• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خواب تو واري جي خوشبو، اڄ به منهنجي من ۾ آ،

عرس پريو

سينيئر رڪن

خواب تو واري جي خوشبو، اڄ به منهنجي من ۾ آ،
باغ جي هٻڪار هوندي واء جي جهلڪن ۾ آ۔

آس هڪ اڀري ٿي پئي پر پوهه جي سورج جيان،
روشني، سردي وڌي ڪئي قيد ڪوهيڙن ۾ آ۔

زندگيء جي سرخرو ئي ڪجهه ته منهنجي سڪ ۾ آ،
ڪجهه ته تنهنجي ريشمي ميندي رتن هٿڙن ۾ آ۔

چنڊ جو چمڪو، گلن جي مهڪ ، چقمق جي ڪشش،
دلڪشيء جو ڪيڏو سهڻو سلسلو سهڻن ۾ آ۔

گفتگو ماکي به آمصري به آ ڪشمش به آ،
ڪل مٺاڻن جومزو تنهنجي مٺن گفتن ۾ آ۔

تون نه ساقي مان نه ميڪش، بزم ناهي ميڪدو،
شوق جو آ ڪرشمو، ڪيڏو نشو نيڻن ۾ آ۔

عشق کوٽو، حسن ڪوجهو، ٿي چڪو هي حادثو،
چونء پچونء ڳوٺن ۾آهي، هوشرو شهرن ۾ آ۔

جرڪ پنهنجي مرڪ جي استادجي ڳوڙهن ۾ ڏس،
سج جي ڪرڻن جي رونق ماڪ جي قطرن ۾ آ۔
 
جواب: خواب تو واري جي خوشبو، اڄ به منهنجي من ۾ آ،

گفتگو ماکي به آمصري به آ ڪشمش به آ،
ڪل مٺاڻن جومزو تنهنجي مٺن گفتن ۾ آ۔

في الحال ته؛

استاد جي هن نظم اسانجو به، وات مٺو ڪري ڇڏيو آ،
نشو چڙهي ويو آهي، مغز کي ڦيراٽيون ۽ اکين ۾ انڌيرو آ۔
 
جواب: خواب تو واري جي خوشبو، اڄ به منهنجي من ۾ آ،

واه ادا عرس واه ،مطلب ته اوهان به شاعراڻو ذوق رکو ٿا اهو به استاد جي شآعري جو تمام بهترين ادا
 
جواب: خواب تو واري جي خوشبو، اڄ به منهنجي من ۾ آ،

جرڪ پنهنجي مرڪ جي استادجي ڳوڙهن ۾ ڏس،
سج جي ڪرڻن جي رونق ماڪ جي قطرن ۾ آ

ادا عرس ۔۔۔۔۔ طاهر وري ڳوٺ ويل آهي ، تنهنڪري استاد جي شاعري ڀلي ونڊ ڪري وٺ

بهترين چونڊ
 
جواب: خواب تو واري جي خوشبو، اڄ به منهنجي من ۾ آ،

ادا عرس۔۔۔۔۔۔۔۔۔توهان جي چونڊيل شاعري تمام خوبصورت۔۔۔۔۔۔۔۔۽ بهترين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مهرباني اسان دوستن جي نظرڻ ڪرڻ جي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

توهان جو مخلص۔۔۔۔۔
 
جواب: خواب تو واري جي خوشبو، اڄ به منهنجي من ۾ آ،

جرڪ پنهنجي مرڪ جي استادجي ڳوڙهن ۾ ڏس،
سج جي ڪرڻن جي رونق ماڪ جي قطرن ۾ آ

ادا عرس ۔۔۔۔۔ طاهر وري ڳوٺ ويل آهي ، تنهنڪري استاد جي شاعري ڀلي ونڊ ڪري وٺ

بهترين چونڊ

ادا طاهر ڳوٺ آهي ته ڇا ٿي پيو، منهنجي اين 95 ۽ زونگ زنده باد.
عرس جيئن ئي استاد بخاري کي سنڌ سلامت تي ونڊيندو آهي ته اتي ئي فورن مان ننڊ مان ڇرڪ ڀري اچي هت ڏسي آهون ڀريندو آهيان ته الله عرس کي سمجهه ڏئي.
 
Back
Top