نثارابڙو
نائب منتظم
لطيف احساس ۽ شاه جو ڪلام
نثار ابڙو
شاه جو هي سُرُ انتهائي لڀائيندڙ ۽ من کي سڪون ڏيندڙ آهي، جيتوڻيڪ هي سر پڻ روحاني رمزن سان ٽمٽار آهي ۽ ڪيترا ئي اهڙا خيال اهن جي نيو من لائين پريان سندي پار ڏي ... هن سر ۾ شاه صاحب مينهن ۽ برسات جي اهميت جو ذڪر ڪيو آهي، پاڻي حياتي آهي ۽ برساتون پاڻيءَ جي هجڻ جو سبب، انڪري شاه هن سر ۾ اهڙن ته لطيف احساسن جو ذڪر ڪيو آهي، جو پڙهڻ ۽ سمجهڻ وارو انهن احساسن ۾ گُم ٿي، مستيءَ جي حالت ۾ اچي وڃي ٿو ...سر سارنگ
انهن لطيف احساسن ۾ هڪ انتهائي سهڻو خيال ”ونيءَ جو پنهنجي ور لاءِ اوسيئڙو“ آهي ۽ جڏهن برسات جي موسم ٿئي ٿي ته اهو اوسيئڙو اڃان به تيز ٿي وڃي ٿو ۽ عشق اندر ۾ اهڙي ته باه ٻاري ٿو جو سواءِ محبوب جي ميلي جي اها باه اندر جهوريو ڇڏي ... سرد راتين ۾ محبوب جي موجودگيءَ واري گرمي کان بنهه ڪپهه جي گرمائش به ڪم نٿو ڪري ...
هي ڏسو؛
اڱـــڻ تازي، ٻهر ڪنڍيون، پکـــا پٽ سنهــن،
سـرهي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينهن وســن،
اســـان ۽ پريـــن، شـــال هـــون بـــرابـــر ڏينهڙا.
سـرهي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينهن وســن،
اســـان ۽ پريـــن، شـــال هـــون بـــرابـــر ڏينهڙا.
سبحان الله! ڪهڙي ته منظر نگاري ڪئي وئي آهي ... وني پنهنجي محبوب جي اوسيئڙي ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون تمنائون دل ۾ سانڍي ويٺي آهي ... گهر جي اڱڻ تي محبوب جو تازي گهوڙو ٻڌل هجي ... ٻاهر ڪنڍيون مينهون ٻڌل هجن ۽ وڏي پٽ جي وچ تي هڪ سهڻو پکو (جهوپڙو) هجي ته هوند ڪيترو نه سهڻو لڳي ...اڱـــڻ تازي، ٻهر ڪنڍيون، پکـــا پٽ سنهــن،
الله اڪبر! ان پکي جي اندر سيج هجي جا عطر سان معطر هجي ۽ ان جي خوشبوءَ سان من پيو ٻهڪي، مٿان وري غضب ته پرين به پاسي ۾ ويٺو هجي ... اف! اهڙي حالت ۾ جي مينهن وسندو ئي رهي ته ڪيترو نه ڀلو لڳي ...سـرهي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينهن وســن
پکا پٽن تي، اڱڻ تي تازي گهوڙا، پڌر تي ڪنڍيون مينهون، سرهي سيج ۽ پاسي ۾ پرين ۽ وري مينهن به وسندو رهي ته اي منهنجا الله، ڪاش تون اهڙو ڪو واءُ سڻائو ڪر جو منهنجو محبوب مون ساڻ هجي ته پوءِ هر ڏينهن اهڙو ڏينهن هجي بلڪه زندگيءَ جا سڀ ڏينهن ئي اهڙا گذرن...اســـان ۽ پريـــن، شـــال هـــون بـــرابـــر ڏينهڙا
اڳتي هلي سياري جي سيءَ ۾ محبوب جي اڻ موجودگيءَ واري احساس کي ڪجه هيئن بيان ڪيو اٿس ...
ڪانڌ تنهنجي پاند ريءَ، سنجهي سيءَ مران،
ڪامـــــل! ڪپـــاهن ۾، پيـــئي ٺـــار ٺــران،
تــاري تنهن تـــران، جنهن ور وهــــاڻيءَ واريــو.
ڪامـــــل! ڪپـــاهن ۾، پيـــئي ٺـــار ٺــران،
تــاري تنهن تـــران، جنهن ور وهــــاڻيءَ واريــو.
الله اڪبر! محبوب ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويل آهي، مٿان سيءَ جي ڪاري رات آهي، وني اڪيلي پنهنجي ڪمري ۾ ور لاءِ دروازي تي اکيون اٽڪائي ويٺي آهي، اڃان سانجهيءَ جو وقت آهي پر سيءُ آهي جو سندس رونءَ رونءَ کي ڏڪائي رهيو آهي انوقت ور جي پاند لئه سڪي رهي آهي،ڪانڌ تنهنجي پاند ريءَ، سنجهي سيءَ مران
ور کان بنا سيج تي پيل ڪپاهه سان ڀريل سَوڙِ ۾ به پئي ٺار ٺري، سيءُ ختم نٿو ٿئي، ان حالت ۾ ننڊ کائنس ڪوهين ڏور ٿي وئي آهي ... محبوب جي موجودگيءَ جي گرميءَ آڏو ڪپاهن جي گرمي ڪجهه به ناهي ...ڪامـــــل! ڪپـــاهن ۾، پيـــئي ٺـــار ٺــران،
محبوب جي اوسيئڙي ۾ آسمان ۾ تارن کي ويٺي تڪي، صبح واري تاري کي ويٺي ٻاڏائي ته اي تارا جي تنهنجي هوندي منهنجو محبوب اچي ويو ته به منهنجا ٻيڙا پار ٿي ويندا ۽ هيءَ جا سيءَ جي ٿڌاڻ آهي سا ختم ٿيندي ...تــاري تنهن تـــران، جنهن ور وهــــاڻيءَ واريــو
ڀلا هن تي غور ڪريو؛
ڪانڌ تنهنجي پاند ريءَ، سيءَ مران سڀ رات،
ڪامــل! ڪپاهن ۾، جهپ نه اچي جهــات،
اچين جـــي پرڀــــات، ته آئون سيءُ نه ساريـــان.
ڪامــل! ڪپاهن ۾، جهپ نه اچي جهــات،
اچين جـــي پرڀــــات، ته آئون سيءُ نه ساريـــان.
الله اڪبر! محبوب بنهه سڄي رات سيءَ ۾ گذراڻ ڪيترو ڏکوئيندڙ آهي ... محبوب جي پاند جي گرمي جو احساس ڪيترو اهم آهي ؟ بس موت آهي !!!ڪانڌ تنهنجي پاند ريءَ، سيءَ مران سڀ رات،
ڪپهه ۾ نه ڪپاهن ۾ پيل آهي، سوڙ جي مٿان سوڙ آهي پر سيءُ آهي جو لهي ئي نٿو، ننڊ ته پري جي ڳالهه هڪ جهوٽو اچڻ به مهال آهي ...ڪامــل! ڪپاهن ۾، جهپ نه اچي جهــات،
اي محبوب جي تون صبح تائين به پهچي وڃين ته ان آسري ۽ اميد ۾ سيءُ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ... بس تون ئي تون آهين جنهنجي وجود سان ئي منهنجي وجود جي ٿڌاڻ ختم ٿي سگهي ٿي ... تنهنجي ملڻ جي آسري ۾ ان موت جهڙي ٿڌاڻ کي به گذاري وڃبو ...اچين جـــي پرڀــــات، ته آئون سيءُ نه ساريـــان.