ادا مونکي مھرباني ڪري ٻڌائيندا ته hp deskjet 3535 printer ڪيئن انسٽال ڪجي۔ انسٽاليشن جو طريقو وضاحت سان ٻڌائيندا۔ڇا انسٽاليشن کان پھرين ڊرائيورس به انسٽال ڪرڻا پوندا۔ مھرباني ڪري ان جو به طريقو ٻڌائيندا۔ اھو توھان کي وضاحت سان ٻڌائيندو ھلان ته مون وٽ انسٽاليش يا ڊرائيورس جي ڪاب سي ڊي موجود ن آھي۔ ساٿ سلامت۔
جواب: پرنٽر انسٽال ڪرڻ ادا هي وٺو توهان جي پرنٽر جي لاءِ ڊرائيور ۽ سافٽ ويئر جو لنڪ۔۔۔۔۔۔۔ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔
جواب: پرنٽر انسٽال ڪرڻ ادا توھان جي ڏنل لنڪ تي عمل ڪري فائيل ڊائونلوڊ ڪيم۔ ھاڻي انھي فائيل کي انسٽال ڪرڻ سان پرنٽر انسٽال ٿي ويندو يا اڃا ٻيو ڪجھ ڪرڻو پوندو۔ ادا ھن فائيل جي انسٽاليشن سي ڊرائيو ۾ ڪرڻي پوندي يا ڪنھن ٻي ڊرائيو ۾ ب ڪري سگھون ٿا۔وڌيڪ رھنمائي ڪندا ت توھان جو احسان رھندو۔ ساٿ سلامت۔
جواب: پرنٽر انسٽال ڪرڻ سلام سائين ، سڀ کان پهريائين ته توهان ادا مست جي ڏنل لنڪ تان ڊرائيور ڊائونلوڊ ڪريو ، جڏهن ڊرائيورس ڊائونلوڊ ٿئي وڃن ته پو۽ ٻئي نمبر تي پرنٽر کي ڪمپيوٽر سان ڪيبل جي ذريعي ڪنيڪٽ ڪريو پرنٽر کي آن ڪريو ۽ بسم الله ڪري ڊرائيورس کي انسٽال ڪريو ڊرائيورس آٽوميٽڪ سي ڊرائيو ۾ انسٽال ٿيندا آهن اها لوڪيشن تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجو ڊرائيورس سافٽ ويئر توهان کي وڌيڪ پاڻ ئي ڊائريڪشن ڏيندو هلندو . اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿئي ويندو مهرباني سدائين گڏ
جواب: پرنٽر انسٽال ڪرڻ ادا ڦلپوٽا توھان جي رھنمائي جي وڏي مھرباني۔ھينئر ئي توھان جي ڏسيل طريقي تي عمل ڪيان ٿو ۔وڌيڪ توھان کي سڀاڻي احوال ڏيندس ته ڇا ٿيو۔ اميد آھي ته ڪم ٿي ويندو ،نه ته پوء به توھان ويٺا آھيو۔مھرباني ڪري اسان غريبن کي وسارجو نه۔ سدائين گڏ۔