• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جمالو ۽ ڪمالو ڪير هئا؟

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
بکر جي قلعي جي اولهه واري ڀت جي هيٺان کان ۽ ستين جي آستان جي بلڪل سامهون، دريا جي ڀرسان ڪنهن وقت ۾ هڪ ننڍڙي ٽڪري هئي، جتي ٻه قبرون جمالي ۽ ڪمالي جي نالن سان سڏبيون هيون. دريا جي مسلسل چاڙهه سبب قبرون ڊهي ختم ٿي ويون، باقي انهيءَ ننڍڙي ٽڪريءَ تي قبرن جي نشانن کي قائم رکڻ لاءِ رنگ برنگي جهنڊيون لڳل هونديون هيون. هاڻي ته دريا جي گهڻي لٽ سبب اها ٽڪري پورجي گم ٿي وئي آهي، باقي اتي ننڍو ٿلهو ٺاهي ان جو نشان قائم ڪيو ويو آهي. اها ٽڪري گهڻي وقت کان وٺي ”جمالي ۽ ڪمالي پير“ جي حوالي سان سڏجي ٿي. همايون بادشاهه جڏهن شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي 1540ع ۾ بکر جي ڀرسان ٻٻرلوءِ جي چار باغ ۾ تنبو تولان هڻي ويهي رهيو، انهيءَ وقت سنڌ تي مرزا شاهه حسن ارغون جي حڪومت هئي ۽ بکر جي قلعي تي سلطان محمود بکري جي گورنري هئي. همايون بادشاهه ٻٻرلوءِ ۾ ويهي بکر جي قلعي تي ڪيترائي حملا ڪيا پر ڪامياب نه ويو. جڏهن همايون بادشاهه سنڌ جي ڏڪار وارين حالتن ۽ اڪثر اميرن جي ڇڏي وڃڻ سبب تنگ اچي ويو ته هن در ٻيلي جي هڪ وڏي رئيس ارباب دائود کي پنهنجي مدد لاءِ لکي موڪليو ۽ واعدو ڪيائين ته جڏهن به هندستان جي حڪومت سندس هٿ ۾ ايندي ته درٻيلي جي سڄي جاگير ارباب دائود سهتي ۽ ان جي اولاد کي بخشش ۾ ڏيندو. آخر سنڌ ۾ ٻه سال رولڙي جو شڪار ٿيل همايون بادشاهه 1542ع مطابق 949 هجري ۾ پنهنجي ٿورن وفادار ساٿين سان سنڌ مان ڪوچ ڪري مڪي پاڪ وڃڻ جي ارادي سان ايران نڪري ويو. بکر جي علائقي مان جيئن ئي همايون بادشاهه روانو ٿيو ته پٺيان انتظار ۾ ويٺل مرزا شاهه حسن ارغون ٺٽي مان ٿيندو بکر روانو ٿي ويو ۽ بکر ايندي ئي همايون بادشاهه جي وفادار ماڻهن تي سختيون ڪرائڻ شروع ڪيائين. ”لبِ تاريخِ سنڌ“ وارو ليکڪ خدا داد خان لکي ٿو ته، مرزا شاهه حسن ارغون، ارباب دائود سهتي جي ٻن ڀائرن، جن جا نالا جمال ۽ ڪمال هئا ۽ همايون جي خير خواهن مان هئا، بُهه جي دير ۾ ۾ وجهرائي ساڙائي بکر جي قلعي جي خوني برج تان دريا ۾ اڇلايائين، جتي هو غرق ٿي ويا. قلعي جو خوني برج انهيءَ هنڌ هو، جتي هاڻي فوجي آفيسرن جا بنگلا آهن ۽ اهو خوني برج جمالو ۽ ڪمالو جي نشان مٿان هوندو هو ۽ انهيءَ هنڌ يعني بکر وٽ دريا جي ڪناري تي ننڍڙي ٽڪري آهي. هڪ ٻي روايت، حديقته الاولياءُ جي مهاڳ ۾ پير حسام الدين راشدي ”سادات بکر رضوي“ ۾ ”شجره سادات“ تصنيف 1261هه مطابق 1845ع ۾ ڄاڻايو آهي ته: سيد صدر الدين شاهه بکر واري کي سيد علي لڪياريءَ جي نياڻيءَ مان چار پٽ ٿيا، جن جا نالا، سيد تاج الدين، سيد قطب الدين، سيد ڪمال الدين ۽ سيد جمال الدين هئا، ڪي مقامي ماڻهو انهيءَ راءِ جا آهن ته اهي سيد صدر الدين جي اولاد مان آهن، جيڪي بي اولاد گذاري ويا. اها تاريخي حقيقت آهي ته انهيءَ ننڍڙي ٽڪريءَ تي ٻه تربتون ”جمالي ۽ ڪمالي“ جي نالي سان هيون، جيڪي مون ننڍپڻ ۾ ڏٺيون هيون. تاريخ جي ڄاڻن ۽ قديم آثارن جي ماهرن کي عرض آهي ته اهي انهيءَ پوريل ماڳ جي کوٽائي ڪرائين ته جيئن زمين دوز تاريخ ظاهر ٿي پئي ۽ سکر هڪ ٻئي تاريخي ماڳ جي حوالي سان سامهون اچي.


شوڪت خواجائي/سکر
 
Back
Top