[JUSTIFY] امبرين هيسباڻي هن جي زندگي ۾ ڪيترائي ڏک سور آيا پر انهن ڏکن کي هن بهادريءَ سان منهن ڏنو ۽ ڪڏهن به ڪنهن اڳيان هٿ نه ٽنگيائين ته ڪو اچي غريب هجڻ سبب مدد ڪري، اڄ هو عمر جي ان حصي ۾ آهي، جتي هر پوڙهو ماڻهو ٻين جو محتاج بڻيل نظر ايندو آهي، مٽياري جي رهواسڻ 60 ورهين جي فاطمه ته ٻئي ڪنهن جي محتاج ته ناهي پر هوءَ پنهنجي گهرڀاتين جو سهارو بڻيل آهي، هوءَ هر وقت پنهنجن ڏکن مان ئي خوشيون ڳولڻ ۾ رڌل هوندي آهي، ائين ئي فاطمه پنهنجي رلين ٺاهڻ واري خانداني هنر کي اڄ به زندهه رکندي پئي اچي، هن کي ان ڳالهه جي پرواهه بلڪل به نه آهي ته هو پنهنجي ان هنر مان ناڻو ڪمائي ٿي يا نه؟ بس غمن ۾ اها ئي سوچ اٿس ته پيٽ ڀري ماني ڳڀو کائون ٿا، پيٽ خاطر ٿوري محنت ته ڪرڻي پوندي، فاطمه جڏهن صبح جو رلين جي ڳٺڙي پنهنجي مٿي تي رکي گهر کان ٻاهر نڪري ٿي ته پري کان ڏسندڙ ڪو ماڻهو اهو نه سمجهندو ته ڪا پوڙهي عورت اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته سندس هلڻ ۾ ايتري ته ڦڙتي آهي جو هو ڪلاڪن جا پنڌ منٽن ۾ طئه ڪري ٿي. فاطمه جي هٿن سان ٺهيل رليون نه صرف مٽياري جي ڀرپاسي واري ڳوٺن تائين محدود آهن پر وڏن شهرن جي وڏن دڪانن تائين پهچن ٿيون، انسان جيئڻ لاءِ ڪيترا نه جتن ڪري ٿو ته جيئن کن پل جي زندگي جا ڏينهڙا سکيا گذرن. فاطمه به پنهنجن جي منهن تي هميشه مرڪ ڏسڻ جا جتن ڪري ٿي، انهي حوالي سان فاطمه جو چوڻ آهي ته هن عمر ۾ رليون ٺاهي وڪرو ڪرڻ ۽ ڪجهه ڏوڪڙ (پئسا) بچائڻ لاءِ ميلن جو پنڌ ڪرڻ آهي ته ڏکيو پر اهي پئسا به ڀاڙي ۾ لڳائي ڇڏيان ته ٻچن کي سک ڪيئن ڏيان، آئون ڀرپاسي جي ڳوٺن تائين پنڌ ڪري گهر گهر وڃي رليون وڪرو ڪندي آهيان، جيڪڏهن حيدرآباد يا ڪراچي ويندي آهيان ته پوءِ ڪنهن گاڏي جي سفر جو سهارو وٺندي آهيان، رلي ٺاهڻ لاءِ ڪپڙو پاڻ وٺي استعمال ڪندي آهيان، بس هڪ رلي ٺاهڻ تي 50 کان 100 رپين جو فائدو ٿيندو آهي۔ اسلام آباد، ڪراچي، حيدرآباد، لاهور ته ڇا پر پرڏيهه ۾ انهن رلين جا اسٽال لڳائي ڊالرن ۾ پئسا ڪمائين ٿا، رليون هجن يا هٿ جو ٻيو هنر اهي ته اسان جي ثقافت ۾ شامل آهن، جنهن کي ٻهراڙي جون عورتون اڄ به زندهه رکنديون اچن پيون، انهن عورتن جو اهو چوڻ آهي ته هو پنهنجين نياڻين کي غربت سبب تعليم جهڙو زيور ته نٿيون ڏئي سگهن پر پنهنجي خانداني هنر سان ضرور نوازين ٿيون، جڏهن انهن جون ڇوڪريون اڃا 10 ورهين جون مس ٿين ٿيون ته هو رلي ۽ ڀرت ٺاهڻ سان گڏوگڏ گهر جي ڪمن ۾ به هٿ ونڊائين ٿيون، پنهنجين نياڻين کي به هنر سيکارڻ جو سبب اهو آهي ته شادي کانپوءِ انهن جون نياڻيون گهر جو گاڏو هلائڻ لاءِ پنهنجن مڙسن جو هٿ ونڊائي سگهن، ائين ئي بدين جي رهواسڻ اُملا جيڪا رلي ٺاهڻ وقت نه صرف پنهنجين ننهرن کي گڏ ويهاري رلي ٺاهي ٿي پر پنهنجي 11 ورهين جي ڌيءَ کي به رلي جون ڊزائينون ٺاهڻ سيکاري ٿي. اُملا ٻڌايو ته رلي ٺاهڻ ته هاڻي اسان جي عادت ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ ائين ڇو نه هجي، ڪيتريون ئي عورتون پنهنجي خانداني هنر کي وسارينديون آهن، اسان وٽ پنهنجي خانداني هنر کي وسارڻ مطلب پنهنجي زندگي مان ڪڍڻ جيان آهي. هو ٻڌائي ٿي ته اسان 5 کان 6 عورتون گڏجي هڪ هفتي ۾ 10 رليون ٺاهيون ٿيون، جيڪڏهن سادي رلي آهي ته جلد ٺهي ويندي آهي پر آرڊر تي ڪجهه اهي رليون به شامل هونديون آهن، جن ۾ ڪافي ڊزائين ٺاهڻي هوندي آهي ته ان ۾ ڪافي وقت لڳي ويندو آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته دڪاندار اسان کي ڪپڙو وٺي نه ڏيندا آهن، هو ته اسان کان آرڊر تي تيار ٿيل رليون وٺندا آهن، رلين لاءِ تور وارو ڪپڙو ڪراچي مان وٺي ايندا آهيون، تقريبن 40 رليون ٺاهي پوءِ دڪاندارن تائين رسائينديون آهيون، اسان جون ٺهيل رليون ڪنري، ڊگهڙي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين وينديون آهن. دڪاندار 100 کان 500 رپين جي حساب سان رليون وٺندا آهن نه صرف رليون پر اسان جون ڇوڪريون ڀرت به ڀرينديون آهن، اهي به آرڊر تي ٺاهي ڏينديون آهيون، هڪ سوال جي جواب ۾ اُملا چيو ته ڇا ٻڌايان ته ڪيترو فائدو ٿيندو آهي، ڪپڙو به اسان جو، محنت به اسان جي بس هڪ رلي عيوض 50 کان 100 رپين جو فائدو ٿيندو آهي، بس دڪاندار ٻڌو پئسو ڏيندا آهن، انهي مان ڪجهه گهر جو خرچ پاڻي هلايون ته ڪجهه ڏوڪڙن مان نياڻين جو ڏاج ٺاهيندا آهيون. هن معاشري ۾ پلجندڙ اهي عورتون ڪيتريون نه بيوس بڻيل هونديون آهن، جڏهن سندس گهر هلائڻ وارو جيون ساٿي هن دنيا ۾ ئي نه هجي، مڙس جي وڃڻ کانپوءِ اها عورت ڪيئن ٻين ڏانهن نهاريندي ته سندس مٽ مائٽ اچي سندس ٻچن جي سار سنڀال ڪن، انهن جي مٿي تي پيار ڀريو هٿ رکن يا انهن جي بکئي پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ سوچين پر ڪنهن ٻئي جي سوچڻ کان پهرين ماءُ پاڻ پنهنجن ٻچن جي بک اجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي، انهن منجهان سکان به اهڙين ئي ڀوڳنائن ۾ پنهنجي زندگي جا ڏينهڙا گذاريا آهن، مڙس جي وڃڻ کانپوءِ سکان پنهنجي سموري حياتي پنهنجن پنج پٽن جي نالي ڪري ڇڏي، سکان کي به ان ڏکئي وقت ۾ سندس ئي هنر ڪم آيو، پنهنجي ٻچن لاءِ سکان رلي ٺاهڻ وارو پورهيو ڪرڻ شروع ڪيو، سکان پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندي چوي ٿي ته مڙس جي وڃڻ کانپوءِ مون سوچيو ته ڪير منهنجي ٻچن ۽ منهنجو بار پاڻ مٿان کڻندو، رلي ٺاهڻ ته هونئن به اسان جو خانداني هنر آهي، منهنجي ان هنر منهنجي ڏکئي وقت منهنجو ساٿ نه ڇڏيو، پهرين آئون رلي ٺاهي گهرن ۾ وڪرو ڪندي هيس پر هاڻي منهنجي هٿ جون ٺهيل مختلف ڊزائينن واريون رليون دڪاندار وڏي شوق سان خريد ڪندا آهن ۽ آرڊر پڻ ڏيندا آهن، هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ٺهيل رلين تي تمام گهڻي محنت ڪيل هوندي آهي پر اسان کي اوترو اجورو نه ملندو آهي پر ڇا ڪريون اهو رلي ٺاهڻ جو هنر ئي آهي، جنهن ڪري پيٽ گذر ڪريون پيا، پڙهيل لکيل ته نه آهيون جو آسرو ڪريون ته اسان جا ڇوڪرا وڃي نوڪري ڪندا، بس پٽ به ٿوري گهڻي مزدوري ڪندا آهن، رلي ٺاهڻ هاڻي اسان جي وندر ۽ عادت بڻجي وئي آهي چاهيندي به ڇڏي نٿا سگهون، بدين جهڙي ننڍي شهر ۾ نه صرف عورتون گهرن ۾ رلي ٺاهي هينڊي ڪرافٽس جي دڪانن تائين پهچائين ٿيون پر هن ننڍڙي شهر ۾ رلي ٺاهڻ کان وٺي ڀرت ڀرڻ واري هنر جي سکيا وٺندڙ شوقين ڇوڪرين لاءِ نورجهان انهي تسلسل جو هڪ مثال آهي، جيڪا هڙان وڙان خرچ ڪري شهر ۾ هڪ وڪيشنل سينٽر هلائي ٿي، جتي چڱن گهرن جون ڇوڪريون رليون ٺاهڻ، ڀرت ڀرڻ ۽ سلائي جهڙو هنر سکڻ اينديون آهن، نورجهان ٻڌائي ٿي ته هن وقت تائين هن ننڍڙي سينٽر مان 250 کن ڇوڪريون رلي ٺاهڻ کان وٺي سلائي سکڻ وارو هنر سکي ويون آهن، اسان وٽ ڪجهه اهي عورتون به آهن، جيڪي اسان وٽ تيار ڪيل رليون ڳوٺن يا ننڍن شهرن ۾ رليون وڪرو ڪرڻ لاءِ وينديون آهن، اسان جي وڌ ۾ وڌ اها ڪوشش آهي ته پنهنجي ثقافتي رنگن کي اجاگر ڪريون. اهڙي طرح رلين جي جي ڪرت سان واڳيل اهي عورتون پنهنجي ڪرت کي زندگي جو سهارو، آمدني جو ذريعو ۽ وندر جو طريقو بڻائي زندگي گذاري رهيون آهن. وار چاندي ڪري ويٺل انهن عورتن جي هٿن مان اڄ به اها جنبش ختم نه ٿي آهي، جيڪا سندن گهر جو چرخو هلائي ٿي. هنن جي هٿن جي هلڻ سان ۽ سوئي سان سڳو پوئڻ سان سندن آمدني سلهاڙيل آهي پر کين پنهنجي محنت جيترو اجورو نٿو ملي، انهن جي محنت کي وري هينڊي ڪرافٽس شاپس يعني هٿ جي هنر جي شين جي دڪانن وارا ڪيش ڪرائين ٿا. دڪانن تي اهي هٿ جي هنر واريون شيون مهانگي اگهن تي وڪامن ٿيون، حيدرآباد ۾ هينڊي ڪرافٽس دڪان جي هڪ مالڪ سڪندر علي جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي سيڙپ ڪن ٿا ۽ ٻهراڙي مان عورتن جون ٺاهيل هٿ جي هنر واريون شيون خريد ڪري دڪانن ۾ سجائين ٿا. هو چوي ٿو ته اها ڳالهه غلط آهي ته اسين پورهيت عورتن جي هنر کي ڪيش ڪرائي ڪو وڏو ناڻو ڪمايون ٿا، ڇاڪاڻ ته اسان دڪانن کي سٺي نموني سجايون ٿا، جنهن تي پڻ خرچ ٿئي ٿو. مسواڙن کان وٺي بجلي جي بلن تائين هاڻي سڀ شيون مهانگيون ٿي ويون آهن، تنهن ڪري جيڪڏهن ٻهراڙي مان ڪا رلي 200 رپين ۾ وٺي 400 رپين ۾ وڪرو ڪريون ٿا ته به ان تي ڪو وڏو منافعو نٿو ملي، ڇاڪاڻ ته 200 رپين واري مٿئين منافعي مان دڪان جا سمورا خرچ به ڀرڻا پون ٿا. هو چوي ٿو ته هٿ جي هنر جي شين جي اڄ به مارڪيٽ ۾ اهميت آهي ۽ ماڻهو اهي شيون خريد به ڪري رهيا آهن، خاص طور تي اهي شيون سوکڙي طور ڏنيون وڃن ٿيون يا وري ڪن خاص تقريبن جي موقعي تي استعمال ڪيون وڃن ٿيون. [/JUSTIFY]