اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا دوستو اميد آهي ته توهان سڀ ٺيڪ ٺاڪ هوندا دوستو توهان جيڪڏهن اهو ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته توهان جي موبائيل اصلي ڪمپني جي آهي يا نقلي ڪمپني جي ته توهان پنهنجي موبائيل مان هيٺ ڄاڻايل نمبر ملائي تصديق ڪري سگهو ٿا #06#* هي نمبر ملائي ڪري سائي بٽن کي دٻايو ته توهان جي سامهون International mobile equipment identity number ايندو پو۽ ان جو ستون ۽ اٺون نمبر چيڪ ڪيو جيڪڏهن اهو 02 يا 20 آهي ان جو مطلب آهي ته توهان جي فون Emirates جو ٺهيل آهي جيڪو تمام خراب ڪوالٽي جو آهي جيڪڏهن ستون ۽ اٺون نمبر 08 يا 80 آهي ته ان جو مطلب آهي ته توهان جي فون Germany جي آهي جيڪا هڪ سٺي ڪمپني آهي جيڪڏهن ستون ۽ اٺون نمبر 01 يا 10 آهي ته توهان جي فون Finland جو ٺهيل آهي جيڪا پڻ هڪ سٺي ڪمپني آهي جيڪڏهن ستون ۽ اٺون نمبر 13 آهي ته ان جو مطلب آهي ته توهان جو فون Azerbaijan جو ٺهيل آهي جيڪا هڪ تمام ڪريل ڪمپني آهي جيڪڏهن ستون ۽ اٺون نمبر 00 آهي ته ان جو مطلب آهي ته توهان جي فون اوريجنل ڪمپني جي ٺهيل آهي ان جو مطلب ته توهان جي فون سٺي بهترين ڪوالٽي جو آهي . دوستو جيڪڏهن مون جي هي ٿريڊ توهان کي وڻي ته ٻيلي ريپلائي ضرور ڪجو دعائن ۾ ياد sindhsalamatsaathsal
واه فقير واه يار توهان منهنجي موبائيل کي اصلي بڻائي اسل قيمت وڌائي ڇڏي هاڻي مان هن 1000 ۾ اصل نه وڪڻندس
پر ادا وحيد ڦلپوٽا جن وٽ (اسان جهڙن) وٽ موبائل ئي نه هُجن ته پوءِ ؟ يقينن تون اهو جواب ڏيندين ته پوءِ آسمان جي طرف آڱرين سان جيڪي ڪوڊ نمبر توهان لکيا آهن لکي جواب تلاش ڪريو، جيڪڏهن ٻار کلن ته سمجهو وڃي ته اڃان ڪچو چريو آهي، جيڪڏهن عورتون کلن ته سمجهيو وڃي ته چريائپ جو رنگ اڃان تازو تازو چڙهي پيو ۽ جيڪڏهن پڪن پوڙهن سميت راهه ويندڙ چريا ڀي ان تان کلن ته پوءِ سمجهيو وڃي ته هاڻي اُن کي ايدهي جِي ڪراچيءَ واري چرين واري اسپتال جي ضرورت آهي۔ آئي ڳالهه سمجهه ۾ يا نه ادا وحيد ڦلپوٽا۔؟؟ ؟ ! !
تمام زبردست فقير سائين، توهان جو ڏسيل ڪوڊ ڊائل ڪرڻ کان پوءِ هيٺيان نمبر ٿا ظاهر ٿين: Imei: 358824010045814 Imeisv: 78 Imei: 135790246811220 هاڻي ٻڌايو ته منهنجي موبائيل ڪهڙي ڪمپنيءَ جي ٺهيل آهي.