اسان پنهنجي پياري دوست شڪيل احمد (آرزو) کي سالگراهه جي موقعي تي مبارڪون ٿا ڏيون، شل وڏي ڄمار پائين۔۔۔
جواب: جنم ڏينهن جون واڌايون۔۔۔ اســــــان طــــرفان به آرزو کي جــــنـــم ڏيــــنـــهـــــن جو واڌايــــو
جواب: جنم ڏينهن جون واڌايون۔۔۔ ادا شڪيل احمد توهان کي سالگره جي موقعي ته فقير طرفان دل جي گهرائين سان ڪروڙين مبارڪون الله پاڪ ڪري ته توهان سدائين خوش رهو ۽ کلندا مسڪرائيندا رهو سدائين گڏ
جواب: جنم ڏينهن جون واڌايون۔۔۔ مان پنهنجي طرفان ۽ سنڌ سلامت جي پوري انتظاميه پاران ادا آرزو کي جنم ڏينهن جون واڌايون پيو ڏيان آرزو جا ننڍڙا نثري نظم ۽ نثري ٽڪرا سچ پڇو ته گهري سوچ سان سمايل هوندا آهن۔ ان سان گڏ سهڻي ڊزائن ۽ پيارا رنگ ڏنل هوندا آهن۔ سندس اهي رنگ ۽ سٽون مون سميت ڪيترائي دوست متاثر ٿي ونڊ ڪندا آهن۔ دعا آهي پاڻ سدائين خوش رهن ۽ زندگيء جون لاتعداد بهارون ماڻن۔ پايس جي به مهرباني جنهن اسان کي به ياد ڪرايو ته اڄ آرزو جو جنم ڏينهن آهي۔
جواب: جنم ڏينهن جون واڌايون۔۔۔ آرزو يا شڪيل احمد يا آرزو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سهڻو نوجوان، پرخلوص ۽ پيارو انسان ۔۔۔ ننڍڙا پيار ڀريا جملا، ننڍڙي انتظار جا ننڍڙا ناز، ڪڏهن روئڻ، ڪڏهن کلائڻ جا ڪارڻ پئدا ڪندو رهندو آهي، ڪڏهن ايتري ته گهري ڳالهه کڻي ايندو آهي جو سوچ جا گهوڙا ڊوڙائي ڊوڙائي آسمان تي نڪري ويندو آهيان ۽ ڪڏهن ايترا ته پر احساس جملا ۽ ليک کڻي ايندو آهي جو ماڻهون لاجواب ٿي ويندو اهي ۔۔۔ سچ، ڪوڙ، پيار، نفرت، وصال ۽ فراق جا وڏا موضوع مختصر ليک سان بيان ڪري ويندو آهي ۔۔۔ ۔۔۔ رب العالمين کيس وڏي ۽ ايمان پرنور زندگي عطا ڪري ۽ سنڌيت جي جذبي سان سرشار رهي ۔۔۔ آمين
جواب: جنم ڏينهن جون واڌايون۔۔۔ آرزو يعني خاموش خواهش۔۔۔۔ پر نڪ نيم جي اُبتڙ اسان جو هي دوست پنهنجي شعرن ۽ ليکن ۾ گهڻو ڪجهه سچ ڳالهائي ويندو آهي۔۔ جيڪو سائين نثار جي ڳالهه وانگر ته اسان کي لاجواب ڪري ٿو۔۔۔ ادا شڪيل اوهان کي دل جي گهراين سان جنم ڏينهن مبارڪ هجي۔۔۔۔
جواب: جنم ڏينهن جون واڌايون۔۔۔ سڀ کان پهريان ڀا پايس جي وڏي مهرباني جو هن غريب جو جنم ڏينهن ياد رکيو۔۔ مهربانيون
جواب: جنم ڏينهن جون واڌايون۔۔۔ مهربانيون ادا سليمان۔۔۔ باقي پاڻ ايتري تعريف جي لائق ڪٿي جيترو اوهان هر دفعي لکو ٿا۔۔۔۔ اوهان جون محبتون ئي ته آهن ۽ وڏي دل جو اوهان مون لا ايترو ڪجهه لکو ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: جنم ڏينهن جون واڌايون۔۔۔ سائين نثار اميد ته مڪي پاڪ ۾ منهنجي لا جنم ڏينهن جي تحفي طور دعا گهرندا۔۔۔ الله منهنجي سڄڻن کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي۔۔۔ باقي ايترو ڪجهه لکي شرمندو نه ڪريو مان سنڌ سلامت لا ڪجهه به ناهيان ڪري سگهيو۔ مهربانيون۔
جواب: جنم ڏينهن جون واڌايون۔۔۔ مهربانيون ادا مست۔۔ ايترن دوستن زندگي ۾ پهريون دفعو مبارڪ ڏني آهي۔۔۔ جنهن تي حيران به آهيان ته خوش به۔۔