محمود مغل اڀي ٿيل ترين تي، پيرن جو دٻاءُ وڌي ويو هيو، هڪڙي نوجوان جي طاقت گهٽ ٿي ته سٽ ڏئي ٻيو همراهه مدد لاءِ اڳيان اچي ويو هو. ٻنهين گڏجي، ويل اسٽاپرز (Wheel Stoppers) جي هڪ حصي کي، ڪنڊ کان دٻاءُ وڌو. ڦيٿي جي اڳيان نڪرڻ لاءِ جاءِ ٺهي هئي... ان وٿيءَ مان، اسپرنگ جيان دٻايل تيرن وارو هڪ ويل اسٽاپر هيٺ هوندي، موٽر سائيڪل جو اڳيون ڦيٿو نڪتو ۽ ان کان پوءِ پٺيون... هڪدم پريان بيٺل همراهه به پنهنجي پوئين نشست سنڀالي ۽ گاڏي ذوڪاٽ ڪري اڳتي رواني ٿي وئي... ويل اسٽاپر جو اسپرنگ نرم ٿي چڪو هو.... هڪ ئي قطار ۾ لڳل، تقريباً ارڙنهن اسٽاپرز ۾ اهو پهريون هيو، جنهن جو قد ڪاٺ ننڍو ٿيو هو. ڀيڙ سان ڀريل ان رستي تي، ڄڻ شرمساري سندس مقدر بڻي هئي. تمام سولي ڳالهه آهي صاحبانِ زمانه....طويل سفر ۾، رستو همقدم هوندو آهي. شاهراهه جي سهوليت ميسر هجي ته سفر جي ڏکن ڏاکڙن ۾ ڪمي اچي ويندي آهي. هاڻي انهن رستن جي تعمير، جڏهن شهرن ۾ ٿئي ٿي ته ٽريفڪ جي دٻاءَ کي ڏسندي الاءِ ڪيتريون گهٽيون ۽ ڪيترا دڳ اهڙا هوندا آهن جتي ٻنهين پاسن کان اچڻ وڃڻ، مشڪلات جا سبب پيدا ڪندو آهي. مطلب ٻنهين طرفن کان جي ٽريفڪ هلي، ته سوڙهه ٿيندي آهي. جئم ٿيندوآهي.... ۽ الاءِ ڪيترا انتظار جا پل، پلئه پوندا آهن... اڳي، ان زحمت کان بچڻ لاءِ، روڊ جي ابتدا ۾ ئي هڪڙو سائين بورڊ يا اشارو، ٽريفڪ وارن جي پاران لڳايو ويندو هو، جنهن تي ”هڪ طرفي ٽريفڪ“ جي اجازت هوندي هئي. عقل جا صاحبَ، جيڪي قانون سان گهڻي محبت ڪندا آهن، بنان پرواهه جي اها نشاني ”اڻ ڏٺي“ ڪري ڇڏيندا هئا. نتيجو... اهو ئي ڪڏهن حاصل ٿيندڙ، ”لاحاصل انتظار“... هاڻي ان سڄي فساني کي سمجهي، دور جديد ۾، ويل اسٽاپرز ايجاد ڪيا ويا آهن... زمين کان تقريباً 45 ڊگرين جي زاوئي تي، آسمان ڏانهن اڀا ٿيندڙ اهي ”منع نامه“... جنهن طرف ٽريفڪ جو رخ ڪرڻو هجي، ان طرف جهڪيل هوندا آهن... گاڏي مٿان لنگهندي آهي ته ٽائر جي وزن سان،، اسپرنگ دٻجي ويندو آهي ۽ رستي مٿان لنگهندڙ گاڏي هڪ ڪَرو مٿاڇرو محسوس ڪندي آهي، ٽائرن جي گذري وڃڻ کان پوءِ، حالتن ۾ سخت اسپرنگ وري ڇڪجي اڀو ٿي ويندو آهي... رخ وري به اهو مٿانهون هوندو آهي. هاڻي ان حالت ۾، جي مخالف طرفان ڪا گاڏي اچي ته، اُڀا ٿيل، نوڪدار اسٽاپرز ٽائرن کي ڦاڙڻ جي طاقت رکن ٿا...بتدا ۾، اهو سڀ حسين لڳو هيو، پر پوءِ صاحبانِ زمانه کي، جڏهن ”شارٽ ڪٽ“ جي يادگيري اچي وئي ته سنگت ڄڻ پوري ڌوم ڌام سان ميدان تي لهي آئي. ڪير ٿو ”وَن وي“ ڏسي... ڪنهن وٽ ايترو وقت آهي جو انهن سڀني شين تي سوچي...! نتيجو اهو نڪتو آهي جو خالي حيدرآباد جو ئي مثال وٺو، تلڪ چاڙهيءَ تي سري گهاٽ کان نڪرندڙ ٽريفڪ، جنهن کي گهمي، اچي وري سرفراز چاڙهيءَ کان چڙهڻو هوندو آهي، چرچ کان ٿورو اڳيان، روڊ تي لڳل اهي اسٽاپرز مُڏا ڪري، سڌا ڪري ڇڏيا... راحت سئنيما واري گهٽي، جيڪا، عباسي اسپتال وٽان، لجپت روڊ تي ملي ٿي، اسٽاپرز جي شڪل ئي مٽائي وئي... مٿان وري جڳ مشهور مجيد سنز وٽ لڳل، انهن منع نامن مان ڪو هڪڙو حيات آهي، نه ته سڀئي سڌا ٿي چڪا آهن... هي سڀ اسين ڇا ٿا ڪيون، معزز خواتين و حضرات... ارڙهن فٽ يا ٻاويهه فٽ ويڪري روڊ پنجويهن کان ٽيهن تائين جڏهن اهو سڀ لڳايو وڃي ٿو ته ٺيڪ ٺاڪ بجيٽ خرچ ٿئي ٿي... هلو ڀلا... اسين کڻي اهو به مڃون ٿا ته اهو حڪومت جو فرض آهي، ته اهڙا خرچ ڪري ته ڀلا اهو ته سوچيون ته اهو خرچ ڪنهن جي لاءِ ڪيو پيو وڃي؟... ڪيترين مشڪلن مان اسين رڳو، ان هڪ قانون کي مڃي نڪري سگهون ٿا... ڇا ٿي پيو جي رستو طويل ٿي ويو... وقت جي ”عرق ريزي“ ته گهٽ ٿيندي...ڪجهه ئي ڏينهن ٿيا، ماڊل اسڪول کان اڳيان، ڪورٽ ۽ نيشنل بئنڪ واري روڊ تي، وچ ۾ رڪاوٽون لڳايون ويون، ڇاڪاڻ ته ٽريفڪ جو دٻاءُ بيحد گهڻو هو. ٽريفڪ وارن وٽ سامان پورو سارو هو. هنن لوهه جا ڪجهه اينگلار پاڻ ۾ جوڙي رکڻ چاهيا، پر جاءِ وڌيڪ هئي... هنن... اهي ٿورو پرڀرو ڪري رکيا ۽ انهن جي وچ ۾، اسڪوائش ٽئپن سان، ڏورين وانگر ٻڌي، وٿي بند ڪري ڇڏي، هاڻي روڊ کان تقريباً ٽن فٽن جي اونچائيءَ تي، ۽ وري هيٺ، فٽ جي اونچائيءَ تي، اهي ٻئي ڏوريون ٻڌل هيون... سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو هو... منهنجي نگاهه پاڻ کان ٽي گاڏيون اڳيان ويندڙ هڪ ”عالي مرتبت“ گاڏيءَ تي پئي، جيڪا ساڄي طرف جو انڊيڪيٽر ڏئي رهي هئي. سمجهه ۾ نه آيو ته اها ڪيئن مڙندي، جڏهن ته رستو بند هيو... وڏي اطمينان سان، هڪ صاحب گاڏيءَ مان نڪتو، هٿن ۾ ڪئنچي هئس... محبت ۽ چاهه سان هن ڏوريون ڪٽيون، گاڏيءَ ۾ ويٺو ۽ پيدا ٿيل خال مان، ساڄي پاسي گاڏي موڙي ورتائين...ستم ظريفي هڪ اها به ٿي جو، سامهون کان به ٽريفڪ پئي آيو، هن طرف کان ته هن جان ڇڏائي، سامهون وارن کي لائٽون وغيره هڻي، بس گهڙي پيو... ٻه ٽن منٽن جي ڳالهه ۾ ويهه منٽ لڳي ويا.. هو اڪيلو نه نڪتو هيو، گهر جي ڪچي ڀت ڪري، گذرگاهه ٺاهي وئي هئي. زندگيءَ جي هن هڻ وٺ ۾ عزيزانِ مَن سوچ جا الاءِ ڪيترا دائرا طويل ٿين ٿا...اڃان ڪجهه مهينا پهرين، اسان، ٻوڏ جهڙي صورتحال مان نڪتا آهيون... سردي آهي ته الاءِ ڇا پئي ٿي ياد ڏياري... ڇا، اسان کي پنهنجي سوچ جو سادگي سمجهه ۾ نه ٿي اچي؟ اسين، ڇو نه ٿا اصولن جي سوچ ڪيون...؟ ڇو نه هن معاشري ۾، سٺن قدرن جي اهميت کي هنئين سان هنڍايون...! اسين ڇو ٿا ائين سڌن رستن کان ڪترايون؟ سهولت کي زحمت ۾ تبديل ڪندي، اسين ڪهڙا سلا پوکي رهيا آهيون! حياتيءَ ۾ ”اجازت“ به ڪمال هُنر آهي، عزيزانِ مَن... عنايت ٿيندي آهي ته الاءِ ڪيترا بار لهي پوندا آهن... ننڍڙي هوندي، جڏهن مائٽ اجازت ڏئي ته الاءِ ڪيترا ڪلها آجپو محسوس ڪندا آهن... وڏو ٿي به، جيڪي ان فيض جي لطف کي سمجهن، تن لاءِ حياتي ڏاڍي سولي ٿي پوندي آهي... حياتيءَ جي هر ميدان ۾، اجازت جو پنهنجو وزن هوندو آهي، جي ٽريفڪ وارا اجازت نه ٿا ڏين ته ان تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي ته آخر اهو سڀ ائين اجايو ته نه هوندو هو...!حياتي مثبت ۽ منفي سوچن جي وچ ۾ سفر ڪندي آهي، عزيزانِ مَن... زندگي جڏهن سبق سکندي آهي ۽ سمجهه جا دائرا، اندر ۾ ڪٺي ٿيل تجربن جي پاڻيءَ ۾ ارتعاش پيدا ڪندا رهندا آهن، ته اسين اهڙا اڻ ڏٺل ويل اسٽاپرز، پنهنجي اندر ۾ جوڙي رکندا آهيون، غلط سوچ آئي ناهي... رستي جي غلط چونڊ ٿي ناهي ۽ آٽوميٽڪلي اهو خيال پنڪچر ٿيو ناهي... اها انهن منع نامن جي مهرَ هوندي آهي جو اندر جي ٽريفڪ ۾ ڪو حادثو نه ٿي سگهندو آهي... هاڻي جڏهن ان ڳالهه کي ائين سمجهون ٿا ته پوءِ حياتيءَ ۾، انهن رڪاوٽن جي، جيڪي جائز آهن، سوچ ڇو نه ٿا رکون...! اچو...ٻئي جي سفر مان نڪرون ٿا، غلط ڪارين جي جهان ۾، گهٽ ۾ گهٽ، ڪنهن عام منع نامي تي لت رکي، غلط رخ ۽ سمت ۾، ڪنهن جي سواريءَ جي سفر ۽ سامهون وارن لاءِ ايندڙ مصيبت جو حصو نه ٿا بڻجون... اچو... ويل اسٽاپر ۽ ويلَ... ٻنهين جي عزت سلامت ٿا رکون ۽ قانون کي خراج ڏيون ٿا.