ڪاري ڪامڻ: قاتل بيماري

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪاري ڪامڻ: قاتل بيماري​

    تحرير:ڊاڪٽر محمد حڪيم چانگ
    دنيا ۾ انتهائي خطرناڪ ايڊز ۽ ڪينسر کان به وڌيڪ نقصان پهچائيندڙ بيماري هيپاٽائٽس b.c ڪاري ڪامڻ يرقان آهي. سرڪاري سروي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هر سال دنيا ۾ 30-20 لک انسان هن موذي مرض ۾ مبتلا ٿي موت جي حوالي ٿيو وڃن. اسان جي سنڌ ۾ هر چوٿون انسان هن خطرناڪ وائرس هيپاٽائٽس b.c ۾ مبتلا آهي. هن بيماري جا ڪجهه سبب هي به آهن: پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ، گهڻي سڻڀ، آپريشن جي جراثيم وارن اوزارن، ڏندن جي سامان، حجام جي سامان، بار بار رت ڏيڻ، بيڪار نشو ڪرڻ، استعمال ٿيل سرنج سان رت جو ميلاپ، تماڪ، گٽڪو، مين پُڙي مان 90 سيڪڙو سبب آهي. جيري جو ڪينسر 10 سيڪڙو مريضن کي ٿيو وڃي. هن وائرس جي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن مختلف ٽيسٽون ڪرايون وينديون آهن يا نشانين مان معلوم ٿيندو آهي، جيئن جسم ۾ سور، اکيون پيليون يا ٻيو رنگ، بدن ڪارو ٿيڻ، هانءَ ڪچو، اُلٽي، ڪمزور ٿيڻ، سوڄي ٿيڻ، وزن گهٽ وڌ ٿيڻ، بُک نه لڳڻ، پيٽ وڏو ٿيڻ يا پيٽ ۾ پاڻي ٿيڻ، هٿ پير سڙڻ، پيٽ ۽ وات مان رت اچڻ، بدن ۾ ڪيڙين وانگي محسوس ڪرڻ، اُنهيءَ ڪري مريض کي لاعلاج تصور ڪيو ويندو آهي. هن سائنسي دور ۾ مرض کان بچڻ لاءِ ڪي خاص اُپاءُ نه ورتا ويا آهن. هي مرض ٿي وڃڻ کان پوءِ ميڊيڪل علاج انجيڪشن جا ڇهن مهينن جا ڪورس تي لکين روپيه خرچ ڪرڻ، ذهنيءَ پريشانيون ٿيڻ کان پوءِ 75/% مريضن جو وائرس درست نه ٿيندو آهي ۽ ميڊيڪل علاج مان ڇوٽڪارو‏ مشڪل سان ٿئي ٿو، مريض ٺيڪ گهٽ ۽ موت وڌيڪ ٿين ٿا، پوءِ وري ٻيا ڪورس لکين روپين جا ڪرايا وڃن ٿا پوءِ به مريضن جي پيٽ ۾ پاڻي ڀرجي وڃي ٿو، جنهن ڪري مريضن ۽ سندن عزيزن ۾ مايوسي وڌي رهي آهي، جڏهن ته اسان جي پاڪ ڪتاب ۾ حديثن ۾ مايوسي کي ڪفر ڪوٺيو ويو آهي. سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي هن بيت جي سِٽ مان اشارو ملي ٿو ته ڦڪيون فرق ڪن جڏهن امر ڪري هو (الله) انهي چوڻي مطابق الله جا اهڙا انعام يافته بندا آهن جن کي قدرت طرفان ڪا ڏات نصيب ٿيل آهي، جيڪي پنهنجي لاءِ ڪو مال متاع ٺاهڻ بجاءِ انسانيت جي خدمت لاءِ زندگيءَ کان مايوس مريضن جو في سبي الله خدمت ڪن ٿا. ان علاج مان خدا جي حڪم سان اهڙن لاعلاج ۽ مايوس مريضن کي مڪمل فائدو ٿئي ٿو جيڪي مرض جي علاجن کان پوءِ زندگي کان مايوس هوندا آهن. عام ماڻهو وانگي ذاتي معلومات ۽ تجربو هوندي به ايستائين اعتبار نه ڪندا آهن. جيسين پاڻ ان جو مشاهدو نه ڪري وٺن. هي حقيقت آهي ته ٽنڊوالهيار جو مشهور سياسي سماجي رهنما رازق ڏنو سونارو ڪافي سالن کان ڪاري ڪامڻ هيپاٽائٽس b-c جو ڪامياب علاج ڪري رهيو آهي، هڪ سيمينار ۾ هن خطاب ڪندي چيو ته الله جي مهرباني سان هي مرض قابل علاج آهي. ديسي علاج وسيلي ٺيڪ ٿيل مريض هن شهر ۾ پڻ موجود آهن جيڪي وائرس مان مڪمل نجات حاصل ڪري چڪا آهن، جنهن جي تصديق شهرين، ناظمن، نائب ناظمن، ڪائونسلرن، صحافين پڻ ڪئي. مون صحافين سان گڏ درويش امداد هائوس شهباز ڪالوني ٽنڊوالهيار ۾ مرض جو علاج ڪندڙ رازق ڏنو سونارو سان تفصيلي ملاقات ڪئي. انهيءَ جڳهه تي سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ ملڪ جي ٻين شهرن مان آيل مريضن کان معلومات حاصل ڪئي، سوين مريضن جون رت جون رپورٽون ڏٺيون جيڪي هن جي ديسي دوا ذريعي صحتياب ٿيا. چون ٿا ته هيپاٽائٽس لاعلاج آهي پر آئون هن فيصلي تي پهتس ته واقعي الله چاهي ته مٽيءَ مان به شفا عطا ڪري. مون علاج ڪندڙ رازق ڏنو سونارو کان علاج بابت دريافت ڪيو ته هن ٻڌايو ته الله جي ڪنهن ڪامل بزرگ درويش طرفان دعا طور ڏنل نسخي ذريعي رت ٽيسٽ رپورٽن مطابق مريضن جو علاج ديسي طريقي سان ڪريان ٿو. هن نسخي تي تمام گهڻي محنت، کوجنا، وقت، پئسو ڏيڻ ۽ تجربن ذريعي الله جي مهرباني سان مڪمل ڪاميابي نصيب ٿي آهي. هن ٻڌايو ته زڪوات جي حقدارن ۽ غريب مريضن جو دوائن سميت سالن کان في سبي الله بنا ڪنهن لالچ جي علاج ڪري رهيو آهيان. ڪنهن به مريض کان پنهنجي لاءِ ڪابه في نه وٺندو آهيان. وري ٻي پاسي ڏسجي ته ميڊيڪل جي انجيڪشن ڪورسن، دوائن، ٽيسٽن ۽ في جي صورت ۾ تقريبن 150000 (هڪ لک پنجاهه هزار روپيا) خرچ ڪرائڻ کان پوءِ به مريض ٺيڪ نٿا ٿين. بلڪه sgpt به نارمل نٿي ٿئي، پوءِ مريض مايوس ٿيو وڃن. اسان کي هن سوين ٺيڪ ٿيل مريضن جا نالا ٽيسٽ رپورٽون، ائڊريسون ۽ فون نمبرن سميت ڏيکاريا. جنهن ۾ سابق وزير، اسيمبلي ميمبرن، صحافين، پروفيسرن، ڊاڪٽرن، فوجي آفيسرن، پوليس ۽ هزارين ٻين مريضن بابت معلومات ڏني، جيڪي هن جي ديسي علاج وسيلي مڪمل صحتياب ٿيا ۽ وائرس نگيٽو ٿيا. جيئن بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچيءَ جي پرنسپل ارشد وحيد جي نوجوان پٽ حيدر وحيد وڪيل جي بلوربن 40 ڏينهن بلاڪ ٿي وئي جيڪا 16.6 هئي ۽ sgpt 4305 جي حد تائين خطرناڪ هئي. مسٽر جواد قائمخاني عمر 17 سال جي بلوربن 31.4 هئي sgpt 1950 هئي وائرس b هو ۽ هڪ ٻار جي بلوربن 11.6 هئي ۽ sgpt 2778 هئي. اهڙا خطرناڪ ٻيا به سوين مريض جيڪي اسپتالن مان لاعلاج ٿي آيا پر الله جي حڪم سان هن ديسي علاج وسيلي ٻن مهينن جي علاج سان مڪمل صحتياب ٿيا آهن. اسان کي يقين نه پئي آيو ته هي سوين خطرناڪ مريض لاعلاج صحتياب ڪيئن ٿيا هوندا، تنهنڪري هر مريض جي گهر تي وڃي روبرو ملاقات ڪري تصديق ڪئي. سخت حيران ۽ بيحد خوش ٿيس ته خدا جي قدرت آهي ته دنيا علاج ڳولي پئي ۽ الله تعالى رازق ڏنو سونارو کي ڪيتري وڏي نعمت بخشي آهي جيڪو بنا ڪنهن لالچ جي مايوس انسانن جي حقيقي خدمت ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته وائرس b.c ۾ مبتلا مريضن مان 80 سيڪڙو مريض بنا ڪنهن علاج جي صرف احتياط ۽ پرهيز سان بغير ڪنهن دوا جي صحتياب ٿي سگهن ٿا، صرف هنن کي خوف نه ٿئي.
    بشڪريه عبرت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪاري ڪامڻ: قاتل بيماري

    ادا بهترين ونڊ آهي ۔ سنڌ ۾ به ڏاڍي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي۔ الله اوهان کي جزا خير ڏي ڪافي ڪارئتي ونڊ ڪئي اٿئو۔ مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو