جهاندادسمون
سينيئر رڪن
ڪمپيوٽر هن وقت هر گھر ۽ هر آفيس جي ضرورت آهي. هر شخص ڪمپيوٽر بابت معلومات پڙهڻ گھُري ٿو. هيءُ ڪتاب به ڪمپيوٽر جي باري ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ ڪمپيوٽر جي تاريخ کان وٺي ڪمپيوٽر جي بنيادي شين تائين سڀ ڪجھه سيکاريو ويو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ مائيڪروسافٽ ورڊ، مائيڪروسافٽ ايڪسل ۽ پاورپوائنٽ پڻ باتصوير انداز ۾ سيکاريا ويا آهن. هيءُ ڪتاب سنڌيءَ زبان ۾ ڪمپيوٽر جي متعلق پنهنجي نوعيت جو واحد ڪتاب آهي، ۽ سنڌين جي لاءِ هڪ غنيمت ئي چئبي. نهايت ئي سٺي انداز سان ڪمپيوٽر جي باري ۾ سيکاريو ويو آهي. محترم حبيب سنائي جي چواڻي ته:
”اڄ جو دور انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي. ان دور ۾ خواندگي جو معيار اهو آهي ته ماڻهو ڪمپيوٽر جو استعمال ڄاڻي ٿو يا نه. ان ضرورت جي پورائي لاءِ دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ اوهان کي ڪتاب ملندا. پر افسوس ڪو ڪتاب سنڌي ۾ نٿو ملي. انهي کوٽ جي پورائي لاءِ هي پيار جو پورهيو ڪيو اٿم.“
ڊئونلوڊ لائي هتي ڪلڪ ڪجو