جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين خاوند خاص خلقي، محمد ﷺ مڪائين ڪلمون تنهن ڪريم تي چٽو چيائين اَنا مولاڪَ و اَنتَ محبوبي ائين اُتائين ڏِکي ڏنائين، ٻئي سرائون سيد کي
جواب: جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين، خاوند خاص خلقي، محمد ﷺ مڪائين جزاڪ الله سائين وساڻ وصاحب ڊزائين تمام بهترين ڪئي اٿو۔
جواب: جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين، خاوند خاص خلقي، محمد ﷺ مڪائين جزاڪ الله محترم دوست سليمان ۔۔۔ رب اوهانکي خوش ۽ آباد رکي ۔۔۔ آمين لفظ ناهن نه بيت لاءِ نه تصوير لاءِ ۔۔۔ تصوير جنهن ڪنڊ کان ورتل آهي، اها منهنجي پسنديده ڪنڊ آهي جو جڏهن مديني پاڪ ويندو آهيان ته ان ڪنڊ تي ويهي ڪجهه گهڙيون ويهي روضي جو ديدار ڪندو آهيان ۔۔۔ ان ڪنڊ جي بلڪل پوئين پاسي کان جنت البقيع قبرستان آهي ۔۔۔ لطيف سرڪار جو سهڻي رسول ۽ الله جي محبوب جي شان ۾ عقيدت جو اظهار به پنهنجي مٽ پاڻ آهي ۔۔۔ سبحان الله ان پار جي ڪا ڪري نه سگهان ڳالهڙي ۔۔۔
جواب: جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين، خاوند خاص خلقي، محمد ﷺ مڪائين سائين محمد سليمان پيارا واقعي تمام خوبصورت محبوب عليه الصلواة والسلام جن جي روضي مبارڪ جو نظارو ۽ سهڻي لطيف جو خوبصورت بيت آهي ليڪن هڪ ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي ته سائين قبلا نثار جن ان ڪنڊ کان ويهي جنت المالا کان ڪيئن پيا مدينه پاڪ جو ديدار ڪن اها ته سندن ڪرامت چئبي جو منهنجي خيال ۾ جنت المالا مڪي پاڪ ۾ آهي مدينه منوره ۾ جنت البقيع آهي وڌيڪ والله اعلم بالصواب واليه المرجع والماٰب. سائين قبلا متان سمجهو ته منهنجي تحرير توهان غور سان ڪونه ٿا پڙهو
جواب: جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين، خاوند خاص خلقي، محمد ﷺ مڪائين سائين نثار ٿورا اوهان جا اوهان خوش نصيب آهيو جو مديني ۾ روضه رسول صه جون زيارتون به پيا ڪيو ۽ حرم پاڪ ۾ نمازون به پيا پڙهو۔ اسان لاء دعا گهرجو۔ هي بيت مان خاص رسول پاڪ صه جي ولادت جي مهيني جي حساب سان ونڊ ڪيو آهي۔
جواب: جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين، خاوند خاص خلقي، محمد ﷺ مڪائين جزاڪ الله ادا سليمان لاجواب۔۔۔ رب اوهانکي خوش ۽ آباد رکي ۔۔۔ آمين تمام سٺو ونڊ ڪيو اٿو
جواب: جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين، خاوند خاص خلقي، محمد ﷺ مڪائين سائين مهرباني اوهان جي به هر تحرير تي نظر آهي، خاص ڪري سائين نثار جي تحريرن تي۔ اوهان جي ڳاله بلڪل صحيح آهي ته جنت البقيع مديني منوره ۾ آهي۔
محبوب سائين ۔۔۔۔ لک ٿورا غور سان پڙهڻ جا ۔۔۔ اوهانجي نشاندهي کانپوءِ خبر پئي ته مون ڇا لکيو آهي ۔۔۔ خئير مون درستگي ڪري ڇڏي آهي ۔۔۔ معاف ڪجو زبان آلو لڪڻ آهي وهي ٿو وڃي ۔۔۔ ههههه
سائين قبلا خوشطبعي معاف ڪندا۔ اڳيئي توهان جو بلڊ پريشان آهي متان ڪنهن ڳالهه کي گهڻو غور سان پڙهو وري مٿي ۾ سور جي شڪايت نه ٿي پوي۔
اَنا مولاڪَ و اَنتَ محبوبي ائين اُتائينڏِکي ڏنائين، ٻئي سرائون سيد کيسبحان الله ۔۔لطيف سرڪار جي حب جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي۔۔۽ اها حب اسان ڪٿان آڻيون۔۔۔ڪهڙي نه سهڻي ريت لطيف سرڪار انهن پنج سٽن ۾ الله تعالي ا جي سموري مُحبت جيڪا پنهنجي محبوب ڪبريا محمد مصطفي ا صلي الله عليه وسلم سان آهي ان کي سميٽيو آهي انهن چئن سٽن جي تشريح ۾ وڃجي ته سمند جو پاڻي ختم ٿي وڃي پر اها محبت جيڪا انهن پنج سٽن ۾ سمويل آهي ان جي ڪٿا بيان نٿا ڪري سگهون۔۔دعا آهي ته الله پاڪ اسان کي پنهنجي ذات جو ڳيجهو رکي ۽ پنهنجي سهڻي حبيب صلي الله عليه وسلم جو سچو اُمتي بڻائي۔۔۔ڪيڏا نه خوشنصيب آهن اهي سڄڻ جيڪي ان ڀلي پار رهن ٿا۔۔جيڪي محبوبن ڪريمن صه جي اڱڻ جي جنهن به ڪنڊ ۾ ويهي اکيون ٿڌيون ڪن، شل الله پاڪ اها خوشنصيبي هر اُمتي جي نصيب ۾ عطا ڪري۔۔۔ آمين
سبحان الله ، لطيف سائين جي عشق جي ڪهڙي ڳاله ڪجي ،الله پاڪ جي وحدانيت جي شاهدي ۽ مٺي محبوب مدني مُحمد مصطفي ا صلي الله عليه وسلم جي رحمت اللعالمين هجڻ جي ڇٽي شاهدي لطيف سرڪار جهڙي ته سهڻي ۽ نفيس انداز ۾ پنهنجي بيت ۾ پيش ڪئي آهي اهڙو انداز ڪٿي ٻيو ڪون ڏٺم.