اڳڪٿي ڪيل ايندڙ ٻوڏ ۾ سنڌ ٻڏڻ کان بچي سگهندي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    محمد ادريس راجپوت
    [​IMG]

    ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي پکي ڪنهن آباد ٻنيءَ ۾ آکيرو ٺاهيو، ڪجهه وقت کانپوءِ اتي آنا ٿيا، جن مان ٻچا ڦٽي آيا. پکي صبح سان ٻچن لاءِ داڻي چوڳي جي ڳولا ۾ نڪري ويندو هو ۽ شام جو موٽندو هو. هڪڙي شام جڏهن موٽيو ته ٻچن ٻڌايو ته ٻنيءَ جو مالڪ آيو هو ۽ ٻني لڻڻ جي ڳالهه پئي ڪيائين، سو اسان کي هتان نڪرڻ کپي. پکيءَ پڇيو ته، مالڪ لڻڻ جو ڪهڙو پروگرام پئي ٻڌايو؟ هنن چيو ته، هو پنهنجي ماسات کان مدد وٺڻ جي ڳالهه پيو ڪري. پکي چيو ته ”چپ ڪري ويٺا رهو“. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري ٻچن ٻڌايو ته مالڪ آيو هو، ۽ ماسات بدران پنهنجي ڀاءُ کان مدد وٺڻ جو چئي رهيو هو، تنهن ڪري هاڻي اسان کي اتان لڏڻ کپي. پکي ٻچن کي چيو ته ”ڳڻتي نه ڪريو، اتي ئي ويٺا رهو“. ڪجهه ڏينهن گذريا ته وري ٻچن پکيءَ کي ٻڌايو ته مالڪ آيو هو ۽ ٻني لڻڻ جي ڳالهه پئي ڪيائين. پکي پڇيو ته ”ڇا پئي چيائين؟“. ٻچن ٻڌايو ته مالڪ چوي پيو ته ”ماسات به مدد نه ڪئي، ڀاءُ به مدد کان لنوائي ويو، هاڻي مان سڀاڻي پاڻ اچي ڪم شروع ڪندس“. پکيءَ ٻچن کي چيو ته، ”اسان کي اڄ ئي هِتان نڪرڻ کپي جو مالڪ هاڻي پنهنجي مڙسيءَ تي اچي ويو آهي“.
    ڪاوش جي 28 جنوري 2011ع جي هڪ اخبار مطابق پنجاب جي ايڊيشنل سيڪريٽري آبپاشي خالد قريشي ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته ”اسان کي وفاق کان رپيو به نه مليو آهي. اسان پنجاب حڪومت کان مليل 3 ارب 20 ڪروڙ رپين مان 80 سيڪڙي تائين ڪم مڪمل ڪيا آهن. اهم نوعيت جا سڀ منصوبا سئو سيڪڙو مڪمل ڪيا آهن“. ٻئي پاسي سنڌ جي حالت شاعر غالب مطابق هن ريت آهي:
    بنا ڪر فقيرون ڪا هم بهيس غالب
    تماشا اهلِ کرم ديکهتي هين
    جن مڙسي ڪئي، سي ڪامياب ٿيا ۽ ايندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. شاهه صاحب مطابق:
    گهڙ يا سي چڙهيا، ائين اٿئي،
    مئي متي مهراڻ ۾ پوءِ ٽپو ڏئي،
    ته ساهڙ ملئي، سانڀوڙو نيڻاهه سين!
    اسان ٻين ڏي مدد لاءِ واجهائي رهيا آهيون، جڏهن اها ملندي ته پوءِ ڪم شروع ڪنداسين. پوءِ کڻي ڪم ڪرڻ لاءِ ٽائيم بچي يا نه. گذريل سال واري مها ٻوڏ ۾ بندن کي ٻن طرح جا نقصان پهتا. هڪڙو کنڊ پيا، ٻيو هوا جي ڇولين ڪري بند کائجي ويا. انهيءَ کان علاوه ڪن هنڌن تي پاڻي جي ليول وڌ ۾ وڌ رڪارڊ ٿيل ليول کان وڌي وئي، جنهن ڪري انهن بندن کي مٿي ڪرڻو آهي ته جيئن ڇهه فوٽ فري بورڊ ٿئي. يعني بند جي ٽاپ وڌ ۾ وڌ رڪارڊ ٿيل ليول کان 6 فوٽ مٿي هجي. آبپاشي کاتي وارن 16-ارب رپين جون 76 اسڪيمون انهيءَ ڏس ۾ ٺاهيون آهن. هر ڪنهن ڪم لاءِ منصوبا بندي کپي ته ڪهڙو ڪم وڌيڪ اهم آهي. بندن جي ڪمن ۾ پهريون اهم ڪم اهو آهي ته جتي بند ٽُٽا آهن، اهي اصل حالت ۾ آندا وڃن. ٻئي نمبر تي اهم ڪم اهو آهي ته جتي هوا جي ڪري پيدا ٿيل ڇولين ڪري جيڪي بند ڪٽجي ويا آهن، انهن کي اصل حالت ۾ آڻجي ۽ ٽيون ڪم اهو ته فري بورڊ 6 فوٽ ڪرڻ لاءِ بندن کي مٿي ڪجي.
    بندن جي لاءِ پئسا ڏيڻ فيڊرل ڪميشن معرفت وفاقي حڪومت جو ڪم آهي، پر وفاقي حڪومت جي مالي پوزيشن ڪمزور آهي. ان سلسلي ۾ چيف منسٽر صاحب وزير اعظم کي ڪيترا خط لکي چڪو آهي. تازو اهو مامرو سنڌ جي گهرو وزير جناب ذوالفقار مرزا پير سائين پاڳاري جي ڌيان تي آندو. 28 جنوري تي جڏهن وزير اعظم يوسف رضا گيلاني پير سائين پاڳاري سان ملڻ ڪنگري هائوس آيو ته پير سائين اهو معاملو سندس ڌيان تي آندو. پير صاحب چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ ۾ تباهه ٿيل بندن ۽ آبپاشي سرشتي جي بحاليءَ لاءِ 16 ارب رپين مان هڪ رپيو به جاري نه ڪيو آهي. جيڪڏهن سنڌو درياهه جي ساڄي کاٻي ٻنهي پاسن جي بندن کي سگهارو نه ڪيو ويو ته ايندڙ امڪاني ٻوڏ ۾ وڌيڪ تباهي ايندي. درياهه جي ٻنهي پاسن جا بند مضبوط ڪرڻا پوندا، نه ته ڪو هڪ پاسو به ڪمزور رهجي ويو ته نقصان ٿي سگهي ٿو. هن وزير اعظم کي چيو ته رقمون جاري ڪرڻ لاءِ هو پنهنجو ڪردار نڀائي. جنهن تي وزيراعظم چيو ته پئسا جاري ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار جي ناڻي واري وفاقي وزارت ۽ فيڊرل فلڊ ڪميشن سان ڳالهائيندو.
    اسان وٽ ٻوڏ جو پاڻي جون ۾ اچڻ شروع ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري بند جا ڪم مئي تائين پورا ٿيڻ کپن. خاص طرح ڀڳل بند ۽ اهي جايون، جيڪي تمام سنگين (Critical) آهن. انهيءَ ڏس ۾ سنڌ جي آبپاشي کاتي اڍائي ارب رپيا گهريا آهن. هڪ ارب کنڊ پيل بندن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ۽ ڏيڍ ارب تمام خراب بندن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ. 30 جنوري تي چيف منسٽر سنڌ سکر ۾ چيو ته، ”سنڌ ۾ بندن جي مرمت ڪرائڻ جي سلسلي ۾ مون وزير اعظم سان ڳالهايو ۽ مطالبو ڪيو ته اسان کي ايندڙ مئي مهيني کان اڳ سمورا بند مضبوط ڪرڻا آهن. صدر آصف علي زرداري به ان سلسلي ۾ دلچسپي ورتي آهي. جيستائين وفاق فنڊ جاري ڪري ان کان اڳ اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت بندن جي مرمت جو ڪم ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ شروع ڪرايون پيا. فنڊ به جاري ڪيا ويا آهن. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سينئر صوبائي وزيرن تي ٻڌل نگران ڪميٽي به جوڙي آهي“.
    ٻئي پاسي صوبائي وزير ڄام سيف الله ڌاريجي صاحب چيو ته ”منهنجي ڪجهه ڏينهن اڳ صدر آصف زرداري سان ملاقات ٿي هئي، جنهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي بندن جي مرمت لاءِ رقمون جلد جاري ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن. جنهن تحت جلد بندن جو ڪم شروع ڪيو ويندو. ٽوڙي بند تي ڪم شروع ناهي ٿيو. اسان کي احساس آهي ۽ اسان اهو سمجهون پيا ته اسان وٽ اڃا بندن جي مرمت لاءِ ٽائيم آهي. سٺي ساک رکندڙ ٺيڪيدارن کان بندن جو ڪم ڪرايو ويندو“.
    مٿيون ته هيون ڳالهيون ۽ اخباري نمائندن کي ڏنل بيان. اچو ڏسون ته ڇا ٻوڏ اچڻ کان اڳ ٽٽل بند ۽ تمام خراب بند صحيح نموني ۾ ٺهي سگهندا. انهيءَ لاءِ بچيل وقت، صحيح ٺيڪيدارن کي ڪم ڏيڻ ۽ صحيح نگراني ۽ مانيٽرنگ اهم آهن.
    (1) ڪم ڪرڻ لاءِ بچيل وقت:
    جنوري جو مهينو پورو ٿي ويو، اڃان ٽينڊر نه ڪيا ويا آهن. فيبروري جو مهينو ٽينڊر ڪرڻ ۽ ڪم ڏيڻ ۾ لڳي ويندو. جيڪڏهن تمام گهڻي تڪڙ ڪن ته به سرزمين تي ڪم پهرين مارچ کان اڳ ۾ شروع نه ٿي سگهندو. جيڪڏهن ڪم مئي ۾ پورو ڪرڻو آهي ته ڪم لاءِ ٽي مهينا بچن ٿا. ٽن مهينن ۾ مختلف جڳهن تي کنڊريل ڪم صحيح نموني ۾ نه ٿي سگهندو. ڪئنالن جا کنڊ بند ڪرڻ جي چيڪنگ لاءِ مقرر ٿيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي ڪميٽي جي چيئرمين شاهه صاحب اخبار ۾ بيان ڏنو آهي ته، کنڊ بند ڪرڻ وارا ڪم صحيح نموني ۾ نه پيا ٿين. جڏهن جن ڪمن لاءِ ٽائيم آهي، انهن جا ئي ڪم صحيح نٿا ٿين ته جتي ٽائيم جي گهٽتائي آهي ۽ ڪم تمام گهڻا اهم آهن، اتي صحيح ڪم ڪيئن ٿي سگهندا ۽ جيڪڏهن صحيح نه ٿي سگهندا ته ملڪ ٻڏڻ کان ڪيئن بچي سگهندو؟ جيڪا تباهي ۽ بربادي گذريل سال آئي آهي، انهيءَ جي ٻيهر ٿيڻ جو اسان سوچي به نٿا سگهون.
    (2) صحيح ٺيڪيدارن کي ڪم ڏيڻ:
    اسان وٽ ڪم سفارشن ۽ پيسي جي ڏيتي ليتي جي خيال سان ڏنا ويندا آهن. انهيءَ ۾ اهو نه ڏٺو ويندو آهي ته صحيح ۽ ڪم وارو ٺيڪيدار ڪهڙو آهي، ان جي مالي حالت ڪهڙي آهي، ان وٽ مشينري گهڻي آهي؟ هو ڪيترو ذميوار آهي؟ جيڪڏهن اهي ڪم به ائين ڏنا ويا ته ملڪ جو الله واهي!
    (3) صحيح سپروين ۽ مانيٽرنگ:
    ٺيڪيدار ڌنڌي وارو ماڻهو هوندو آهي، هو پئسا ڪمائڻ لاءِ ڪم ڪندو آهي. انهيءَ ۾ هو Specification مطابق ڪم کان لنوائيندو آهي. جيڪڏهن سورنهن آنا صحيح ڪم ڪندو ته بچت نه ٿيندي. وري هن کي فني مهارت به مڪمل نه هوندي آهي. جيڪڏهن سورهن آنا صحيح ڪم ڪرڻ به چاهي ته به فني ڄاڻ جي گهٽتائي ڪري ڪم سورهن آنا صحيح نه ڪري سگهندو. انهيءَ جي ڪم جي چيڪنگ ضروري آهي، جيڪا هڪ اڻ ڌريو ماڻهو ڪري سگهندو. پهرين اهو ڪم آبپاشي کاتي وارا ڪندا هئا. پر ڪميشن وٺڻ جي وهنوار ۽ سيونگ رکڻ جي خرابيءَ کانپوءِ ٺيڪيدار ۽ آبپاشي جو عملو هڪ ٿي ويا آهن. جنهن ڪري ڪمن جي چيڪنگ ۽ سپروين صحيح نٿي ٿئي. انهيءَ لاءِ هاڻي خودمختيار ڪنسلٽنٽ رکڻا پون ٿا. جيڪي اسپيسفڪيشن مطابق ڪم ڪرائڻ ۾ ماهر هوندا آهن. انهن جي چيڪنگ کانسواءِ ٺيڪيدار جا بل پاس نٿا ٿي سگهن. اڃا سنڌ سرڪار بندن جي چيڪنگ لاءِ ڪو ڪنسلٽنٽ مقرر نه ڪيو آهي. قاعدي مطابق ڪنسلٽنٽ مقرر ڪرڻ ۾ به گهٽ ۾ گهٽ مهينو لڳندو. مون کي اهو چوندي ڏک ٿو ٿئي ته سنڌ سرڪار جي ديڳ دير سان گرم ٿئي ٿي، يعني وقتائتا فيصلا ڪري انهن تي عمل ڪرائڻ ۾ ٽائيم وٺن ٿا، جڏهن ته وقت گذرڻ کانپوءِ اهي فيصلا پنهنجو اثر هونءَ ئي وڃائي ويهن ٿا. انگريزي ۾ چوندا آهن ته: “Time and tide wait for none” يعني وقت ۽ ڇولي ڪنهن جو انتظار نٿا ڪن. مثال طور ٻڌائيندو هلان ته هن سال ٻوڏ ۾ خيرپور ناٿن شاهه جوهي برانچ کي دير سان کنڊ هڻڻ ڪري ٻڏو. جيڪڏهن اڳ ۾ جوهي برانچ کي کنڊ هڻن ها ته سپريو بند تان پاڻي جو دٻاءُ گهٽجي وڃي ها ۽ سپريو بند نه ٽُٽي ها ۽ خيرپور ناٿن شاهه ٻڏڻ کان بچي وڃي ها. پشتو ٻوليءَ ۾چوندا آهن ته، ”عيد کانپوءِ ميندي هڻڻ جو ڪهڙو فائدو.“ يعني عيد کان اڳ ميندي هڻبي آهي، عيد کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ميندي هنئي ته ڪير ڏسندو؟ وري انگريزي ۾ چوندا آهن ته: ”وقتائتو هڪ ٽاڪو پوءِ جي نوَن ٽاڪن کان بچائي ٿو“. (A stitch in time saves nine). اسان کي ملڪ کي ٻڏڻ کان بچائڻ واسطي ٽٽل بندن کي ايندڙ ٻوڏ کان اڳ ٺاهڻو آهي، جنهن لاءِ ٽائيم ٿورو بچيو آهي. جيڪڏهن جلد صحيح فيصلا نه ڪيا ويا ۽ انهن تي صحيح نموني ۾ عمل نه ڪرايو ويو ته ايندڙ وڏي ٻوڏ هن سال کان وڌيڪ خراب هوندي. منهنجون سنڌ سرڪار کي هيٺيون گذارشون آهن.
    (1) يڪدم انجام ڪيل هڪ ارب رپيا رليز ڪيا وڃن.
    (2) يڪدم ٽينڊر ڪري سٺن ۽ ڪم وارن ٺيڪيدارن کي ڪم ڏنو وڃي، ته هو اهي ڪم پهرين جون تي پورو ڪن.
    (3) ڪم ڏيڻ ۾ سياسي مداخلت کان پاسو ڪيو وڃي.
    (4) ٺيڪيدارن جي ڪم جي چڪاس لاءِ سٺي ساک وارا ڪنسلٽنٽ رکيا وڃن، جن جي سرٽيفڪيٽ کانسواءِ ڪنهن به ٺيڪيدار کي پئسا نه ڏنا وڃن.
    (5) ٽن سينئير وزيرن جي ٽيم وقت بوقت ڪم جو معائنو ڪري، فيلڊ وارن جون ڏکيائون دور ڪري، ۽ جيڪي صحيح ڪم نٿا ڪن، تن تي ايڪشن کڻي.
    جيڪڏهن مٿين نموني ۾ نيڪ نيتي ۽ سچائي سان ڪم ڪيو ويو ته مالڪ ڪندو ته ڪم به ٿي ويندا ۽ ٻي ايندڙ وڏي ٻوڏ کي منهن ڏئي سگهنداسين ۽ ملڪ ٻڏڻ کان بچي ويندو. انشاءَ الله!
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اڳڪٿي ڪيل ايندڙ ٻوڏ ۾ سنڌ ٻڏڻ کان بچي سگهندي؟

    ادريس راجپوت سنڌ جي پاڻي واري مسئلي تي تمام گهڻي ڄاڻ رکي ٿو

    سندس خيالن کي سنجيدگيء سان وٺي بهتر اپاء وٺي سگهجن ٿا ۔۔پر يار اهو ڪم اسان جي ادارن ۽ حڪومت جو آهي ، تون ۽ مان ڪجه نه ٿا ڪري سگهون
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اڳڪٿي ڪيل ايندڙ ٻوڏ ۾ سنڌ ٻڏڻ کان بچي سگهندي؟

    آءُ ٽوڙي بند جي ويجهو رهان ٿو، گذريل ٻوڏ ۾ به سڀ کان پهرين اسين ٻڏا هئا سون، هاڻ به (ٻوڏ پڪي آهي) جون ڳالهيون هت اسان وٽ هلن پيون، الله رحم ڪري.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو