تائين پهتو ناهي مال
الائي ڪهڙو شڪر و احسان آهي

غصو، نفرت، انا، خودي و عُجب اڃان
اَٿس هر سال ڪندو عيدِ قربان آهي

هر قسم جي دوا هن ڏئي کي روئي چيو
ملي نه ٿو ميوو پريشان باغبان آهي

حرام کي حلال ڪرڻ ڪو ڏاڏل کان سکي
قلمي، ڪتابي ،سخني وڏو مسلمان آهي


ادا ڏاڏل ڀاء اڳ به توهان جي هڪ ٿريڊ ۾ قرآن پاڪ جا لفظ هئا مون درست ڪيا ليڪن اوهان وري ترميم ڪري ساڳيائي لفظ لکيا وري مون اوهان کي پي ايم به ڪيو ليڪن اوهان ڪو جواب نه ڏنو بهرحال ناراض نه ٿيندا پر جيڪڏهن مناسب سمجهو ته هن ٿريڊ ۾ به اوهان ڪجهه قرآن شريف جا لفظ استعمال ڪيا آهن انهن کي درست ڪيو ته مهرباني
جيئن
هن بيت ۾ لفظ آهي

الله سماوات وما في العرض آيت

الارض هن طرح ٿيندو.


روحِ صلات تنها فهشاءِ والمنڪر

اهي لفظ قرآن ۾ هن طرح آهن


[font="al_mushaf"]إِنَّ الصَّلاةَ تَنْهيٰ عَنِ الْفَحْشَآءِ وَالْمُنْكَرِ [/font]
سورت العنکبوت آيت نمبر 45

جيڪڏهن قرآن جي لفظ صحيح نظر نه اچن ته المصحف فونٽ انسٽال ڪيو ته درست نظر ايندا.

اميد ته دل ۾ نه ڪندا ليڪن قرآن جي لفظن کي استعمال ڪجي ته انهن جي زير زبر ۽ ان ئي رسم الخط ۾ استعمال ڪجي ته بهتر ٿيندو.
 
Back
Top