مست
سينيئر رڪن
انسان ثقافت کي ڪيئن تخليق ڪيو؟
محمد ابراهيم جويوارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾، يورپ ۾ بادشاهن خلاف بغاوت جو سلسلو شروع ٿيو. ان وقت تائين ملڪ ٺهي راس ٿي چڪا هئا، جاگرافيائي حدبندين جو پڻ تعين ٿي چڪو هو. يورپ ۾. 1789ع ۾ فرينچ انقلاب جنم ورتو. انهيءَ کان اڳ انگريزن خلاف امريڪا ۾ بغاوت ٿي چڪي هئي. انهيءَ بغاوت جو بنياد ٻه شيون هيون- ٻولي ۽ ايراضي. انهيءَ بنياد تي امريڪين پاڻ کي قوم تصور ٿي ڪيو ۽ اُهي انگريزن جي حڪمرانيءَ ۽ عملداريءَ خلاف اٿي کڙا ٿيا، جنهن ۾ سوڀارا ٿيا. فرينچ انقلاب يورپ مان جاگيرداريءَ جي پاڙ اکوڙي ڇڏي، هيڻن پنهنجي سگهه، همت ۽ حوصلي سان ظالمن سان، ڏاڍن سان ويڙهه ڪئي ۽ ڪامياب ٿيا. فرينچ انقلاب جا به بنيادي محرڪ ٻولي ۽ ايراضي رهيا. انهيءَ انقلاب وسيلي يورپ، هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيو. اتي جديد نمائندگي يا عيوضائپ واري جمهوريت جا بنياد پيا ۽ اها انساني ارتقا جي تاريخ ۾ ۽ پڻ انسان جي فڪر جي اوسر جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏي ڪاميابي ۽ سوڀ هئي. هيڻن پهريون ڀيرو پنهنجي حقيقي انساني ۽ سماجي حيثيت مڃائي. انهيءَ انقلاب کان پوءِ قومي رياستن (Nation States) جو تصور پيدا ٿيو. ۽ قوم جي ترڪيبي جزن ۾ ٻولي ۽ ايراضيءَ کي بنيادي ۽ لازمي حيثيت ڏني ويئي، ان کان سواءِ ڪي ثانوي ترڪيبي جزا به هئا. پر اتي قومي رياستن ۽ قومن جي بناوت مان ڌرم جي عنصر کي ٻاهر رکيو ويو. انهيءَ ڏس ۾ يورپي ماڻهن کي ڪليسا جي ڏاڍ ۽ جبر جو هڪ وسيع تجربو پڻ هو. بهرحال واقعو هيئن ٿيو ته بادشاهتن ۽ سلطنتن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو ۽ عام خلق پنهنجو عوامي راڄ قائم ڪيو. يعني جمهوريت جو دؤر آيو. يعني بادشاهي ۽ جاگيرداري دؤر کي ڊاهي، ختم ڪري، ڪنهن ايراضي ۾ رهندڙ ماڻهن، ”هڪ وطن“ جي حيثيت ۾، ”هڪ ٻولي“ جي ڳالهائيندڙن جي حيثيت ۾، گڏ ٿي، ڌرم کي قومي دائري کان ڪڍي، ان کي شخصي آزادين جي خاني ۾ رکي، پنهنجو راڄ، ”پنهنجي مرضيءَ“ سان لاڳو ڪيو. انهيءَ انقلاب کان پوءِ اتي ڌرم جي انساني اتحاد، برابري ۽ برادريءَ ۾ ڪا گهڻي گهرج محسوس نه ڪئي ويئي. يورپ ۾ مذهب جي آڙ ۾ جيڪي ظلم ڪيا، انهن کي اڄ به اونداهون دؤر (Dark ages) سڏيو وڃي ٿو، جيڪو لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن تائين جاري رهيو، جنهن مان نڪرڻ ۽ روشنيءَ ڏانهن وڌڻ لاءِ يورپي ماڻهن کي وڏو جُهد ڪرڻو پيو ۽ انهن گهڻيون ئي قربانيون ڏنيون.
يورپ ۾ هونءَ ڪيترائي ڏاها ۽ مفڪر پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجن پنهنجن زمانن تي گهرا ۽ اثر ڇڏيا. جن جي ڪم، عمل ۽ ڪردار هيڻن کي فائدو ڏنو، جن انساني شعور کي وڌڻ ويجهڻ لاءِ نوان ڏس ۽ گس ڏنا. اهڙا ڏاها، عقلمند ۽ عالم ماڻهو غلاميءَ واري دؤر ۾ به پيدا ٿيا، مذهبي برادرين واري دور ۾ به پيدا ٿيا. مختلف تحريڪن، تبديلين جي زماني ۾ به پيدا ٿيا ۽ انهن کان پوءِ به پيدا ٿيندا رهيا آهن، پر هتي آئون خاص طرح ٽن ماڻهن جا ذڪر ڪرڻ گهران ٿو.
انهن ٽنهي مان پهريون آهي ميٿيو آرنلڊ (1822ع کان 1888ع) ٻيو آهي جان رسڪن (1819ع کان 1900ع) ٽيون آهي ٿامس ڪارلائل (1785ع کان 1881ع) انهن ٽنهي کي علمي دنيا ۾ سماجي نقادن (Social Critics) جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. هونءَ ته علم جا اڪابر هئا، ڪيترن ئي علمن ۾ ڀڙ هئا، پر سندن سماجي نقاد واري حيثيت کي وڌيڪ مڃيو ۽ تسليم ڪيو ويو آهي.
انهن ٽنهي ڏاهن کي سماجي نقاد انڪري قرار ڏنو ويو آهي، جو انهن سماجي ارتقا جي بنيادي سوالن کي پنهنجي بحث جو موضوع بنايو، جهڙوڪ سماج ڇا آهي؟ سماج جي بناوت ڪيئن ٿيندي آهي؟ انسان سماجي ترقيءَ جا ڪهڙا ڪهڙا ڏاڪا طئه ڪيا آهن؟ اڳتي ان کي ترقي ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ فرد ۽ سماج جو رشتو ڪهڙو آهي؟ سماجي تبديليون ڇا آهن ۽ ڪيئن ۽ ڇو اينديون آهن؟ ۽ ٻيا اهڙا انيڪ سوال، جن سان انهن ٽنهي ليکڪن معاملو رکيو آهي. انهن سماج جي ترقي ڪري رياست تائين پهچڻ ۽ رياستي عملي اظهار-حڪومت جي طريقيڪار تي به بحث ڪيو آهي ته ان سان گڏ، انهن سوالن تي به ويچاريو آهي ته بادشاهي راڄ کي ختم ڪرڻ جي خواهش ڇو پيدا ٿئي ٿي. انسان جيڪي پنهنجي طور تي حڪومتون قائم ڪيون آهن يا اڳتي به قائم ڪرڻ گهري ٿو، انهن کي ڪيئن هلائجي. انهن ڏاهن سماج جي خوبين ۽ خامين تي ڳالهايو. ان جون ڪمزوريون ڄاتيون، ڪمزوريون ڄاڻي انهن جا علاج تجويز ڪيا.
ميٿيو آرنلڊ هڪ ڪتاب لکيو ”ڪلچر ۽ انارڪي“. انساني ارتقا ۽ ان جي قوم بنجڻ تائين ڳالهه ٿي چڪي. قوم جي خاص ۾ خاص معنيٰ بابت ڳالهه چٽي ٿي. اهو ذڪر به ٿي چڪو ته ڪيترا نه ڊگها زمانا انهيءَ ارتقا ۾ لڳا ۽ اها ارتقا ڪهڙيءَ ريت مختلف لاهن چاڙهن مان گذري.
ميٿيو آرنلڊ پنهنجي ڪتاب ”ڪلچر ۽ انارڪي“ ۾ ٻنهي موضوع تي ڀرپور لکيو آهي. ”انارڪي“ جي معنيٰ آهي ”نراج“ ”نه + راڄ“ جتي راڄ نالي ڪا شيءِ نه هجي. اهو سياسي اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب آهي، اهڙي رياست، جتي قانون نالي ڪا به شيءِ نه هجي. جيئن اسين سنڌ ۾ چوندا آهيون: ”ادا قانون نالي ڪا به شيءِ نه آهي.“ ”ملڪ ۾ ڪو داد فرياد ناهي.“ يا ”مُلڪ ۾ قانون آهي ڪو نه.“ ان جو مطلب آهي ته ملڪ ۾ ”نراج“ آهي. قانون جي ڪا به حڪمراني نه آهي. ميٿيو آرنلڊ جو نقطو آهي ته انسان لاءِ مهذب (Cultured) ٿي رهڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اهو ائين نه ڪندو ته پوءِ اهو جيڪو عمل ڪندو، اهو نراجيت جي کاتي ۾ ويندو. سندس چوڻ آهي ته ماڻهوءَ کي سماج ۾ ڪن ضابطن ۽ اصولن سان رهڻو آهي. ميٿيو جيئن ته انهيءَ زماني ۾ موجود هو، جڏهن بادشاهيون ڊهيون پئي ۽ عوامي راڄ قائم پئي ٿيا. انڪري هن عوامي راڄن جي مضبوطي ۽ انهن جي برقرار رهڻ لاءِ ڪن بنيادي سوالن ۽ پنهنجي انهيءَ دور جي حالتن پٽاندر ممڪن حل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي. هن جي خيال ۾ شهنشاهيون يا بادشاهيون به هڪ قسم جون نراجي حڪومتون هيون، جيڪي ماڻهوءَ کي ماري ڀاڻ ڪنديون هيون، پنهنجيءَ مرضيءَ جا فيصلا ۽ پروانا جاري ڪري رعيت مٿان مڙهينديون هيون. ڏوهيءَ کي بيڏوهي ۽ بيڏوهيءَ کي ڏوهي قرار ڏيئي کين سخت ۽ سنگين سزائون ڏينديون هيون. انڪري رعيت ڊپ ڊاءَ ۽ جان جي امان لاءِ بادشاهي حڪم جي پوئواري پئي ڪندي هئي. اهو ساڳيو حال، رعيت جو، غلامداري دور ۾ به هو. انڪري ميٿيو جو خيال هو ته بادشاهن جي دؤر ۾ رعيت سان اختيار ڪيل غير انساني، غير اخلاقي ۽ غير منصفاڻن روايتن، رواجن ۽ قانونن جو انت اچڻ کپي ۽ عوامي راڄن کي انهن جي پوئواري بلڪل به نه ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ انهن کي ثقافت يا مهذب پڻي مان ڪم وٺڻ گهرجي ته جيئن رعيت جا صدين جا ٿڪ لهي سگهن. جيڪڏهن سڌريل سماجي رويي (Culture) کان ڪم نه ورتو ويو ته رعيت هڪ ڀيرو ٻيهر نراجيت تي لهي ايندي. ميٿيو پنهنجي وقت جي حالتن پٽاندڙ هڪ معقول ۽ مائيدار ڳالهه ڪري ٿو. هوُ نراج ۽ ڪلچر جي اصطلاحن وسيلي ٻن زمانن ۾ فرق بيان ڪري ٿو. هو انهيءَ ڳالهه جو وڪيل آهي ته اهي سڀ برايون،جيڪي پراڻي بادشاهي نظام ۾ هيون، اهي عوامي راڄ ۾ نه هئڻ کپن. هو انهيءَ مسئلي جو حل ڪلچر ۾ ڏسي ٿو، ۽ ڪلچر ۾ ٻن شين جي موجودگيءَ جي نشاندهي ڪري ٿو. هڪ روشني (light) ۽ ٻيو ميٺاج (Sweetness). روشنيءَ مان مراد اهڙي شيءِ آهي، جيڪا اونداهيءَ جو وجود ختم ڪري سگهي. اها روشني جيڪڏهن اکين اڳيان هوندي آهي ته هر شيءِ واضح ۽ چٽي هوندي آهي، پر اها روشني ذهن ۾ هوندي ته اها انسان ۾ علم، ادراڪ ۽ فهم پيدا ڪندي آهي. جڏهن ته ميٺاج کي به ميٿيو هڪ شيءِ نه، پر هڪ اعليٰ قدر طور ڪتب آڻي ٿو. هو ميٺاج کي ماڻهپو قرار ڏئي ۽ هڪ انسان جي ٻئي انسان سان بهتر رويي کي قرار ڏئي ٿو. هن جو دليل آهي ته جڏهن سلطان ويا، نواب ويا، بادشاهه ويا، ته هاڻي انسان آزاد آهي. انهن وٽ جمهوري راڄ آهي. پنهنجي حڪومت آهي. اُن کي کيس پاڻ ئي سنڀالڻو آهي. ان جي نگهباني ڪرڻي آهي، ۽ سڀ لاءِ وٽس رڳي اڪيلي چونڊ آهي ۽ اهو آهي ڪلچر، جنهن ۾ روشني آهي ۽ ميٺاج آهي. ياد رهي ته روشني ۽ علم يا علم ۽ روشنيءَ جو پاڻ ۾ گهرو سٻنڌ آهي. ”روشني“ جو لفظُ ”علم“ جو ۽ ”علم“ جو ”روشني“ جو متبادل رهيو آهي. اسان جي شاعر اياز به انهيءَ ڳالهه کي پرکي ورتو هو، جنهن چيو:
نه ديپ دونهاٽجي ڪڏهن هي، للاٽ جي لاٽ شل جرڪي.
پرهه پري آ پتو نه آهي ته رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي.
اتي ديپ“ جي معنيٰ آهي دماغ. ”للاٽ جي لاٽ“ مان مطلب آهي ”شعور“. ”پرهه“ مان مراد آهي، اها منزل يا اها گهڙي، جتي ”اونداهي“ يعني ”جهالت“ کٽي. انڪري اسان جو شاعر چوي ٿو ته دماغ جو ديپ نه وسامجي ۽ شعور جي وٽ ٻرندي رهي، تان ته ”رات“ جو ڏهاڳ (آزار، اهنج) ختم ٿئي. اسان وٽ به پنهنجي ٻوليءَ ۾ اهڙا اصطلاح موجود آهن، جيڪي روشنيءَ جي معنيٰ چڱائي، علم يا نيڪي ڏيندا آهن. مثال طور چوندا آهن: ”هيءُ ڏِيا وارو ماڻهو آهي.“ ، ”چهري ۾ روشني اٿس.“ وغيره، علم کي ڏيئو به چوندا آهن.